معدي جي تيزابيت..!!

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2014۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    [​IMG]
    اسان مان ڪيترائي ماڻهو معدي جي تيزابيت، گيس جي زيادتي ۽ بدهضمي جي تڪليفن مان گذرندا رهندا آهن۔ هن بيماري کي عام انگريزي ٻولي ۾ گيسٽرڪ ايسيڊٽي (Gastric acidity) ۽ ميڊيڪل ٽرمنالوجي ۾ گيسٽرڪ ايسوفيجيئل ريفلڪس ڊزيز(Gastric esophageal reflux Disease) چوندا آهن۔
    هن بيماري جون مختلف علامتون ٿي سگهن ٿيون۔

    • سيني ۾ (دل جي آس پاس) ساڙو ٿيڻ۔
    • کاڌل خوراڪ جو ڪجهه مقدارواپس وات ۾ اچڻ۔
    • اوگهرائي (ڊڪار) جي گهڻائي۔
    • پيٽ تي ڀرتي۔
    • اُلٽي۔
    • بد هضمي۔
    • پيٽ جي مٿئين حصي تي هلڪو سُور۔
    • بي آرامي۔
    اهي سڀ علامتون هيٺيون ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته۔۔۔
    • توهان جو معدو تيزابيت ضرورت کان وڌيڪ ٺاهي رهيو آهي۔
    • توهان جي معدي ۽ غذا جي مٿين نالي ايسوفيگس (Esophagus) جي جوڙ جو ڪم درست طرح نه ٿي رهيو آهي۔(عام طور تي غذا جي معدي ۾ داخل ٿيڻ کان پو اهو جوڙ يا رستو بند رهندو آهي ۽ غذا کي واپس مٿي وڃڻ کان روڪيندو آهي۔)
    جڏهن کاڌي جي نالي ايسو فيگس (Esophagus) ۾ غذا معدي مان واپس مٿي پهچندي آهي ته پاڻ سان گڏ معدي جي تيزابيت به مٿي پهچائيندي آهي۔ جنهن جي ڪري ان نالي (Esophagus) جو هيٺيون حصو ڳرڻ لڳي ٿو، ان ۾ زخم ٿيڻ لڳن ٿا ۽ انهن زخمن مان رت به وهي سگهي ٿو۔
    [​IMG]
    معدي جي تيزابيت جون علامتون تمام عام آهن ۽ اسان جي روزمره جي زندگي ۾ اڪثر ظاهر ٿينديون رهنديون آهن پر خوشقسمتي سان اهي گهڻو نقصان پهچائيندڙ نه هونديون آهن ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي روزمرهه جي خوراڪ ۾ مناسب احتياط ڪرڻ شروع ڪريون ته انهن تڪليفن کان بچڻ به نهايت سولو آهي۔

    سڀ کان پهرين اسان لا اهو سمجهڻ ضروري آهي ته معدي جي تيزابيت ڪهڙين ڳالهين جي ڪري وڌي ويندي آهي۔

    • ماني پيٽ ڀري کائڻ۔
    • ماني کائڻ کان پو فورن ڪوجسماني مشقت واروڪم ڪرڻ۔ مثال وزن کڻڻ وغيره۔
    • ماني کائڻ کانپو فورن سمهڻ۔
    اهي ماڻهو جن کي معدي جي تيزابيت جي اڪثر شڪايت رهي ٿي انهن کي اها تڪليف عام طور تي رات جو ٿيندي آهي۔
    هن بيماري جون علامتون اڪثر عورتن کي حمل دوران به ٿينديون آهن۔ ان جو سبب پيٽ ۾ ٻار جي موجودگي سان وڌندر دٻا ۽ معدي جو دٻجي وڃڻ آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو حمل وارن ڏينهن ۾ معدي جي تيزابيت، کاڌل خوراڪ سميت واپس غذا جي نالي ۾ وڃڻ لڳندي آهي ۽ مٿي ذڪر ڪيل علامتون ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن۔

    معدي جي تيزابيت وڌائيندڙ خوراڪ
    [​IMG]
    غذائون جن سان معدي جي تيزابيت تمام گهڻي وڌي ويندي آهي۔
    • کٽا ميوا(موسمي، ليمو، ڏاڙهون وغيره)
    • چاڪليٽ۔
    • اهي مشروب جن ۾ ڪيفين جي مقدار وڌيڪ مليل هجي۔
    • تماڪ ۽ الڪوحول (شراب) جو استعمال۔
    • مرچن ۽ مصالحن واري چٽ پٽي خوراڪ۔
    • چڪنائي ۽ تريل خوراڪ۔
    • ٿوم ۽ بصر جو زياده استعمال۔
    • ڦودنو ۽ ٽماٽن جو زياده استعمال۔
    [​IMG]
    هلندڙ۔۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 فيبروري 2014
    26 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڪولاچي عبدل

    ڪولاچي عبدل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ادا ايندڙ ليک جوانتظار رهندو
     
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    معدي ۾ تيزابيت جي اهميت
    [​IMG]
    اڪثر ماڻهن کي اها خبر نه هوندي آهي ته معدي ۾ ايترو خطرناڪ تيزاب ڇو ٺهندو آهي۔۔؟ اهو اسان جي هاضمي ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو۔۔۔ ۽ ان جي گهٽتائي يا گهڻائي سان جسم تي ڪهڙو فرق پوندو آهي۔۔؟
    عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته معدي جي تيزابيت غير ضروري ۽ جسم لا تمام گهڻي نقصانڪار آهي۔ انڪري اڪثر ماڻهو اهو چاهيندا آهن ته معدي ۾ نڪرندڙ اهو تيزاب ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان بلڪل بند ڪري ڇڏجي ۽ ان مقصد لا اڪثر ماڻهو ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن کان مختلف طاقتور دوائون پڻ لکرائي استمال ڪندا آهن۔

    معدي جي تيزابيت جو هاضمي ۾ ڪردار
    [​IMG]
    معدي ۾ ٺهندڙ تيزاب جو نالو هائيڊروڪلورڪ ايسڊ (Hydrochloric acid) آهي۔ هي تيزاب اسان جي جسم ۾ کاڌو هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو۔ هن تيزاب جي مدد سان غذا ۾ شامل پروٽين، ڪيلشيم، آئرن(فولاد) ۽ مختلف وٽامن خاص طور تي وٽامن 12 معدي ۾ ٽُٽن ٿا ۽ پو اهي سڀ جزا تمام ننڊن ٽڪڙن ۾ ورهائجي آساني سان ننڍي آنڊي مان رت ۾ شامل ٿي جگر تائين پهچن ٿا۔
    معدي جي تيزابيت جو هڪ اهم فائيدو هي به آهي ته اسان جي خوراڪ ۾ شامل هزارين قسم جا بيڪٽيريا جڏهن معدي ۾ پهچن ٿا ته ان تيزاب جي موجودگي جي ڪري جلد ختم ٿيو وڃن اهڙي طرح معدي جي اها تيزابيت اسان کي ڪيترن ئي قسم جي خطرناڪ انفيڪشنس کان بچائيندي آهي۔ اسان جي ننڍي آنڊي ۾ بيڪٽيريا جي واڌ ويجهه کي روڪڻ لا به معدي ۾ تيزاب جي موجودگي نهايت ضروري آهي۔
    هلندڙ۔۔۔
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام ڪار آمد معلومات آهي جزاڪ الله خيرا۔
     
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    معدي ۾ کاڌو هضم ٿيڻ ۽ تيزابيت کان قدرتي حفاظت۔۔!!!
    ماني جو گرانهه چڱي طرح چٻاڙڻ کانپو ڳيت ذريعي غذا جي نالي (Esophagus) ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ اتان گذرندو معدي ۾ پهچندو آهي۔ انهي وقت معدي جا ڪجهه خاص قسم جا گهرڙا (Parietal Cells) هڪ طاقتور تيزاب هائڊرو ڪلورڪ ايسڊ ۽ ڪجهه مختلف گهرڙا ٻيون کاڌي کي ڳاريندڙ رطوبتون خارج ڪرڻ لڳندا آهن جن جي مدد سان غذا ننڍن ننڍن ٽڪڙن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي۔انهي هاضمي جي عمل دوران معدي جا ڪجهه گهرڙا (Mucus Cells) هڪ اهڙو حفاظتي تهه به ٺاهيندا آهن جيڪو معدي جي ان خطرناڪ تيزاب کي معدي ۽ آنڊي جي ويجهو اچڻ کان روڪيندو آهي ته جيئن اهو تيزاب صرف هاضمي جو ڪم ڪري سگهي ۽ معدي يا آنڊي کي نقصان نه پهچائي سگهي۔ ان حفاظتي تهه جي غيرموجودگي جيڪري به تيزاب سڌوسنئون معدي ۽ آنڊي سان لڳي زخم (Ulcers) پيدا ڪري سگهي ٿو۔
    [​IMG]
    مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته جڏهن ماني پيٽ ڀري کائجي ته معدي ۾ تيزاب تمام گهڻو ٺهڻ لڳندو آهي ۽ معدي جي ڀرجي وڃڻ جي ڪري اهو کاڌو تيزاب سميت واپس غذا جي نالي (Esophagus) ۾ به وڃي تڪليف ڪرائي سگهي ٿو۔
    [​IMG]
    ياد رهي ته معدي جي تيزابيت بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ان لا به ضروري آهي جو سيني ۾ ساڙو ۽ تيزايبيت جون علامتون ڪافي عرصي کان رهن ۽ سُستي ۾ پرهيز يا دوائون استعمال نه ڪجن ته پو اها تيزابيت هڪ نه هڪ ڏينهن تمام وڌيڪ خطرناڪ مسئلن ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي۔ خاص طور تي معدي ۽ آنڊي جا نه ڀرجندڙ زخم (Stomach & Duodenal Ulcers) ، معدي ۽ غذا جي نالي جو ڪينسر (Esophageal & stomach Cancer) به ٿيڻ ممڪن آهي۔
    [​IMG]
    معدي جي تيزابيت جا ٽيسٽ۔۔۔
    عام طور تي معدي جي وڌيل تيزابيت کي ان جي علامتن ذريعي سڃاڻبو آهي۔ انڪري ڪنهن به ٽيسٽ ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي آهي۔
    ڪجهه مريض جن جون علامتون تمام وڌيڪ هجن ۽ مختلف دوائن جي استعمال سان به سندن تڪليف گهٽ نه ٿئي ته انهن کي هيٺيان ٽيسٽ ڪرائڻ جي ضرورت پوندي آهي۔
    ايڇ پائيلوري ٽيسٽ (H Pylori Test):
    [​IMG] [​IMG]
    ايچ پائيلوري هڪ تمام خطرناڪ قسم جو بيڪٽيريا آهي۔هي اهڙو واحد بيڪٽيريا آهي جيڪو معدي جي تيزابيت سان به ختم نه ٿيندو آهي ۽ ان جو وقت سر علاج نه ڪرائڻ جي صورت ۾ هي بيڪٽيريا معدي يا آنڊي ۾ زخم ڪرائڻ سان گڏوگڏ ڪينسر ڪرائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ هن بيڪٽيريا جي موجودگي جي پڪ رت جي ٽيسٽ وسيلي يا پاخاني جي ٽيسٽ وسيلي ڪري سگهجي ٿي۔
    اينڊو اسڪوپي (Endoscopy) :
    [​IMG] [​IMG]
    هي هڪ اهڙي ٽيسٽ آهي جنهن ۾ هڪ دوربين نما ڪيميرا (Telescope) وات ذريعي غذا جي نالي ۽ معدي ۾ داخل ڪبو آهي۔ ان کانپو ٽي وي مانيٽر تي ٽيسٽ ڪندڙ ڊاڪٽر آساني سان غذا جي نالي ۽ معدي ۾ تيزابيت جي ڪري پيدا ٿيل زخم جي پڪ، ان جي ماپ، درست مقام ۽ گهرائي وغيره جو معائنو ڪري سگهندو آهي ۽ ضرورت مطابق بايوپسي (Biopsy) به وٺي سگهندو آهي۔
    [​IMG]
    [​IMG] [​IMG] [​IMG]

    هلندڙ۔۔۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 فيبروري 2014
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    معدي جي وڌيل تيزابيت کان ڪيئن محفوظ رهجي۔۔؟
    [​IMG] [​IMG] [​IMG]
    اُميد ٿي ڪجي ته هي مضمون پڙهندي ڪافي دوست اهو سمجهي ويا هوندا ته معدي جو تيزاب اسان لا ڇو ضروري آهي ، اهو تيزاب ڪيئن نڪرندو آهي ۽ ان جي مڪمل غير موجودگي ۽ زيادتي سان ڪهڙا نقصان ٿي سگهن ٿا۔
    اڄ اسان معدي جي تيزابيت جي زيادتي کان بچڻ لا اهڙا آسان احتياط سمجهنداسين جن جي وسيلي مختلف تڪليفن کان بچي سگهجي ٿو۔
    عام طور تي معدي جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جا اهم مقصد هي هوندا آهن۔

    • معدي جي تيزابيت سان پيدا ٿيندڙ علامتون ختم ڪرڻ۔
    • معدي جي تيزابيت سان پيدا ٿيندڙ غّذا جي نالي ايسوفيگس (Esophagus) ۾ زخمن کي وڌڻ کان روڪڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ۔
    • مستقبل ۾ ساڳيون تڪليفون يا ٻين وڏن نقصانن کان بچا۔
    جيتوڻيڪ ميڊيڪل سائنس جون جديد دوائن ۽ سرجري وغيره سان وقتي طور تي معدي جي تيزابيت کي گهڻي حد تائين روڪڻ ممڪن بڻجي چڪو آهي پر ان جي باوجود اسان کي اها به حقيقت مڃڻي پوندي ته زندگي گُذارڻ جي طور طريقن( لائف اسٽائيل) کي تبديل ڪرڻ ئي معدي جي وڌيل تيزابيت جو اصل علاج آهي۔
    [​IMG] [​IMG] [​IMG]
    معدي جي تيزابيت سان ٿيندڙ تڪليفن کان بچڻ لا مريضن کي پنهنجي زندگي گُذارڻ جي طورطريقن ۾ هيٺيون تبديليون آڻڻ بيحد ضروري آهن۔
    • وزن جي گهٽتائي (جيڪڏهن وزن ضرورت کان وڌيڪ آهي۔)
    • اهي عذائون گهٽ کائڻ جن سان معدي جي تيزابيت وڌي ويندي آهي۔ مثال طور: چاڪليٽ، کٽا ميوا مثلن ليمو، نارنگيون، ڏاڙهون، ٽماٽن وارا ٻوڙ، ڪڙهايون، برگر، سموسه۔ پڪوڙا، ڪيڪ ۽ پيسٽريون وغيره۔
    • نشي واريون شيون سگريٽ، الڪوحول کان پرهيز۔
    • ماني پيٽ ڀري کائڻ بدران گهٽ مقدار ۾ کائڻ۔
    • ماني کائڻ کانپو ٽن ڪلاڪن جي وقفي کانپو ننڊ ڪرڻ۔
    • سمهڻ جي وقت پاڻي يا جوس وغيره کان علاوه ڪا به غذا وٺڻ کان پرهيز۔
    • بستري جو مٿي وارو پاسو ڪجهه مٿڀرو ڪرڻ۔
    • ماني کائڻ جي فورن بعد جسماني مشقت وارو ڪم نه ڪرڻ ۔
    هلندڙ۔۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 فيبروري 2014
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    او گاڊ معدي جي تعزابيت ايتري خطرناڪ بحرالحال ادا تمام سٺي ڄآڻ ڏني آهي مهرباني
     
  8. سلمان حسين فاروقي

    سلمان حسين فاروقي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2013
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    179
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    ڪراچي
    واقعي اسان کي پنهنجي غذا تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. تمام بهترين ڄاڻ آهي
     
  9. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    معدي جي تيزابيت جو علاج
    عام طور تي معدي جي تيزابيت کي گهٽ ڪرڻ لا دوائن جا هيٺيان قسم استعمال ڪرايا ويندا آهن۔

    ايڇ 2 ريسيپٽر اينٽاگونِسٽ (H2 receptor antagonist) :هي هڪ اهڙي قسم جون دوائون آهن جنهن سان معدي جي انهن خاص گهررڙن (Parietal Cells) مان تيزاب جو نڪرڻ تمام گهٽ ٿيو وڃي۔ هڪ ريسرچ موجب هنن دوائن جي استعمال سان 50 کان 70 سيڪڙو تيزاب جو نڪرڻ گهٽجي ويندو آهي۔ ايڇ 2 ريسيپٽر اينٽاگونِسٽ ۾ شامل چار دوائون اهم آهن۔
    [​IMG] [​IMG] [​IMG] [​IMG]

    1. رينيٽڊين (Ranitidine) هي دوا زينٽيڪ (Zantac) جي نالي سان مارڪيٽ ۾ ملندي آهي۔
    2. سائيميٽڊين (Cimetidine) هي دوا ٽيگاميٽ (Tegamet) جي نالي سان مارڪيٽ ۾ ملندي آهي۔
    3. فيموٽڊين (Famotidine) هي دوا پيپسڊ (Pepcid) جي نالي سان مارڪيٽ ۾ ملندي آهي۔
    4. نزاٽڊين (Nizatidine) هي دوا ايڪسڊ (Axid) جي نالي سان مارڪيٽ ۾ ملندي آهي۔
    پروٽان پمپ انهبيٽر (Poton pump inhibitors):هي هڪ تمام طاقتور، جديد ۽ ڪامياب دوائن جو گروپ آهي۔ هي دوائون به معدي جي انهن خاص گهررڙن (Parietal Cells) مان تيزاب جو نڪرڻ تمام گهٽ ڪريو ڇڏين. هنن دوائن جي استعمال سان هڪ ريسرچ مطابق 90 کان 100 سيڪڙو تائين تيزاب جو نڪرڻ بند ٿي سگهي ٿو۔ پروٽان پمپ انهبيٽرز ۾ اوميپريزول (Omeperazole) جيڪا رائيسيڪ (Risek) جي نالي سان مارڪيٽ ۾ ملندي آهي۔ لينسوپريزول(Lansoprazole)، ايسموپريزول (Esomeprazole) ۽ پينٽاپريزول (Pantoprazole) شامل آهن۔
    [​IMG] [​IMG] [​IMG]
    پروڪائينيٽڪ ايجنٽس (Prokinetic agents): هي دوائون سڌو سنئون تيزاب کي نه گهٽائينديون آهن پر ماني کائڻ کان پو معدي ۾ موجود خوراڪ کي جلد هضم ڪرڻ ۽ جلد کان جلد معدي مان گذاري ننڍي آنڊي تائين پهچائڻ جو اهم ڪم ڪنديون آهن، نتيجي ۾ معدي ۾ موجود خوراڪ واپس غذا جي نالي ۾ نه ويندي آهي۔ آسان لفظن ۾ هي دوائون پيٽ جي ڀرتي ختم ڪنديون آهن۔هن گروپ ۾ شامل ڪجهه دوائون هي آهن۔
    [​IMG] [​IMG]
    تيزابيت کي نيوٽرل ڪرڻ واريون دوائون (Antacid):
    هي دوائون معدي ۾ نڪتل تيزاب سان ملي ان جي تيزابيت کي گهٽ ڪري ڇڏينديون آهن۔
    [​IMG] [​IMG]
    الومونيم هائيڊرو آڪسائيڊ (Aluminum hydroxide)
    (نوٽ: دوائن جا نالا ۽ انهن جا ڪم صرف عام بنيادي ڄاڻ لا آهن۔ ڪا به دوا استعمال ڪرڻ کان اڳ ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان مشورو وٺڻ نهايت ضروري آهي۔)
    هلندڙ۔۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 فيبروري 2014
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    توهان جي وڏي مهرباني جو دوائن جي ٻڌائڻ سان انهن جو مڪمل تفصيل پڻ ٻڌايوَ دوا ته هرڪو استعمال پيو ڪري ليڪن ڪنهن کي ڪا خبر نه آهي ته هن دوا جو فنڪشن ڪهڙو آهي بس ڊاڪٽر صاحب ٻڌائي ان ڪري ويٺا کائو۔ ليڪن اوهان جي ڏسيل طريقي سان معلوم ٿيو ته ڪهڙي دوا جو ڪهڙو فنڪشن آهي۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻه راتيون اڳ، ٽين بجي جاڳ ٿي ۽ تيزابيت ايتري وڌي وئي جو اصل سمهڻ ئي نه ڏي ۔۔۔۔ نيٺ اٿيس ۽ ميوڪين سيرپ جيڪا اڪثر پاڻ وٽ رکندو آهيان ان مان زري گهٽ چوٿون حصو پي سمهيس ۔۔۔۔ ٿوري دير کانپوء ننڊ اچي وئي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    معدي جي وڌيل تيزابيت جو جديد علاج آپريشن..!!
    معدي جي تيزابيت جو اڳوڻي دور ۾ صرف دوائن سان علاج ڪيو ويندو هو، پراڄ جي جديد دور ۾ هن بيماري جي مختلف سببن جي ڄاڻ کانپو ڪجهه مريضن جوعلاج آپريشن ذريعي به ڪيو ويندو آهي.اهي آپريشن مريض جي بيهوشي دوران سڌو سنئون پيٽ کي چيرو لڳائڻ کانسوا ليپرواسڪوپي ۽ اينڊواسڪوپي ذريعي به ڪيا ويندا آهن.
    آپريشن جي ضرورت.....
    جڏهن معدي جي وڌيل تيزابيت ۽ ان مان ٿيندڙ نقصانن جي ڪنهن مريض ۾ پڪ ٿي وڃي ته پو اهڙن مريضن مان ڪجهه مريضن کي آپريشن ڪرائڻ جي به ضرورت پئجي سگهي ٿي.
    مريض جن کي آپريشن جي ضرورت پوندي آهي...

    • اهي مريض جيڪي پابندي سان تيزابيت گهٽائڻ واريون دوائون وٺڻ باوجود معدي ۾ وڌيل تيزابيت ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ تڪليفن کان محفوظ رهي نه سگهن.
    • اهي مريض جيڪي ماني کائڻ کان پو هر وقت بدهضمي جو شڪار رهن ۽ اڻپورو هضم ٿيل کاڌو واپس سندن وات ۾ ايندو هجي يا کين اڪثر الٽين جي شڪايت ٿيندي رهندي هجي.
    • اهي مريض جيڪي پابندي سان دوائون نه کائي سگهن يا کين ڪنهن دوا مان الرجي جي شڪايت هجي.(معدي جي وڌيل تيزابيت جون دوائون اڪثرمريضن کي ڪيترن ئي سالن تائين استعمال ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ۽ اهي دوائون مهانگيون به هونديون آهن.)
    • اهي مريض جيڪي معدي جي تيزابيت کان تمام گهڻا پريشان هجن ۽ پنهنجي روزمرهه جي زندگي سڪون سان نه گُذاري سگهندا هجن.
    • اهي مريض جن جي غذا جي نالي ۾ بار بار زخم ٿيندا هجن.(گهڻن زخمن ٿيڻ سان غذا جي نالي ۾ ڪينسر (Esophageal adenocarcinoma) ٿيڻ جو خطروبه وڌي وڃي ٿو.)
    • اهي مريض جن ۾ اڻپوري هضم ٿيل خوراڪ واپس وات ۾ اچي ساهه جي رستي ڦڦڙن تائين پهچي ۽ انهن کي خراب ڪرڻ لڳي، نتيجي ۾ کين کنگهه، دم، نمونيا ۽ سيني ۾ سور جي شڪايت پيدا ٿيندي هجي.
    معدي جي وڌيل تيزابيت جڏهن واپس غذا جي نالي ۾ اچي ته مريض کي تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. ان تڪليف ۽ غذا جي نالي ۾ زخم ٿيڻ کان روڪڻ لا مختلف آپريشن ڪيا ويندا آهن. سڀ کان اهم آپرشن جو نالو نائسن فنڊوپلائي ڪيشن(Nissen Fundoplication) آهي. اهو آپريشن هاڻ ليپرو اسڪوپي ذريعي به ڪيو وڃي ٿو.
    تفصيل ۾ وڃڻ بدران صرف ڪجهه اهم آپريشن جون تصويرون ونڊ ڪجن ٿيون.

    [​IMG]
    هن آپريشن ۾ معدي جي مٿين حصي کي غذا جي نالي جي هيٺين حصي چوڌاري سبيو ويندو آهي ته جيئن اهو جوڙ درست ڪم ڪري سگهي ۽ غذا کي واپس وڃڻ کان روڪي سگهجي.
    [​IMG]
    Surgical Heartburn Treatment-LINX Flexibility
    هي هڪ تمام جديد علاج آهي. غذا جي نالي جي هيٺين حصي جي چوڌاري ٽائيٽينيم نالي هڪ چقمق (Ttitanium magnets) رکيا ويندا آهن. جيڪي غذا کي معدي ۾ داخل ٿيڻ کانپو واپس نالي ۾ وڃڻ کان روڪيندا آهن.
    [​IMG]
    معدي جي وڌيل تيزابيت سان غذا جي نالي ۾ پيدا ٿيل زخم ڀرجي ان نالي کي تمام سوڙهو ڪري ڇڏيندا آهن. آپريشن ذريعي اهو حصو ڪڍي عذا جي نالي کي ٻيهر جوڙيو ويندو آهي.
    ٽرنڪل ويگوٽامي (Truncal vagotomy)
    هن آپريشن ۾ معدي جي تيزابيت کي ڪنٽرول ڪندڙ دماغ جي تنت ويگس نرو (Vagus Nerve) جي ڪجهه شاخن کي وڍيو ويندو آهي. هن طريقي سان معدي مان نڪرندڙ تيزاب ڪافي حد تائين بند ٿي ويندو آهي.
    [​IMG] [​IMG]

    (حوالا: ميڊيڪل جا مختلف ڪتاب ۽ نيٽ تان ورتل تصويرون)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 فيبروري 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سلمان حسين فاروقي

    سلمان حسين فاروقي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2013
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    179
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    ڪراچي
    سر انهن دوائن جي باري ۾ ته شايد سڀني کي خبر هوندي، پر آخر ۾ نوٽ پسند آيو آهي.......
     
  14. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا سلمان حسين فاروقي...معدي جي تيزابيت تمام گهڻي عام آهي انڪري دوائون به ڄاتل سڃاتل آهن ۽ ڪوشش به اها ڪئي وئي آهي ته عام استعمال ۾ ايندڙ دوائن جا نالا ضرور ٻُڌائجن ته جيئن هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچن.
    ساڳئي فارمولا ۾ مختلف ڪمپنيون مختلف نالن سان دوائون ٺاهينديون آهن. ڪوشش ڪري ميڊيڪل اسٽور تان جڏهن به دوائون وٺجن ته ملٽي نيشنل ڪمپني جي دوا وٺڻ گهرجي. لوڪل ڪمپني جون دوائون سستيون ضرور آهن پر اثر تمام گهٽ ڪنديون آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    مهرباني سائين، انتهائي ڪارائتي ڄاڻ ڏني اٿئو، اها حقيقت آهي ته اڄ ڪلهه هر ماڻهو سان تيزابيت جو مسئلو پيش آيل آهي، پر تيزابيت ڇا آهي، ڇو پيدا ٿيندي آهي، ڪهڙا اپا وٺي سگهجن ٿا ان باري ۾ اوهان بهترين انداز سان باتصوير سمجهائي وڏو ٿورو ڪيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته لڳي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن ٿيندڙ تيزابيت يا عرف عام ۾ معدي ۾ ساڙو ٿيڻ جو حل مونکي ملي ويو آهي، وڏا وڙ اوهان جا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سولي نموني اوهان صحت جي هڪ اهم مسئلي بابت سمجهايو آهي. لک قرب.

    مان پڻ اڪثر ڪري معدي جي تيزابيت جو شڪار ٿيندو آهيان، پر اهو سڀ گهڻو ڪري اهڙا کاڌا واپرائڻ سبب يا وري جڏهن پوري ننڊ نه ڪيان ته پوء به اها تڪليف ٿيندي آهي.

    فيسبوڪ تي هي لنڪ شيئر ڪيم ته ڪافي ماڻهن هن مضمون کي پڙهيو ۽ ان بابت سٺا رايا ڏنا. اميد ته صحت جهڙي اهم مضمون تي اوهان ان قسم جا وڌيڪ ليک لکي اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا.

    ٿورا ناهن ٿورا ....
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    تمام بهترين ڄاڻ ڏيندڙ مضمون، مهربان اهڙي ڪوشش جاري رکو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو