• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بجلي جي لوڊ شيٽنگ جي ڪهاڻي ( ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو)

عاجز سمون

سينيئر رڪن
بجلي جي لوڊ شيٽنگ جي ڪهاڻي ( ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو)

سڄي ملڪ جيان اسان جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيٽنگ جي ڪري انساني زندگي مفلوج بڻيل آهي بجلي سان لاڳاپيل ننڊا ڪاروبار ڪندڙ ڪندڙ ۽ پورهيت بکون پيا ڪاٽين سخت گرمي ۾ اوچتو بجلي وڃڻ ڪري عذاب پربا ٿي ويندو آهي پوءِ تہ بجلي جي اهلڪارن سان گڏ وزيرن تي پٽن پارتن سان گڏ سڄي ملڪ مان هر ماڻهون لعنتون پيو وسائيندو آهي. بجلي جي لوڊ شيٽنگ خلاف روزانہ جون اخبارون ۽ ٽي وي چينل ڀريا پيا آهن. هي سب ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪير بہ پڇاڻو ڪونه ٿو ڪري اسان جا حڪمرانن ڄاڻي چڪا آهن تہ اسان جو عوام پاڻهي رڙيون ڪري خاموش ٿي ويندو.
بجلي جي بحران جا ڪجھ عجيب غريب انڪاف تجزيي نگارن ۽ خود بجلي سان لاڳاپيل وزيرن مشيرن ڪيا آهن چوڻ وارا چون ٿا تہ ملڪ ۾ اصل بجلي جو بحران آهي ئي ڪون؟ انهي پويان بہ وڏي رام ڪهاڻي آهي اگر اها سڄي مان بيان ڪندس سنڌ سلامت جو هر موضوع ڀرجي ويندو پر بحران جي ڪهاڻي ختم ڪون ٿيندي ڀاءُ رشيد سمون اڳ ئي چيو هوتہ سنڌ سلامت لاءُ مضمون جامع ۽ مختصر هجن پر يار بجلي بحران تي ايتريون باهيون آهن جوقلم خود آپي مان نڪتل آهي
بجلي جي بحران بابت حڪومتي ڌر جا ماڻهو اهو چئي جان ڇڏايو ٿا وڃن تہ اهو سب ڪجھ گذريل حڪومت جو ڪارنامو آهي ۽ وري اهي بہ ساڳي ڳالھ ڪندا هئا ! ۽ ديده دليري سان دعواي ٿا ڪن تہ اسين انهي کي سڌاريون پيا اهو اوهان ڏسو پيا؟
جڏهن تہ خزاني سان تعلق رکندڙ شوڪت ترين چئي چڪو آهي تہ اگر بجلي جي هن محڪمہ کي سڌاريو نہ ويو تہ هي سفيد هاٿي اسانجي ڪل معشيت ڳڙڪائي ويندو،
هڪ اندازي موجب اسان جو ملڪ 18هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو پر هن وقت اسان وٽ ست هزارن کان بہ گهٽ بجلي اسان وٽ پيدا ٿي رهي آهي چوڻ وارا چون ٿا تہ انهي ۾ ٻہ انتظامي ، معاشي ۽ نااهلي جا ڪارڻ آهن چيو پيو وڃي تہ بجلي جي محڪمي ۾ قرض وڌي 4 کرپ تي پهتو آهي ۽ واپڊا جو رهتون اوڳاڙجن ڪون ٿيو واپڊا قرضي بڻيل آهي سو قرض ڪٿان لاهي ، تنهن ڪري انهن کي وڌيڪ تيل اوڌر تي نٿو ملي تيل ايترو ٿو ملي جنهن مان جيڪا بجلي پيدا ٿئي ٿي سا پنهنجي سامهون آهي جڏهن اها صورتحال آهي تہ پو لوڊ شيڊنگ ڪٿان ختم ٿيندي ٻيا بہ کوڙ سارا انڪشاف آهن پر هٿ هلڪو ٿو رکان متان بجلي وارا مڇرجي منهنجي بجلي نہ ڪاٽا ڪن سنڌ سلامت وارا ساٿيو ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو سو بجلي جي ڳالھ پوري ٿي
 
جواب: بجلي جي لوڊ شيٽنگ جي ڪهاڻي ( ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو)

سائين اسانجو الله واهي آهي، جيستائين پيارو پاڪستان آهي ته اها حالت ايئن ئي رهندي، چئو ته آءُ اوهانکي اسٽامپ پيپر تي لکت ۾ ڏيان ( ڳالهه ڪنهن سان نه ڪجو) ڀلا معاشي ۽ انتظامي بدحالي ڪهڙي محڪمي ۾ ناهي؟ جي اوهان ڪو هڪ محڪمو ٻڌايو ته آءُ چوندس ته هائو پاڪستان ۾ سڌارو ايندو ۔۔۔ ؟؟؟
چڱا ڪن چڱايون، مدايون مدن
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن

جن قومن کي اسين مسلمان ڀائر سمجهي ڳلي لڳايوسون ۽ پنهنجي هم زبان ڀائرن کي ڪڍي ٻاهر اڇالايوسون ۽ سنڌ جا سمورا وسيلا سندن حويلي ڪياسون، اڄ اهي ڀائر ۽ انهن سان گڏ اسانجا پنهنجا جعفر صادق ۔۔۔ اسانجي ڳچيءَ واري رسيءَ کي وڪڙ ڏئي ڏئي ڏئي، ايترو ته سوڙهو ڪيو آهي، جو هاڻ اکيون ۽ زبان ٻاهر نڪري آيا آهن ۔۔۔ بس ساهه ڏيڻ باقي آهي ۔۔۔
واڳ ڌڻيءَ جي وس ۔۔۔۔
 
جواب: بجلي جي لوڊ شيٽنگ جي ڪهاڻي ( ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو)

سائين ڪنڊي سسٽم ختم ٿي وڃي ته الائي جي ڪيتري بچت ٿئي۔۔۔ هتي صرف 200 ماهوار لائين مين کي ڏئي ماڻهو اي سي ۽ هر قسم جي هاءِ پاور اليڪٽرانڪس کي هلائين ٿا۔۔۔ ڪو اوهي واهي ڪونهي۔۔ پوءِ وري اهڙن ماڻهن جي ڪسر غريبن مان ڳاٽي ٽوڙ هٿرادو بلن جي صورت ۾ نڪري ٿي۔۔۔
 
جواب: بجلي جي لوڊ شيٽنگ جي ڪهاڻي ( ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو)

سائين اسانجو الله واهي آهي، جيستائين پيارو پاڪستان آهي ته اها حالت ايئن ئي رهندي، چئو ته آءُ اوهانکي اسٽامپ پيپر تي لکت ۾ ڏيان ( ڳالهه ڪنهن سان نه ڪجو) ڀلا معاشي ۽ انتظامي بدحالي ڪهڙي محڪمي ۾ ناهي؟ جي اوهان ڪو هڪ محڪمو ٻڌايو ته آءُ چوندس ته هائو پاڪستان ۾ سڌارو ايندو ۔۔۔ ؟؟؟
چڱا ڪن چڱايون، مدايون مدن
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن

جن قومن کي اسين مسلمان ڀائر سمجهي ڳلي لڳايوسون ۽ پنهنجي هم زبان ڀائرن کي ڪڍي ٻاهر اڇالايوسون ۽ سنڌ جا سمورا وسيلا سندن حويلي ڪياسون، اڄ اهي ڀائر ۽ انهن سان گڏ اسانجا پنهنجا جعفر صادق ۔۔۔ اسانجي ڳچيءَ واري رسيءَ کي وڪڙ ڏئي ڏئي ڏئي، ايترو ته سوڙهو ڪيو آهي، جو هاڻ اکيون ۽ زبان ٻاهر نڪري آيا آهن ۔۔۔ بس ساهه ڏيڻ باقي آهي ۔۔۔
واڳ ڌڻيءَ جي وس ۔۔۔۔

سائين هڪڙو شعبو آهي
پوليس وارو شعبو جنهن ۾ هر شيء ٺيڪ آهي
ٻيو عرض ته توهان قبول ڪيو ٿا ته پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙن کي سنڌ مان توهان نيڪالي ڏني ۽ هن قوم کي به توهان آندو
ائين ڀلا ڇو ڪيو سر؟
جواب جي انتظار ۾
 
جواب: بجلي جي لوڊ شيٽنگ جي ڪهاڻي ( ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو)

سائين اسانجو الله واهي آهي، جيستائين پيارو پاڪستان آهي ته اها حالت ايئن ئي رهندي، چئو ته آءُ اوهانکي اسٽامپ پيپر تي لکت ۾ ڏيان ( ڳالهه ڪنهن سان نه ڪجو) ڀلا معاشي ۽ انتظامي بدحالي ڪهڙي محڪمي ۾ ناهي؟ جي اوهان ڪو هڪ محڪمو ٻڌايو ته آءُ چوندس ته هائو پاڪستان ۾ سڌارو ايندو ۔۔۔ ؟؟؟
چڱا ڪن چڱايون، مدايون مدن
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن

جن قومن کي اسين مسلمان ڀائر سمجهي ڳلي لڳايوسون ۽ پنهنجي هم زبان ڀائرن کي ڪڍي ٻاهر اڇالايوسون ۽ سنڌ جا سمورا وسيلا سندن حويلي ڪياسون، اڄ اهي ڀائر ۽ انهن سان گڏ اسانجا پنهنجا جعفر صادق ۔۔۔ اسانجي ڳچيءَ واري رسيءَ کي وڪڙ ڏئي ڏئي ڏئي، ايترو ته سوڙهو ڪيو آهي، جو هاڻ اکيون ۽ زبان ٻاهر نڪري آيا آهن ۔۔۔ بس ساهه ڏيڻ باقي آهي ۔۔۔
واڳ ڌڻيءَ جي وس ۔۔۔۔


مانوارو سائين پاڪستان تي ڳالهائڻ جو ڪو موقعو ضايع نٿو ڪري.

