آءُ ساڳيو، گهوڙا ٻاري جو پرائمري استاد، اوهان سامهون. هي لفظ توهان تائين رسڻ گهڙي مجاورن جي سرڪار جڙي چڪي يا ٺهڻ جي آخري مرحلي ۾ هوندي. چونڊن جي گهمسان کي پوري ٿئي ٽي هفتا گذري چڪا آهن. مون واري سرسامي ڪيفيت جو انجام اڃا ناهي ٿيو. اچرج وڪوڙبو ٿو وڃان ڏهاڙي ٻه ٽي اخبارون ۽ رسالا پڙهندو رهيو آهيان. ٽي وي ۽ ريڊيو تي هلندڙ سماچارن کان پڻ واقفيت رکان ٿو. چوڌاري پساهه کڻندڙ خلق بابت نت نوان خيال آهن، جن جو طوفان هر پاسي پيو چڪر هڻي، ڏسان ٿو پيو ته اليڪشن کان اڳ اڇلايل پئسن جي ميڙ ڪندڙ جيون ڪيئن هاڻ سا رقم پيا کپائين. نوجوانن جون موٽر سائيڪلون، ننڍيرڙا زميندار ۽ سندن وِتَ آهر ڪارون. هتان سرسي ماڻيندڙ عوامي نيتا واپس موٽي الائي نه، اسان وارو لاڙ جو خطو ۽ سامونڊي ٻيٽ کپائڻ جا سانباها ائين جو ائين اٿن. حڪومتي ڌر ٻيهر اليڪشن کٽي شينگ ٿي وئي آهي. سمجهن ٿا، هڙئي اختيار ملي ويا اٿن. معاف ڪندا. آءُ ڪنڊائتو ويهي ان ريت ٿو سوچيان. ڏاهو، ساڃاهه وند، دانشور ته آهيان ڪو نه. جيترو دماغ آهيم. دنيا، تائين جيتري رسد اٿم ۽ جيترن ماڻهن سان ملي سگهان ٿو. مون وٽ تت اوترو ئي هوندو. چڱو ٿيو جو ڏاهن، ساڃاهه وندن ، دانشورن جو ذڪر نڪتو، روزانو ڪيترائي ليک آهن جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي رهيا آهن. عقلمند ميڊيا ۾ بحث جاري رکيو اچن. پيا لکن، پيا ڳالهائين، هڪڙا چون ته پيپلز پارٽيءَ کي مينڊيٽ مليل آهي، تنهن جو احترام ڪجي، آءُ ان مامري تي پوءِ ايندس. ڪجهه همراهن جو خيال آهي ته مختلف حيلن سان جيالا، سنڌ جو مينڊيٽ چورائي چڪا آهن. بهتر ٿيندو ته اتي هيءُ جملو تحرير ڪيان- گلڻ جو ووٽ، سندس اوڇڻ وانگر، ڪوئي چورائي ويو ۽ کيس خبر ئي نه پئي، سچ ته منهنجي دل نٿي مڃي. گلڻ کي ڄائي ڄم کان سڃاڻان. هن جو انگوڇو چورائجي وڃي ۽ سو به سندس بي خبريءَ ۾، ممڪن ئي نه آهي. گلڻ سان جيڪي وهيو واپريو، سڀ معلوم هئس. ترسو. توهان کي ياد ڏياريان ته گذريل مضمون ۾ آءُ کيس مڇلو، ڪٽڻ ڪوٺي چڪو آهيان. هيءُ تحرير مجاورن متعلق پوري ڪرڻي اٿم. سنڌ جي مينڊيٽ کي ڏاڍ مڙسيءَ وسيلي چورايو ويو ۽ گلڻ بي خبر هيو. ٿي سگهي ٿو ڪو وڏو لاچار هجيس. ڪنجهه، ڪُڙڪو نه نڪتو هجيس، ڪانئر ٿي پيو هجي. سڄي ڪارروائي روبرو ڏٺائين. ووٽ جي چوري روڪي نه سگهيو. ويچارو معصوم . آءُ اڪابر نه آهيان. لکڻي جي ڪچائيءَ تي نه کلندا. گلڻ جي معصوميت بيان ڪندي، ڀٽن جي مزارن جي مجاورن تي ڳالهه پوري ڪندس. عظيم پاٺڪو! گلڻ ويچارو ۽ معصوم آهي، سندس رضا، مينڊيٽ کي کاٽ لڳو. خبر ئي نه پيس. پيپلز پارٽي جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيل مجاورن جو ٽولو حرفتي ۽ عيار آهي. اليڪشني سياست جو ڍڳ تجربو اٿن. ڪٿي ڏوڪڙ، ڪٿي دڙڪو ۽ اڪثر هنڌن تي ڌانڌلين جي ٽيڪ وٺي کٽيو اٿائين. لوڪ جي هڪ ڀاڱي لاڙڪاڻي جي قبرن کي ووٽ ڏنا. سنڌ جي عوام چونڊن ۾ آزاد ۽ شعوري طور حصو نه ورتو. ڪوڙا ۽ جڙتو نتيجا اسان مٿان مڙهيا ويا. هيرا ڦيري کان پاڪ اليڪشن هجي ها ته گلڻ جو پوتڙو چورائجي نه سگهي ها. پاڻ وارو پيارو گلڻ چون ٿا ته قومي سمجهه سان ٽٻٽار آهي، کيس کليو موقعو ملي ها ته سنڌ سان ڊوهه رچائيندڙ جيالن کي اهڙو ڊوڙائي ها جو دڳ ئي نه ملين ها. کيس ٽوڙي بند ڀڄڻ ۽ پوءِ جي ٻوڙ ٻوڙان ڪيئن وسريون آهن. ڌرتي ٿالهي تي رکي شهري واگهن کي پيش ڪرڻ به نه وسريو آهي.ذوالفقار آباد جو مامرو، ٻيٽن جو وڪرو. هن جي پُٺن تي وطن ڪارڊ جي قطار ۾ لڳڻ وقت وسايل لٺين جا نشان اڃا ساوا آهن. گلڻ جيڪڏهن زرداري جي ڀاءُ کي يا سندس بيهاريل ڪنهن ٻئي همراهه کي ووٽ ڏنو آهي ته ضرور مجبور ٿي ايئن ڪيو اٿائين. هن جي قومي غيرت اڃا اهڙي جو اهڙي آهي. گذريل چاليهه سالن کان سيبتي ۽ سلامت. مٿيون احوال اخباري مضمون پڙهي اوهان ڪاڻ تحرير ڪيو اٿم. مختصر سٽون آهن پرتت ڄاڻون پاڻ وارن ڏاهن جي قلمي پورهئي جو، مزدوري، جنهن لاءِ هام هنئي پئي وڃي ته بي لوث آهي. گلڻ جي ڀروٺي بيهڻ وارن کي ڇا ملندو؟ کيس جڏهن ته ووٽ وجهڻ جا ڪل ئي پندرهن سئو نصيب ٿيا. گلڻ، مجاور ۽ ڏاها. چوٿين ڪنڊ آءُ بيٺو آهيان. گهوڙاٻاري جو ماستر. نئون زمانو آهي. لڪ ڪري ئي نه ٿي سگهجي. موبائل فون جا مزا آهن. پ ٽ الف جي دوستن وسيلي توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ته زور آوري سڀني ڏيکاري. اسان چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ڪَــلَ پرزا هوندا آهيون. جنهن کي جت وارو مليو تنهن گهٽ ڪا نه ڪئي. عمرڪوٽ ۾ پيپلن ته ناري ۾ حرن. موري ۾ جتوئين. گلڻ جي انگوڇي کي هر پاسي کان ڇڪ آئي. هڻي ليڙون ڪري وڌائونس. سنڌ جو وڏيرو وري ڪهڙو چڱو مڙس آهي. سندس بک کي ڪو ڇيهه آهي ڇا ؟ هر هڪ پارٽي ۾ ويٺو آهي. مجاورن جي معاملي ۾ وڏي ۽ ننڍي شيطان جو فرق آهي. آهن هڙئي وحشي بگهڙ. لکاري لکن ٿا ته خلق لاچار هئي. زميندارن ڪڌائپ ڏيکاري، زور زبردستي ووٽ کڻي ويا. اليڪشن جي ڊائنا مڪس يا ڀاشڻ جاري آهن. جاگيرداري نظام جي ميٽرڪس جا اهڃاڻ ٽي وي تي سڻجڻ ٿا. اسان جو ماڻهو چئوکنڀو ٻڌل آهي. قومي لحاظ کان نهايت باشعور روح چونڊن ۾ ڌڪجي ويو. نه ته پيپلز پارٽي وارن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏي ها. گلڻ جي غيرت تي شڪ جي گنجائش ئي ڪانهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته منهنجي من ۾ جي خيال آهن تن کي ڪهڙي جاءِ رکان. پٺاڻن جو مثال کڻي ٿو ڏيان. پٺاڻن جي صوبي تي گهڻي ٽپڻي ٿي چڪي آهي، وري وري هنن جو ذڪرآڏو ٿو اچي. ٽي وي هجي يا اخبار. کين شاباشن جا انبار آڇيا ٿا وڃن . مان به هنن ڪاڻ اڳ سانڍيل راءِ مٽائڻ تي مجبور ٿيو آهيان. پاڻ وارا دانشور ڇا ٿا چون؟ سنڌي ماڻهو فيوڊل پنجوڙ ۾ جڪڙيل آهي. انگريزي لفظ اليڪشن ڊائنا مڪس ڪتب آڻين ٿا. هرو ڀيرو عام لوڪ جي پٺي ٺپري پئسا ڪمائڻا هوندن. ٽي وي چئنل،اخبار، ساڃاهه وندي- آهن ته ڌنڌا ئي نه. مون جهڙي پرائمري استاد کي به معلوم آهي ته پٺاڻ جاگيرداري ته ڇڏيو، قبائلي نظام جي وات ۾ آهن. فيوڊل نه ٽرائيبل سسٽم ۾. قبيلي جي سردار جو حڪم، علائقي جي پکي پکڻ. وڻ ٽڻ تي لاڳو ٿيندو آهي. انحرافي جو تصور به ڊيڄاريندڙ آهي. عمران خان جي پارٽي اتي نئين هئي. پشتون ووٽرن وٽ اي اين پي وارا نوٽ به کڻي ويا هوندا. پيپلن وانگر، پوئين پنجن سالن ۾ باچا خان جي پوئلڳن ڪمائي رڳ ڪيا. ڌانڌلي اتي پڻ ٿي هوندي. پوءِ به اوڏانهن جي خلق نڪور قيادت وٺي آئي. پٺاڻ پنهنجي چادر چورائڻ کان بچائي ورتي. پاڙيسري گلڻ ڏانهن نهاريان ٿو ته اٻڙڪا اچن ٿا. خاص خور تي اهو ياد ڪري ته ڪيئن هن ٽپيءَ کي ووٽ ڏيڻ جا پندرهن سئو رپيا ورتا هئا. مجاورن جي ڪٿا اڻ پوري ٿيندي جيڪڏهن سندي ضلعي جي هڪ وڏي درگاهه جي والي کي وساري ڇڏبو. گلڻ ويچاري جو ايڏو وڏو ڏوهه به ڪونهي. فقط پندرهن سئو رپيا وصول ڪيائين. باغي شاهه عنايت جي پونئيرن ڇاڪيو- ياد ايندي ئي لڱ ٿا ڪانڊارجن. قومي شعور سان ٽٻٽار ڪوٺي ويندڙ اسان جي ڌرتيءَ تي انيڪ ڪلور ٿيا. پوئين مهيني، پاڻ وارو ماري جيئن کٽي، ساڻيهه جو حاڪم ٿيو آهي، سا وارتا پڻ ڏهاڪن تائين من ۾ پئي هوندي، ڏاهپ، آشا جا ڳڻپ کان ٻاهر پهلو کڻي پئي زبان ۽ قلم وهائي. معاف ڪندا. آءُ دل جي چوڻ تي هلندڙ انسان آهيان. نه ٿو سمجهان ته پندرهن سئو رپيا وٺڻ بعد به گلڻ لاءِ ڇا چئجي- ويچارو ۽ معصوم ماڻهو. اوهان جي مرضي آهي، جيئن پسند ڪيو. سندس لاءِ گنجائشون ڳولهيو. مان کيس هڪ ڏهاري ويهاري فضيلت ڀريا گفتا ضرورچوندس. شايد ائين به ته- گلڻ تو ۾ حياءُ ناهي، ٻيو سڀ ڪجهه اٿئي. مون وٽ ڪروڌ جو محور رڳو گلڻ ناهي. کائنس وڌيڪ، گهڻو وڌيڪ جيڪڏهن ٻَرُ اٿم ته اهو مجاورن تي آهيم. لاڙڪاڻي جي تربتن جا مجاور پيپلا ۽ سندن سرڪار. مجاورن جي حڪومت گلڻ پارن پانڌيئڙن، مريدن کي لڳاتار ٻه سال پاڻي ۾ غوطا کارايا. وطن ڪارڊ جي پٺيان چهبڪ هنيائون. ڏاڍ ۽ ڌانڌلي وسيلي هنن جو مينڊيٽ چورايائون. الاهي هنڌن تي ووٽن جو واپار هليو. ڪجهه همراهن ڀٽوازم جي شوق ۾ ٺپا هنيا. تان جو سنڌ مٿان ڪاري رات ڇانئجي وئي. آءُ ڪنهن کي ڏوهه ڏيان؟ خود، سندي ذات کي. ڪانئرتا، ڪٽڻپي، مڇلائپ کي. گلڻ جي معصوميت لاءِ دانشورن جا دليل ٻڌان. وراڻي به نه ڏئي سگهان. منهنجو اندر، منهنجي دل قبولڻ لاءِ تيار نه آهن. نه ٿا مڃين ته خان صاحب گلڻ ولد پير بخش جلباڻي جي چيلهه سان ٻڌل پوتڙو پيپلا لاهي ويا ۽ هن کي سڌ ئي نه رهي.