هيءُ ڪتاب ”ترخان نامو“ چوڏيهن صدي عيسويءَ جي آخري ۽ پندرهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن ۾، وچ ايشيا ۾ متل سياسي مانڌاڻ جو داستان آهي، جنهن ۾ صفوي، شيباني، اوزبڪ، مغل، ارغون ۽ ترخان قبيلا وچ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ واري خوني راند ۾ مصروف هئا. انهيءَ سياسي هلچل، وچ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ، خاص طرح سان سنڌ جي سوين ورهين واري سانتيڪي ماحول ۽ عاليشان عوام دوست حڪومتي دورن ۾ ٿيل بي پناهه زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ واري سفر تي وڏا هاڃيڪار اثر وڏا ۽ آخرڪار سنڌ جي مضبوط سما حڪومت جو انت آڻي ڇڏيو. هيءُ اهو دور هو، جڏهن يورپ جي پهرئين ملڪ پورچوگال جي واپاري لوڪن ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي سامونڊي رستو ڳولي لڌو هو. تنهن دور ۾ يورپ جي ملڪن ۾ سنڌ جي مصنوعات جو وڏو کاپو هو. پورچوگيز واپاري لوڪن گهريو ٿي، ته سنڌ ۽ گجرات جا واپاري رڳو يورپ سان واپار ڪن، انهيءَ ڪارڻ هنن هرمز کاڙيءَ(Strait of Hurmuz)تي قبضو ڪري ورتو، ته جيئن اُهي وچ اوڀر سان صدين کان جاري سنڌ ۽ گجرات جي واپار جو رخ ڦيرائي يورپ ڏانهن ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ سنڌي/ عربي سمنڊ تي پورچوگيزي جهازن جو قبضو ٿي چڪو هو. جيئن ته اهو سڀ ڪجهه سما حاڪم ڄام نظام الدين جي آخري دور ۾ ٿيو هو. تنهن ڪري انهيءَ مسئلي تي تُرڪ، گُجراتي ۽ سنڌي حڪمرانن، پاڻ ۾ ڪجهه سياسي لهه وچڙ به ڪئي. ڄام نظام الدين جي وفات کان وپءِ سنڌ ۽ گُجرات جي واپار کي بچائڻ لاءِ تُرڪ سلطان سليمان عاليشان، گُجرات جي حاڪم مح۾ود شاهه بيگڙي ۽ سنڌين جي گڏيل 20 هزار بحري / سامونڊي فوج هرمز کاڙيءَ وٽ 1513ع ۾ پورچوگيزين سان مهاڏو اٽڪايو، پر هو اتان پورچوگيزين جو قبضو ختم ڪرائي نه سگهيا. انهيءَ دور ۾ ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي واپار، توڙي ڪُلي اختيار ۽ اقتدار، ٻنهي کي ٻاهريون للڪارون سامهون آيون، جن کي سياسي تدبر ۽ ڏاهپ سان مُنهن ڏيڻ جي ضرورت هئي. پر بدقسمتيءَ سان اها متحد ۽ معتبر قيادت اڻلڀ هئي. انهيءَ ڪري ننڍي کنڊ جي مختلف ڀاڱن ۾ انهن للڪارن کي انفرادي حيثيت سان منهن ڏيندي ڪيترائي سرفروش ڪردار نظر اچن ٿا. انهيءَ زماني ۾ چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جو اهو اولاد، جن ارغون، ترخان ۽ مغل حڪمرانن جي شڪل ۾ ساندهه ٻه سؤ ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي، تن جو هڪ وڏو امير ذوالنون ارغون (884هه/80_1479ع)، افغانستان/ خراسان جي حڪمران سلطان حسين بايقرا جي دور ۾ قنڌار تي پهريائين صوبيدار ۽ پوءِ حاڪم جي حيثيت ۾ حڪمراني ڪندي نظر اچي ٿو. 913هه/ 1507ع ۾ محمدخان شيباني اوزبڪ درياءُ جيحون پار ڪري افغانستان / خراسان کي فتح ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. اُن وقت افغانستان تي سلطان حسين بايقرا جو پٽ بديع الزمان حڪمران هو. محمد خان شيباني اوزبڪ سان ميئراڪ واري ميدان ۾ بديع الزمان، ارغونن، ترخانن ۽ ٻين خراساني قبيلن جي فوج مهاڏو اٽڪايو، پر کين شڪست آئي ۽ امير ذوالنون ارغون مئراڪ واري معرڪي ۾ مارجي ويو. زماني جي بدلجندڙ رنگ کي ڏسي امير ذوالنون جي پُٽ شاهه بيگ ارغون _ محمد خان شيبانيءَ کي پنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو يقين ڏياريندي، قنڌار تي پنهنجي حڪمرانيءَ جو حق حاصل ڪري ورتو. انهيءَ واقعي کي ٻه سال مس گذريا هوندا، ته 915هه/10 _ 1509ع ۾ شاهه اسماعيل صفويءَ ايران ۽ توران کان پوءِ موجوده افغانستان جي اولهه ڏکڻ ۽ خاص ڪري هرات واري علائقي تي قبضو ڪري ورتو، جنهن ۾ محمد خان شيباني مارجي ويو. انهيءَ زماني ۾ فرغانہ جي رياست جي حڪمران عمر شيخ ميرزا جو پٽ بابر، پيءُ جي مرڻ کان پوءِ رياست وڃائي پنهنجي لشڪر سوڌو ڪابل ۾ اچي لٿو هو. انهيءَ اقتدار جي ڪشمڪش ۽ سياسي هنگامن جي ور چڙهيل افغانستان جي رڳو هڪ شهر ”قنڌار“ تي آخر ڪيسيتائين شاهه بيگ ارغون پنهنجي حڪمراني قائم رکي سگهيو ٿي؟ اها ڳالهه چڱيءَ ريت کيس سمجهه ۾ آئي ٿَي. تنهنڪري هن پنهنجي قبيلي وارن ۽ ساٿين کي چيو ته: ”هاڻي هن ملڪ ۾ رهڻ ڏکيو آهي، ۽ هڪ ڏينهن بابر بادشاهه اسان کي هتان ضرور هڪالي ڪڍندو. ان ڪري هاڻ ٻيا ملڪ ڏسڻ گهرجن.“ ان حوالي سان کين سنڌ _ سائو، سُکيو ۽ سَڻائو مُلڪ نظر ٿَي آيو. سنڌ جي حڪمرانن پاران ٺاهيل صدين جي شاهوڪاريءَ پڻ ارغونن کي هرهر هرکايو ٿَي. هونئن به هاڻ اها سنڌ ته رهي ڪانه هئي، جنهن جو اقتدار اعليٰ ۽ والي وارث نظر ايندو هجي. سنڌ جو داناءُ ۽ ڏاهو حڪمران ڄام نظام الدين سن 914هه/1508ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جاءِ نشين ڄام فيروز سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو هو، جيڪو سياسي بصيرت، ڏاهپ ۽ سياڻپ ۾ پنهنجي پيءُ وانگر حڪمرانيءَ جا ڳُڻ رکندڙ نه هو. سندس سؤٽ ڄام صلاح الدين سنڌ جي اقتدار جي جنگ ۾ هن جو سياسي حريف هو، جيڪو تڏهوڪي گُجرات جو حاڪم جو نياڻو به هو. هُن گُجراتي ۽ ڪڇيءَ جوڌن جي مدد سان 917هه/12_1511ع ۾ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ننگر ٺٽي تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ عمل جي ڪري سما خاندان ۽ سنڌ ۾ سخت سياسي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. سنڌ جو هيڪلو آدرشي انسان ۽ ڄام نندي جو پٽيلو وزيراعظم ۽ سپهه سالار دولهه دريا خان انهيءَ گهرو اقتداري جنگ ۾ ڪنهن به ڌُر جي ساٿ ڏيڻ بابت ڪوبه فيصلو نه پئي ڪري سگهيو ۽ ماٺ ڪري پنهنجي جاگير باغبان تائين محدود ٿي ويو هو.جيئن اڪثر ڪري تاريخ ۾ نظر ايندو، ته ڪڏهن ڪڏهن قومن جي برک ڏاهن ۽ دانائن جي، وقت مطابق فيصلو نه ڪري سگهڻ جا ڪيتا قومون صدين تائين لوڙينديون آهن، هتي به ائين ٿيو. سڄي ملڪي سياست ڄام فيروز جي والده ”مائي مدينہ“ جي عقل تي هلڻ لڳي. سن 919هه/16_1515ع ۾ ٻيهر حڪومت وٺڻ ۾ ڄام فيروز جي مدد وري دولهه دريا خان ڪئي. انهيءَ زماني ۾ ڪيترائي افغاني خاندان ٺٽي ۾ وسي ويا هئا ۽ مٿان وري قنڌار جي مستقل حاڪميت کان مايوس ٿيل شاهه بيگ ارغون جي سنڌ جي انهيءَ غير مستقل سياسي صورتحال تي ڪَرڙي نظر هئي. ان ريت رولاڪ ارغونن کي سنڌ جي حڪومت ۾ عمل دخل جو هڪ سونهري وجهه ملي ويو. سنڌ ملڪ محلاتي سازشن جي ور چڙهي ويو هو. انهيءَ سڄي نڀاڳ جو ڪارڻ سنڌ جي حڪمران خاندان جي ٻن سڳن سئوٽن ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين جي اقتدار واري جنگ هئي. سن 917هه/1512ع ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ تي ڪاهه ڪئي، جتان جي حڪمران سلطان برولي برلاس ٽي هزار بلوچ ۽ ٻيو لشڪر ساڻ ڪري سندس مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي ويو. ٻن سالن تائين شاهه بيگ ارغون جو لشڪر سيويءَ ۾ لنگهڻ ڪَٽيندو ۽ گوگڙو کائي گذارو ڪندو رهيو. هوڏانهن سن 919هه/15_1514ع تي بابر قنڌار تي حملو ڪيو، پر پاڻ سخت بيمار ۽ ضعيف ٿي پيو، بيمار جي عيادت جي بهاني سان شاهه بيگ ارغون کيس سوکڙيون موڪلي وقتي طرح سان جنگ کي ٽاري قنڌار جو اقتدار بچائي ورتو. سن 920هه/1515ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي بُکي فوج _ باغبان ۾ ڳاهن جي ڳوٺ تي حملو ڪري، مال، متاع، اناج ۽ نارن ۾ وهندڙ اُٺن تائين ڦرلٽ ڪري هلي وئي. سن 921هه/16_1515ع ۾ شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي پهريون حملو ڪيو، پر سنڌي فوج جي زبردست مقابلي بعد ماڻهو مارائي واپس موٽي ويو. سن 922هه/1517ع ۾ بابر بادشاهه ٻيهر قنڌار جو رخ ڪيو. شاهه بيگ ارغون هڪ سال جي مهلت گهري ۽ سن 923هه/18_1517ع ۾ واعدي مطابق شاهه بيگ ارغون قنڌار جو اقتدار هميشه لاءِ بابر جي حوالي ڪري پاڻ شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ کان پوءِ سنڌ تي حڪمرانيءَ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو. سنڌجي ڪمزور حڪومت بابت کيس گهڻي ڄاڻ به هئي. ڄام فيروز جي دور ۾ جيڪي ارغون ٺٽي ۾ آباد ٿيا هئا، اهي شاهه بيگ ارغون کي ٺٽي جي سياست جي پَل پَل جي خبر پُجائيندا ٿي رهيا. سن 923هه_925هه/1517ع_1519ع تائين وارو سمورو عرصو شاهه بيگ ارغون، شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ ۾ پنهنجو اقتدار مضبوط ڪرڻ ۾ گذاريو ۽ 11_ محرم 926هه/1519ع تي هن ننگر ٺٽي تي هڪ وڏي حملي ڪرڻ لاءِ ڪاهه ڪئي. ڌارين جي يلغار خلاف دولهه دريا خان باغبان پرڳڻي مان پنهنجن پُٽن ۽ سنڌ جي راڄن جي فوج سان گڏ وطن بچائڻ لاءِ مقابلو ڪيو ۽ پٽن سوڌو شهيد ٿي اَمر ٿي ويو. جڏهن ته ڄام فيروز _ شاهه بيگ ارغون آڏو پيش پيو، جنهن جي صلي ۾ کيس ٺٽي جي عارضي حڪمراني ڏني وئي، البت سيوهڻ جي حڪمراني شاهه بيگ ارغون پاڻ وٽ رکي ڇڏي. هن موقعي جي حوالي سان روايت آهي، ته ٺٽي جي هڪ سنڌي عالم قاضي قاضن، شاهه بيگ راغون کي مشورو ڏنو ته: ”سنڌ ۾ ڪرڙ ڪانڊيرا جام آهن، ان ڪري کهيڙو هميشه ساڻ هئڻ گهرجي.“ اها ڳالهه سمجهندي هُن _ وٽس آيل سنڌ جي راڄن جي چڱن مڙسن کي، اتي جو اتي قتل ڪرائي ڇڏيو. شاهه بيگ ارغون هاڻي سبيءَ کان وٺي سيوهڻ تائين اهم علائقن تي قابض ٿي پنهنجي حڪومت مضبوط ڪري رهيو هو. تان جو چئن سالن کان پوءِ شعبان 930هه/1524ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي مرڻ جي ڄاڻ ٺٽي ۾ پهچڻ تي، ڄام فيروز ۽ شهر واسين وڏا جشن ڪيا. اِها خبر ٻڌڻ کان پوءِ شاهه حسن ارغون شوال جي مهيني ۾ ٺٽي تي ڪاهه ڪري قبضو ڪري ورتو. هن قبضي خلاف ڄام فيوز چاچڪن ۽ راهمن جي ڳوٺ پهچي اٽڪل پنجاهه هزار سوار ۽ پيادا ساڻ ڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو. ارغونن جي لشڪر کي ڏسي سنڌي جوڌا پٽڪن جا سندرا ٻڌي، انهن جا پلاند هڪ ٻئي ساڻ ٻڌي جنگ لاءِ تيار ٿيا، ان جنگ ۾ ويهه هزار سنڌي سورما شهيد ٿيا، پنهنجي هار ڏسي ڄام فيروز گُجرات ڏانهن هليو ويو. ان ريت سڄو سنڌ ملڪ ارغونن جي قبضي هيٺ اچي ويو. سن 931هه/1525ع ۾ ڄام فيروز سنڌ جي حڪومت ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڇين ۽ گُجراتين جو 50 هزار لشڪر ساڻ وٺي آيو، پر شڪست کائي واپس موٽي ويو. سن 935هه/1526ع ۾ هن ٽيهر سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر هن ڀيري به شڪست سندس مقدر بڻي. هاڻ هو هڪ وڏي فيصلائتي جنگ جي تياري لاءِ ڪڇ ۽ گجرات ۾ پنهنجي عزيزن سان صلاحون ۽ تياريون ڪري رهيو هو، ته اوچتو سن 942هه/34_1533ع ۾ گجرت جي حاڪم سلطان بهادر ۽ مغل بادشاهه همايون جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام فيروز زندهه گرفتار ٿيو ۽ پوءِ همايون جي فوج کيس قتل ڪري ڇڏيو. ان دوران شاهه حسن ارغون سنڌ جي سرحد کي هر پاسي کان محفوظ ڪيو. هن شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي. سنڌ ۾ اچي حڪومت جا خواب ڏسندڙ همايون کي وڏي ڏاهپ ۽ هوشياريءَ سان قنڌار روانو ڪيو ۽ جتان هن ايران پهچي شاهه طهماسپ جي فوجي مدد سان هندستان جو تخت ۽ تاج ٻيهر حاصل ڪيو. ان ريت شاهه حسن ارغون سنڌ کي ڪجهه وقت لاءِ مغلن جي تسلط کان بچائي ورتو. پوءِ شاهه حسن ارغون نپٽو ئي مري ويو. ان ريت سنڌ جي حڪومت ارغونن جي پراڻن ساٿين ۽ عزيزن ترخانن جي حوالي ٿي وئي. ارغونن جي ڀيٽ ۾ ترخانن سنڌ کي پنهنجو وطن ٿي سمجهيو، ارغونن وانگر هو پنهنجا مڙهه مديني کڻائي نه ويا. بلڪ هو ننڍي کنڊ ۾ جتي به هئا، هنن سنڌ/مڪلي کي پنهنجو مڙهه مقام ٿي سمجهيو. هنن سنڌ جي سوڍن ۽ سميجن مان شاديون ڪيون، ميرزا باقي بيگ کي ته ترخان چوندا ئي هئا: ”سنڌي بچا!“ سنڌي ماءُ جو پُٽ هوندي به هن جي مزاج ۾ چنگيزي رت واري وحشت هئي. هن ٺٽي شهر وارن سان گڏ ترخانن ۽ ارغونن جي به وڏي نسل ڪشي ڪئي ۽ آخر ۾ پٽ جي اوچتي مرڻ تي پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏيائين. سنڌ سان گهري محبت ڪندڙ ۽ مرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ دفن ٿيڻ کي پسند ڪندڙ اهي سنڌ جا ترخان حڪمران، دليريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندي به تدبر ۾ سما حڪمرانن جهڙا ڏاها ڪونه ٿي سگهيا هئا، جن سنڌ جي صنعت ۽ زراعت کي وڏو اوج ڏياريو هو. ترخانن، ارغونن دور جي لاقانونيت تي ڪجهه ضابطو آندو هو، پر اُن هوندي به سندن دور جا ڪجهه واقعا مٿن تنقيد جو سامان مهيا ڪن ٿا. جهڙوڪ: سن 963هه/57_1556ع ميرزا عيسيٰ اول پاران بکر جي حاڪم سلطان محمود ڪوڪلتاش سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پورچوگيزين کان فوجي مدد طلب ڪرڻ ۽ انهن جي پهچڻ کان پهرين بکر جي حاڪم سان ٺاهه ڪرڻ، اهو اطلاع ٻڌندي. پورچوگيزي لشڪر جو اڳواڻ پيڊروبيئرٽو ڇتو ٿي پيو ۽ هن پنهنجي لشڪر کي ٺٽي شهر تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حڪم جي تعميل ۾ ٺٽي شهر کي لٽيو ڦريو ۽ ساڙيو ويو. انهيءَ حملي ۾ ٺٽي شهر جا اٺ هزار معصوم شهري پورچوگيزين جي ترارن جو بُک بڻيا. پورچوگيزين ٺٽي شهر مان 20 لک پائونڊن جيتري ڦرلٽ ڪئي. انهيءَ واقعي کان پوءِ ميرزا عيسيٰ اول لاهري بندر کان ٺٽي ڏانهن ايندڙ پرڏيهي جهازن لاءِ دولهه دريا خان جي جوڙايل آبي گذر گاهه کي وزني پٿرن سان ڀرائي جهازن جي لنگهڻ جوڳو نه ڇڏيو، جنهن ڪري ٺٽي جي خشڪ گودي(Out Post)واري حيثيت ختم ٿي وئي، ٺٽي جي واپار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ ٺٽي شهر سان گڏ ڏکڻ سنڌ جي صنعتي شهرن جي صنعتي ترقيءَ کي پڻ وڏو نقصان پهتو، جنهن جو ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو. انهيءَ هوندي به ترخان حڪمرانن کي سنڌ جا بهترين منتظم حڪمران نه چوڻ تاريخ سان بي انصافي ٿيندي. ميرزا جاني بيگ اهو سنڌي ترخان حڪمران هو، جنهن جي طاقت کان دهليءَ جا حڪمران خائف هئا. هن سنڌ جي ويڙهاڪ سگهه کي منظم ڪيو ۽ قلعي اڏائڻ ۾ ايتري طاقت ۽ ڦڙتائي حاصل ڪئي. جو سندس اڏاوتي ماهر رات وچ ۾ قلعو اڏي ويندا هئا.هن لَڪيءَ جي جبلن ۽ سيوهڻ جي ڪنٽومينٽ واري حيثيت کي سمجهندي، ڊگهي جنگي حڪمت عمليءَ جا اهڙا نوان مثال قائم ڪيا، جو مغل ڪڏهن به سنڌ فتح نٿي ڪري سگهيا. هن سن 994هه/86_1587ع ۾ اڪبر جي سپهه سالار محمد صادق خان جي فوج کي ڊگهي جنگ وڙهڻ واري حڪمت عمليءَ وسيلي مات ڏئي دهلي روانو ڪيو. جنهن کان ٿورو وقت پوءِ سن 998هه/88_1587ع ۾ اڪبر اعظم وڏي فوجي تياريءَ سان عبدالرحيم خان خانان کي موڪليو. ميرزا جاني بيگ جو هڪ اهم ماڻهو گوريو (مهتو)، جنهن تي سنڌ جي حڪومت گهڻو ڀاڙيندي هئي، تنهن جي سازشن ڪري ميرزا جاني بيگ ڪمزور ٿي پيو ۽ آخرڪار آڻ مڃيندي اڪبر اعظم جي حضور ۾ پيش ٿيو. اڪبر کيس تمام گهڻي عزت ڏني، کيس سنڌ جو غير حاضر حاڪم تسليم ڪيائين. اڪبر اعظم دکن، اسير گڙهه، احمد نگر جا قلعا فتح ڪرڻ واري مهم ۾ ميرزا جاني بيگ کي سياسي حڪمت عمليءَ تحت پاڻ سان گڏ رکيو هو. هن سنڌ تي رڳو ست سال حڪمراني ڪئي. يارهن سالن تائين سنڌ جي غير حاضر حڪمران طور مغلن جي فوجي مهمن ۾ مصروف رهيو ۽ 27_ رجب 1009هه مطابق 2_ فيبروري 1601ع جي سرسام جي مرض ۾ مبتلا ٿي اسير ڳڙهه ۾ وفات ڪري ويو، سندس وصيت موجب کيس مڪليءَ تي دفنايو ويو. شروعاتي جوانيءَ جي ڪجهه ذاتي اخلاقي ڪوتاهين جي باوجود، هو سنڌين جو دلپسند حڪمران ٿي رهيو. ميرزا غازي بيگ، ميرزا عيسيٰ ترخان ثاني اهي سمورا ترخان حڪمران ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکرجي دهليءَ جي مغلن جي اثر هيٺ اچڻ کان پوءِ به هندستان ۾ جتي به رهيا. سنڌ کي پنهنجو اباڻو وطن سمجهندا رهيا ۽ مرڻ کان پوءِ پنهنجا جسم سنڌ جي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي وصيت ڪندي مڪليءَ جي قبرستان ۾ دفن ٿيا. سندن فوجي طاقت ۽ ڏاهپ کي دهليءَ جي مغل حڪمرانن پنهنجي حريفن کي اسير ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني استعمال ڪيو. مغلن کين دکن، گجرات ۽ پنجاب جي شورشن ۽ بغاوتن کي چٿڻ وارين فوجي مهمن ۾ مصروف رکيو. هو سنڌ جا غير حاضر امير ۽ حڪمران هوندي به باوقار رهيا. انهيءَ دور جو سڄو احوال سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي پنهنجي تصنيف ڪيل هن ڪتاب ”ترخان نامو“ ۾ تفصيلي ڏنو آهي. ’ترخان نامو‘ تاريخ جي مضمون سان دلچسپيءَ ۽ واسطو رکندڙ استادن، شاگردن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ بيحد ڪارائتو ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو اصل متن فارسيءَ ۾ لکيو ويو هو، جنهن جو پهريون فارسي ڇاپو سيد حسام الدين راشديءَ ترتيب ڏئي سنڌي ادبي بورڊ وٽان 1964ع ۾ ڇپرايو هو. ڪتاب جي اهميت کي نظر ۾ رکندي جناب ميرزا عباس علي بيگ کان سنڌيءَ ۾ اُن جو ترجمو ڪرايو ويو. جنهن مذڪوره ڪتاب ۾ واڌارا ۽ اضافا ڪيا آهن. انهيءَ سنڌي نسخي جو پهريون ڇاپو 1994ع ۾ بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو. جيئن ته انهيءَ نسخي جون ڪاپيون ٿورڙيون ڇپايون ويون هيون ۽ ٻيو ته ان ۾ مواد، سهيڙ ۽ ترجمي جون ڪافي غلطيون رهجي ويون هيون، تنهنڪري اهو نسخو تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ استادن ۽ شاگردن جي صحيح رهنمائي ڪرڻ کان قاصر هو. ان سبب کي نظر ۾ رکندي بورڊ طرفان ”ترخان نامو“ جي نئين صحتمند ڇاپي پڌري ڪرڻ جا اپاءَ ورتا ويا. شجرن ۾ فارسيءَ جو تفصيل مونجهارو پيدا ڪري رهيو هو. انهيءَ مونجهاري کي ختم ڪرڻ لاءِ جناب حڪيم نياز همايونيءَ کان مدد حاصل ڪئي وئي، جنهن صاحب شجرن ۾ ذڪر آيل تفصيل ۽ حاشين کي سنڌي ويس ڍڪائي سنڌي پڙهندڙن لاءِ اها مشڪل آسان ڪري ڇڏي. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ جو هيءُ نسخو مواد جي غلطين کان صاف ٿي ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. ڪتاب جي هن ڇاپي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي جنرل هسٽريءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمدلاکي جي تعاون ۽ پبليڪيشن آفيسر مسٽر عبدالحفيظ قريشيءَ جي محنت جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ڇاڪاڻ ته سندن طرفان اهڙي سهڪار کانسواءِ ڪتاب ۾ پراڻيون ڪوتاهيون ڪڍي نه سگهجن ها. انعام الله شيخ ڇنڇر 5_ شعبان العظم 1426هه بمطابق 10_ سيپٽمبر 2005ع سيڪريٽري (سابق) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