انتظاميه کي پڻ گذراش ڪريان ٿو ته پنهنجن لاڳو ڪيل قانونن جي پاسداري ڪئي وڃي ۽ ڪنهن جي دل آزاري کان احتراز ڪيو وڃي.

 
جواب: بجلي جي لوڊ شيٽنگ جي ڪهاڻي ( ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو)

ماشاء الله! سچ چوڻ تي محترم سائين ابو زين جي دل آزاري ٿي ٿئي ۔۔۔ واه سائين واه۔۔۔ اوهانجي دل آزاري الائجي ڪهڙي ڳالهه سان ٿي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ؟؟؟ جي سمجهايو ته ممڪن ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ۔۔۔

محترم دوست! پاڪستان سان منسوب ڪا هڪ خوبي ٻڌايو ته آءُ پاڪستان جو نعرو هڻن لاءِ تيار آهيان ۽ جي آءُ اوهانکي پاڪستان جي وجود سان ٿيندڙ هزارين ڪوڙ ۽ هزارين خرابيون ٻڌايان ته؟

سچ چوندي يار رسي ته رسڻ ڏجي، ڪپڙو پائڻ سان چڙي ته چڙڻ ڏجي ۔۔۔

رب العالمين اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
جواب: بجلي جي لوڊ شيٽنگ جي ڪهاڻي ( ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو)

بجلي جو مسئلو صرف سنڌ جو ناهي بلڪه پوري پاڪستان ۾ جنهن ۾ پنجاب به شامل آهي جو مسئلو آهي جن پاڪستان ٺآهيو انهن پاڪستان کي موجوده پوزيشن ۾ نه پهچايو هو ۽ جنهن وقت پاڪستان ٺهيو هو ان وقت سائين جي ايم سيد سميت سمورن سنڌين پاڪستان جي حمايت ڪئي هئي هاڻي پنهنجي غلطين ڪوتاهين سان جيڪي مسئلا ۽ مونجهارا ملڪ ۾ موجود آهن انهن کي پاڪستان جو قصور چوڻ به غلط هوندو ڇو ته غلطيون اسان جون پنهنجو آهن (بقول سائين نثار ابڙو )

سڀني دوستن کي گذرش آهي ته پنهنجي خيالن کي لکڻ وقت قانون نمبر 7 ۽ قانون نمبر 9کي نظر ۾ رکن ،

مهرباني
 
جواب: بجلي جي لوڊ شيٽنگ جي ڪهاڻي ( ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو)

سائين اڄ اڃان ڪاوش اخبار حيسڪو جي چيف جو بيان ڇپيو آهي ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڊائريڪٽ نيشنل پاور اسلام آباد مان ڪئي وڃي ٿي۔۔۔ مطلب ته سڄي ملڪ ۾ ايئن ٿيندو هوندو۔۔۔
 
جواب: بجلي جي لوڊ شيٽنگ جي ڪهاڻي ( ڳالھ ڪنهن سان نہ ڪجو)

دل آزاري ۽ احترام ؟؟؟
جيئن تہ منهنجي ليک تي دل آزاري ڪرڻ جي ڳالھ ٿي آهي شا يد ساٿي سنڌ جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي بي واجبي لوڊ شيٽنگ بابت خبرون ڪون ٿا پڙهن تہ انهي ۾ واپڊا ۽ انهن سان لاڳاپيل ڪامورن ، وزيرن جي اسين صحافي ڪهڙي نموني مٽي پليد ڪندا آهيون پو بہ انهن جي مٿي تي جؤن بہ ڪون سرندي آهي رهي ڳالھ پاڪستان جي مخالف جي اها ڪنهن کي بہ اهڙي اجازت نہ آهي مضمون ۾ ڪجھ غلطيون پروف جون ضرور آهن جهڙوڪہ ڃ ڄ لکجي ويو آهي جنهن جي مان ترميم ڪري ٿو ڇڏيان باقي واپڊا وارا جيڪا دل آزاري عوام جي ڪري رهيا آهن انهي جو ازالو ڪير ڪندو ـ؟؟؟؟؟؟؟

ڪـو هوش نہ رهيو آ، بي حـال بي خـودي ۾ ،
نانگن ۾ هٿ وڌاء مون هن جو نقاب سمجهي ـ
 
Back
Top