مڪتبه شامله جي ٻولي ڪئين بدلائجي؟

سائين۔ سنڌسلامت جي سڀني دوستن، خاص ڪري ابو واصف ، ابو زين ، رحيم بخش ، نثارابڙو سائين کي عرض آهي ته مون مڪتبه شامله ڊائونلوڊ ته ڪيو آهي ته پر ان ۾ ٻولي جو مسئلو آهي ، نه عربي ، نه انگريزي، خبر ناهي ته ڪهڙي ٻولي آهي ، ان بابت رهنمائي ڪجو
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا عبد القيوم سڪندري صاحب !
مکتبه شامله ته مان به هلائيندو آهيان۔ جنهن ۾ 16000 ڪتاب آهن۔ پر خبر ناهي توهان الائي ڪهڙو ورزن ڊائونلوڊ ڪيو آهي؟
 
سائين توهان ڪهڙي ونڊوز پيا استعمال ڪريو۔۔۔؟ جيڪڏهن ونڊوز 7 استعمال ڪري رهيا آهيو ته توهان کي Change system locale ڪندي عربي زبان چونڊڻي پوندي ان لاءِ هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو۔۔۔
سڀ کان پهريان ڪنٽرول پينل تي اچي ريجنل ۽ لينگويج سيٽنگ کوليو۔۔۔
Start Menu >>>> Control Panel >>> Clock, Language and Region

Cg2AU.png


هاڻي ريجنل لينگويج سيٽنگ تي اچو۔۔

non_unicode3.png


توهان جي سامهون هڪ ونڊو ظاهر ٿيندي جتان ايڊمنسٽريٽر ٽيب چونڊيو جتان سسٽم لوڪيل زبان چونڊيو
Change Display Language >>> Administration >>> Change System Locale

HL4Xd.png


نئين کلندڙونڊوز منجهان عربي (سعودي عرب) چونڊيو

localize-windows-change-system-locale.jpg


اوڪي پريس ڪندي ئي توهان کان سسٽم ريسٽارٽ ڪرڻ جي درخواست ڪندو جيڪا قبول ڪريو۔۔

non_unicode9.png


سسٽم ٻيهر کلي اچڻ تي توهان مڪتبه شامله سافٽويئر کوليو هن دفعي زبان تبديل ٿيندي عربي ۾ هوندي۔۔

جيڪڏهن ڳالهه سمجهڻ ۾ اڃان به ڏکيائي ايندي هجي ته هي وڊيو ڏسو۔۔۔


اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو۔۔
والسلام​
 
سائين ذيشان رشيد جن جي ٻڌايل تفصيلي طريقه ڪار سان اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو ليڪن جيڪڏهن ونڊو ايڪس پي آهي ته ان ۾ پهريائين ريجنل لينگيوئيج سيٽنگ ۾ وڃي ايڊوانس واري آپشن ۾ عربي کي سليڪٽ ڪيو اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو۔
 
Back
Top