سائين۔ سنڌسلامت جي سڀني دوستن، خاص ڪري ابو واصف ، ابو زين ، رحيم بخش ، نثارابڙو سائين کي عرض آهي ته مون مڪتبه شامله ڊائونلوڊ ته ڪيو آهي ته پر ان ۾ ٻولي جو مسئلو آهي ، نه عربي ، نه انگريزي، خبر ناهي ته ڪهڙي ٻولي آهي ، ان بابت رهنمائي ڪجو
ادا عبد القيوم سڪندري صاحب ! مکتبه شامله ته مان به هلائيندو آهيان۔ جنهن ۾ 16000 ڪتاب آهن۔ پر خبر ناهي توهان الائي ڪهڙو ورزن ڊائونلوڊ ڪيو آهي؟
سائين توهان ڪهڙي ونڊوز پيا استعمال ڪريو۔۔۔؟ جيڪڏهن ونڊوز 7 استعمال ڪري رهيا آهيو ته توهان کي Change system locale ڪندي عربي زبان چونڊڻي پوندي ان لاءِ هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو۔۔۔ سڀ کان پهريان ڪنٽرول پينل تي اچي ريجنل ۽ لينگويج سيٽنگ کوليو۔۔۔ Start Menu >>>> Control Panel >>> Clock, Language and Region هاڻي ريجنل لينگويج سيٽنگ تي اچو۔۔ توهان جي سامهون هڪ ونڊو ظاهر ٿيندي جتان ايڊمنسٽريٽر ٽيب چونڊيو جتان سسٽم لوڪيل زبان چونڊيو Change Display Language >>> Administration >>> Change System Locale نئين کلندڙونڊوز منجهان عربي (سعودي عرب) چونڊيو اوڪي پريس ڪندي ئي توهان کان سسٽم ريسٽارٽ ڪرڻ جي درخواست ڪندو جيڪا قبول ڪريو۔۔ سسٽم ٻيهر کلي اچڻ تي توهان مڪتبه شامله سافٽويئر کوليو هن دفعي زبان تبديل ٿيندي عربي ۾ هوندي۔۔ جيڪڏهن ڳالهه سمجهڻ ۾ اڃان به ڏکيائي ايندي هجي ته هي وڊيو ڏسو۔۔۔ اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو۔۔ والسلام
سائين ذيشان رشيد جن جي ٻڌايل تفصيلي طريقه ڪار سان اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو ليڪن جيڪڏهن ونڊو ايڪس پي آهي ته ان ۾ پهريائين ريجنل لينگيوئيج سيٽنگ ۾ وڃي ايڊوانس واري آپشن ۾ عربي کي سليڪٽ ڪيو اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو۔
توهان سڀني دوستن ۽ خاص ڪري ادا عبدالله السندي ۽ ذيشان صاحب جي مدد سان مسئلو حل ٿي ويو۔ ٿورا مَ ٿورا مون تي ماروئڙن جا