برطانيا ۾ اسڪولن جو وقت هاڻي 9 ڪلاڪن تائين هوندو

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2014۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    هڪ نظر.....
    برطانيا ۾ اسڪولن جو وقت هاڻي 9 ڪلاڪن تائين هوندو.

    برطانيا جي اسڪولن ۾ تدريسي عمل جي وقت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، اهڙو منصوبو برطانيا جي پارليامينٽ ۾ غور هيٺ آهي. انهي منصوبي تحت ٻارن کي روزانو اسڪولن ۾ 9 ڪلاڪ گذارڻا پوندا ۽ اسڪولن ۾ موڪلن کي به مختصر ڪيو ويندو. اهڙو منصوبو پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ پڙهندڙ 5 کان 16 سالن تائين، جي ٻارن تي لاڳو هوندو. اهو منصوبو برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جي اڳوڻي صلاحڪار ۽ ٽوري پارٽي جي اڳواڻ پائول ڪربي جوڙيو آهي، جنهن ۾ اسڪولن جي ٽائيمنگ صبح جو 9 بجي کان شام 6 بجي تائين وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. برطانوي اسڪولن ۾ عام طور تي تدريسي عمل هر روز صبح جو 8 لڳي 30 منٽ يا 9 وڳي کان شروع ٿيندو آهي ۽ منجهند جو 3 لڳي 15 منٽ يا وڌ ۾ وڌ 3 لڳي 30 منٽن تائين جاري رهندو آهي پر منصوبي جي منظوري کانپو اسڪولن ۾ ٻارن کي 3 ڪلاڪ وڌيڪ گذارڻا پوندا. لاڳاپيل منصوبي تحت اسڪولن جو ساليانو تدريسي عمل 45 هفتن تي مشتمل هوندو جڏهن اهم موقعن ۽ موڪلن مثال طور ڪرسمس، ايسٽر، اونهاري ۽ هاَف ٽرمز جون موڪلون 2، 2 هفتن تائين مختصر ڪرڻ جي تجويز رکي وئي آهي. هن تجويز جو مطلب آهي ته اسڪولن جي 13 هفتن جون موڪلون مختصر ٿي 7 هفتن تائين محدود ٿي وينديون. جناب ڪربي روزاني ”سن“ سان ڳالهائيندي چيو ته نئين منصوبي تي عمل درآمد ٿيڻ سان تعليمي شعبي جا ڪيترائي مسئلا ختم ٿي ويندا.
    شال اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ نه سهي پر سنڌ صوبي ۾ ئي اهڙو منصوبو جوڙيو وڃي، جنهن اسان اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪجهه سڌارو اچي وڃي۔ هن وقت اسان جي سنڌ صوبي جي تعليم تباهي جي ڪناري تي پهتي آهي، ڪجهه ڏينهن کان پرائمري ٽيچرس جو احتجاجي مظاهرو هلي پيو، جيڪو پڻ ٻارن جي پڙهائي ۾ تباهي جو ڪارڻ نظر اچي رهيو اهيو، خبر ناهي پرائمري ٽيچرس کي ويڪشن دوران اهي احتجاجي مظاهرا ڇو نه ياد ايندا آهن۔ الله پاڪ اسان جي استادن کي به ڪجهه هدايت ڏئي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو