دوستو آئون ونڊوز 8 پيو استعمال ڪريان ليپٽاپ ۾۔ پر الائي ڇو ڪروم توڙي فائرفاڪس ۾ بار بار ڪڏهن نيو ٽيب ته ڪڏهن نيو برائوزر ونڊوز ۾ ڪا نه ڪا سائيٽ کُلي ٿي وڃي۔ بند ڪري ڪري بيزار ٿيو پوان۔ ذيشان رشيد کان ذاتي طور پُڇيم پر ڪڏهن سنجيده جواب نه ڏنائين سواءِ هڪ اهم سوال جي۔ ڪهڙي ويب سائيٽ کولڻ سان اهي ٽيب کُلن ٿا۔ مون غور نه ڪيو پر هاڻ ڏِسان پيو ته هر سائيٽ کولڻ تي اهي کُلن ٿا۔ هيٺ اسڪرين شاٽ ۾ ڏيکاريو اٿم۔ ڏسو رڳو فيس بُڪ کولڻ تي به هي کُليو آهي۔
اهيو مسئلو ڪيٿرائي دفعا پيش آهيو آ.اهيو اڪثر ڪري ڪروم ئي برائوزر ۾ ٿيندو آ. اهيو مسئلو تڏهن ٿيندو آ جڏهن ڪو ٽولبار انسٽال ڪبو آ جيڪڏهن ثولبار انسٽال ٿيل آهي ته ان کي ان انسٽال ڪريو
ڇا توهان ڪو غير ضروري ايڪسٽينشن، ايڊان، ٽولبار يا سافٽويئر انسٽال ڪري ويٺا آهيو۔۔۔؟ ڇاڪاڻ ته ان سان نه صرف غير ضروري لنڪس کلندا آهن پر برائوزرس جي سيٽنگ متاثر ٿيندي آهي۔۔۔ ۽ اڪثر اهڙي انسٽاليشنس برائوزر ڪريش ٿيڻ جو سبب پڻ هونديون آهن۔۔۔ ان ڪري اهڙن پروگرامز کي ريموو ڪريو۔۔ يا وري سڀ کان پهريان توهان برائوزرس ايڪسٽينشن يا ايڊان جي اسڪرين شاٽ ۽ پوءِ ايڊ اينڊ رموو پرواگرامز تي اچي سافٽويئرس جي لسٽ جي اسڪرين شاٽس وٺي موڪليو۔۔۔ ته حل پيش ڪجي
ادا نيٺ وڃي هڻي هنڌ ڪيم۔ اوهان جي ڳالهه صحيح هئي۔ سڄو مسئلو اجاين انسٽال ٿي ويل پروگرام هئا۔ جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪِن هن گيم جي پيڪٽ پئي ڪيو۔ ڇُٽي جان۔
مون وٽ اهڙي قسم جي ڪا به ايڪسٽينشن يا سافٽ ويئر انسٽال نه ٿيل آهي پر گوگل ڪروم ۾ مون سان اها ئي حالت آهي۔۔۔ پريشاني ڏسڻ جوڳي آهي۔۔۔
اهو مسئلو هر ويبسائٽ تي اچي پيو، ٽاپ ايڊس صرف سنڌسلامت تي اچن پيون باقي پاپ اپ واريون ايڊس هر سائيٽ تي کلي اچن ٿيون۔۔۔ ٽوئيٽر تي به اها ئي حالت آهي۔۔۔ هن مسئلي جي جڙ OkitSpace نالي ايڪسٽينشن آهي ڇو ته ڪروم جي ايڪسٽينشنز لسٽ ۾ هي بار بار پاڻ مرادو اچي وڃي ٿي، گوگل تي به ان جو نالو malwares جي لسٽ ۾ ملي ٿو، ان ڏس ۾ ڪا مدد ڪري سگهو ته مهرباني ٿيندي
هي وائرس مينيوئلي ڊيليٽ ڪرڻ ڪافي مشڪل آهي جو هي پنهنجيون فائلز مختلف لوڪيشنس تي محفوظ رکي ٿو۔۔۔ ڀلو ٿئي فري فڪسر جو جنهن هي ڪم آسان ڪيو آهي۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔
ادا ۔۔۔۔۔۔ واقعي جادوگر آهيو۔۔۔ اسڪين ڪرڻ سان ٻيا فالتو ٽولبار جيڪي ڪيشي فائلز ۾ موجود هئا اهي به ڊليٽ ٿي ويا۔۔۔۔۔ مان هينئر اسڪين ڪري ختم ڪيو آهي۔۔۔۔ وري هڪ ڏينهن جي بعد جو تجربو اوهان کي ٻڌايان ٿو۔۔۔۔
واه سائين واه ! پاڻ کي اهڙين پريشان ڪندڙ شين جي معلومات ئي ڪانهي ۔ جان ڇڏائڻ جي کڻي ڪمپيوٽر ئي بند ڪري ڇڏيندو آهيان ۔ هاڻي ٿي خبر پوي ته مون سان گڏ وڏا وڏا ڪمپيوتر جا ڄاڻون به پريشان آهن ۔