دوستو مان آهيان عرفان مون کي هي سائيٽ ڦلپوٽي فقير ٻڌائي آهي هي سنڌي سائيٽ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿئي سلامsindhsalamatsaathsal
جواب: سلام سنگت کي جي آيا ۔۔۔ ڀلي آيا ۔۔۔ فقير سائينءَ جا لک ٿورا جو عرفان هن اڱڻ تي آيو ۔۔۔ جڏهن عقل ۽ عرفان گڏبا ته هيءَ اوطاق سهڻي ۽ ڪارائتي ٿي پوندي ۔۔۔ دوست عرفان! اوهانکي هيءَ اوطاق پسند آئي، انجي پويان به اسانجي دوست فقير جون تمام گهڻيون ڪاوشون ۽ محنتون آهن، اميد آهي ته اوهان به هن اوطاق جي اڱڻ تي پنهنجي عرفان جا گل پکيڙي، دوستن کي واسي ڇڏيندا ۔۔۔ سکڻ ۽ سيکارڻ اسانجو مقصد، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت اسانجي منزل ۔۔۔ اوهان جهڙن دوستن جي ساٿ ۾ منزل به ويجهي ٿيندي ۽ مقصد به حاصل ٿيندا ۔۔۔ شال جڙيو هجين ۔۔۔
جواب: سلام سنگت کي ادا عرفان احمد اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون مون کي اميد آهي ته توهان کي هتي سکڻ لا۽ گهڻو ڪجهه ملندو سدائين گڏ
جواب: سلام سنگت کي ادا عرفان ڀلي ڪري آيا اوهان جي اچڻ سان هڪ سٺي دوست جو واڌارو ٿيو پر پورو تعارف ته ڪرايو پيارا!!!
جواب: سلام سنگت کي ڀلـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي ڪـــــــــــــــــــــــــــــري آيــــــــــــــــــــــــــــا سڄڻ ســـــــــــــــــــــــــائــــــــــــــــــين