سنڌ فيسٽيول شروع ٿي ويو، موهن جي دڙي تي رنگ برنگي تقريب، آرٽسٽن جي پرفارمنس

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڪاوش رپورٽ

    (موهن جو دڙو/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) سنڌ ماٿري جي تاريخي ماڳ موهن جي دڙي تي رنگ برنگي پروگرام سان سنڌ فيسٽيول جو باضابطا آغاز ٿي ويو آهي، فيسٽيول جا پروگرام 15 فيبروري تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جاري رهندا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ فيسٽيول جي پروگرامن جو افتتاح ڪيو، هن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي شاهوڪار تهذيب کي سڄي دنيا ۾ روشناس ڪرايو ويندو، فيسٽيول ۾ موجود سڀني ماڻهن کي ثقافت لاءِ وڙهڻ گهرجي، سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرايو ويندو، سنڌ فيسٽيول جو پهريون پروگرام ڪالهه موهن جو دڙو تي اسٽوپا آڏو ٺاهيل اسٽيج تي شروع ٿيو، عيني خان ۽ ٻين آرٽسٽن موهن جي دڙي جو پراڻو ناچ ڏيکارڻ لاءِ آئٽم پيش ڪيو، افتتاحي تقريب ۾ شهيد بينظير ڀٽو جون ٻئي نياڻيون بختاور ۽ آصفه به موجود هيون، جڏهن ته يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي فريال ٽالپر، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ڊاڪٽر فهميده مرزا، ذوالفقار مرزا، تاج حيدر، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني، نثار احمد کهڙو، چوڌري اعتزاز احسن ۽ قمرالزمان قائره سميت پيپلزپارٽي جا مرڪزي اڳواڻ، چونڊيل نمائندا توڙي مختلف ملڪن جا سفير ۽ پرڏيهي مهمان شريڪ ٿيا، موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي منجهند کان وٺي خاص اڏامن ذريعي مهمانن کي موهن جو دڙو جي تاريخي ماڳ تائين پهچايو ويو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين وي آءِ پيز کي بلٽ پروف گاڏين ۾ سخت سيڪيورٽي هيٺ پروگرام ۾ پهچايو ويو، پروگرام ۾ شرڪت لاءِ خاص پاسون جاري ڪيون ويون هيون، ميڊيا کي به پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي، ٻاهر گيٽ وٽ وڏي اسڪرين لڳائي ميڊيا کي ڪوريج ڪرڻ ڏني وئي، موهن جو دڙو کي مختلف رنگن جون روشنيون پيدا ڪندڙ لائيٽن سان سينگاريو ويو هو، مختلف ثقافتي اسٽال لڳائڻ سان گڏ اسٽيج تي موهن جو دڙو جي هزارين سال پراڻي زندگي بابت فلمايل ڊاڪيومينٽري به پيش ڪئي وئي، سنڌ فيسٽيول جي افتتاح دوران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ فيسٽيول انقلابي قدم آهي، موهن جو دڙو جو تاريخي ماڳ سڄي دنيا اندر ڌيان جو مرڪز بڻيو آهي، ثقافت توڙي تاريخ کي سڄي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ هي سنڌ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هن پنهنجي ناني شهيد ڀٽي ۽ شهيد امڙ جي نقش قدم تي هلندي سنڌ جي تهذيب کي دنيا ۾ روشناس ڪرڻ، محفوظ ڪرڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ اڄ اهڙو قدم کنيو آهي، جنهن جا ايندڙ وقت ۾ بهتر نتيجا ملندا، هن آخر ۾ نعرو هنيو ته ”مرويسون، مرويسون، پر سنڌ نه ڏيسون“، جڏهن ته سنڌ فيسٽيول جي افتتاحي تقريب دوران سنڌ جي مشهور فنڪار شمن ميرالي گيت ”ڪيٽي بندر تي“ ڳايو ته بلاول ڀٽو زرداري سميت وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا توڙي پرڏيهي مهمان جن ۾ ليڊيز جو به وڏو تعداد هو، تاڙيون وڄائي جهومندا رهيا، راحت فتح علي خان ۽ سائين ظهور به پرفارم ڪيو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    چون ٿا ته بختاور ڀٽو ڪو ”اسپيشل ريپ سانگ“ پڻ ڳايو هو۔۔۔ اهو راڳ ڪيئن ٿيندو آه۔۔۔ ۽ جن سنڌين لاءِ ڳايو ويو آ۔۔ پر ٻڌي نه سگهيا هجن ته ٻڌي وٺو۔۔۔

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    خبر اها به آهي ته سنڌ فيسٽيول ۾ سنڌي ثقافتي صوفي راڳين کي اچڻ ئي نه ڏنو ويو۔۔۔ جنهن تي لوڪ فنڪارن اها پنهنجي بي عزتي سمجهندي جتي جاءِ ملي اتي ئي ڳائي روانا ٿيا۔۔۔

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ فيسٽيول جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هئي جو مان اردو اسپيڪنگ دوستن سان گڏ ويٺو هيس ته هو ٽوڪي رهيا هئا ته سنڌ فيسٽيول جي شرعات اردو گيتن سان ڪئي وئي ڪافي دير کانپوءِ سنڌي کيت شروع ٿي۔

    مان ته سمجهان ٿو ته سنڌي ثقافت واري پروگرام ۾ اردو گيتن جي ضرورت ڪان هئي صرف سنڌي گيت ڳايا وڃن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پر وري سوچيم ته فيسٽيول ڪرائڻ واري ۽ پاڻ کي سنڌي سڏائيندر کي ئي سنڌي ڪون ٿي اچي پوءِ ان تي ڪهڙي ميار
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. sanaullah solangi

    sanaullah solangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Los Angeles, California
    بلاول ڀٽوپاڻ کي سنڌي سڏائيندر کي ئي سنڌي ڪون ٿي اچي پوءِ ان تي ڪهڙي ميار
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  19. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    [​IMG]

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    اهڙا فيسٽيول هزارين ٿيڻ گهرجن ۽ هر روز ٿيڻ گهرجن اسان فيسٽيول جا حمايتي آهيون پر ڪوشش ڪجي ته ورثي ۽ ٻولي کي پوئتي نه ڪجي جيئن فيسٽيول ۾ صرف سنڌي فنڪارن سنڌي ٻولي استعمال ڪئي باقي پروگرام ۾ رڳو اردو هلي رهي هئي اسان جي فطق ايتري گهر آهي ته جيڪڏهن فيسٽيول سنڌ جي تاريخ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ئي جوڙيو ويو آهي ته انهن مڪمل طور تي اجاگر ڪجي ٻولي سان ثقافت سان تهذيبي تمندن سان۔۔۔ مهرباني
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو