سنڌ جي خانگي ۽ شهري اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ڇو نه ٿي پڙهائي وڃي؟ جامي چانڊيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    سنڌ ۾ تعليم جي موجوده وزير نثار احمد کهڙي جي اچڻ کانپوءِ به تعليم کاتو جيتوڻيڪ پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ ساڳيو ئي آهي پر ان ۾ ڪجهه فرق به آيو آهي. مثال طور تعليم جي وزير جي ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جا داستان ايئن عام نه آهن، جيئن اُهي گذريل حڪومتي دور ۾ هئا. ”ماستريون“ ايئن کُلي عام ڪونه پيون وڪامجن، جيئن گذريل روايتي دور ۾ ان جي بازار گرم هئي. ضلعي سطح تي تعليم کاتي جا آفيسر ايئن سَوَن جي تعداد ۾ ڪوڙا نوڪرين جا آرڊر جاري نه پيا ڪن، جيئن گذريل پنجن سالن ۾ جاري ٿيا. ڀلا ٻيو نه ته نثار احمد کهڙي پنهنجيءَ وزارت جي صورتحال بابت گهٽ ۾ گهٽ سچ ڳالهائڻ ته شروع ڪيو آهي، جيڪو هڪ مثبت قدم آهي. هن ان ڏس ۾ ڪجهه اهم قدم به کڻڻ شروع ڪيا آهن، مثال طور سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي ڳالهائيندي هن چيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪي خانگي اسڪول سنڌي ٻولي نه ٿا پڙهائين، انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪياويا آهن. هن ان ڏس ۾ سرڪاري انگ اکر پڌرا ڪندي هن دعويٰ ڪئي ته سنڌ ۾ رجسٽرڊ نوَ هزار، اٺ سئو، ڇاهٺ خانگي اسڪولن مان نوَ هزار، ٽي سئو، ٽيتاليهه اسڪول سنڌي پڙهائين ٿا ۽ فقط 523 اسڪول سنڌي نٿا پڙهائين، جن کي تعليم جي وزارت پاران شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. هن اهو به چيو ته ڪراچي صوبائي ڊائريڪٽوريٽ ۾ رجسٽرڊ ڇهه هزار، ٻه سئو، پندرنهن اسڪولن مان پنج هزار، اٺ سئو، پنجويهه اسڪول سنڌي پڙهائين ٿا ۽ 390 اسڪول سنڌي نٿا پڙهائين. ڪراچي ڊويزن ۾ 74، حيدرآباد ڊويزن ۾ 30، سکر ڊويزن ۾ 16، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 13 اسڪول سنڌي نٿا پڙهائين.
    هڪ طرف جتي سنڌي جي تعليم جي وزارت طرفان اهڙو سروي ڪرڻ ۽ اِهي انگ اکر پڌرا ڪرڻ هڪ سُٺي ڪوشش آهي، اُتي منهنجي خيال ۾ نثار احمد کهڙي کي اهڙن سرڪاري انگن اکرن جي درست هجڻ تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اِها کيس به خبر آهي ته هيءُ سڄو ڪرپٽ ۽ نا اهل ڪم چور سرشتو ڪيتري ايمانداريءَ سان اهڙا انگ اکر گڏ ڪندو هوندو. سنڌ جي خانگي ۽ وڏن شهرن جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي ۽ ثانوي مضمون طور نه پڙهائڻ ڪو اڄ جو مسئلو نه آهي، اهو مسئلو ورهاڱي کان وٺي هلندو اچي، جنهن جي صورتحال ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي وڃي. 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٻوليءَ جو بل پاس ٿيو ۽ ان کانپوءِ به سنڌ اسيمبليءَ ان ڏس ۾ ٻه ڀيرا اڳ به ٺهراءُ پاس ڪرائي چڪي آهي ۽ پهريون ٺهراءُ 1994ع ۾ به نثار احمد کهڙي پيش ڪري پاس ڪرايو هو پر ان جو اڄ تائين ڪوبه نتيجو نه نڪتو آهي. سبب اِهو آهي جو حڪومتون اهڙيون اچن ٿيون، جن کي رڳو پنهنجا پيٽ ڀرڻ جي ٻيو ڪوبه ڪم نه آهي، جڏهن ته ان ٺهراءُ تي عمل ڪرائڻ لاءِ وڏو ارادو، ايمانداري ۽ تعليم جي اهميت جو احساس گهرجي، جيڪو ڪرپٽ ۽ نا اهل حڪومتن کي ٿي ئي نه ٿو سگهي.
    جيتوڻيڪ ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ کي مختلف شڪلين ۾ ڪاپاري ڌڪ لڳا آهن پر وڏن شهرن جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي مضمون طور نه پڙهائڻ سان پڻ سنڌي ٻوليءَ جي واهپي، ترقيءَ ۽ اوسر کي سخت هاڃو رسيو آهي، جنهن جو مڪمل سدِباب ته هاڻي ممڪن نه آهي پر هلندڙ ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ امڪاني بلڪه يقيني نقصان کي هڪ حد تائين گهٽائي يا ان کان بچائي سگهجي ٿو ۽ جيتوڻيڪ ان لاءِ سڄي معاشري جي ذميواري بڻجي ٿي پر سڀ کان اهم ڪردار سنڌ جي سرڪار ۽ تعليم جي وزارت جو جُڙي ٿو. ان ڏس ۾ جن 523 اسڪولن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، اهو هڪ سُٺو قدم آهي پر ان جي ڪابه ضمانت نه آهي ته انهن جي نتيجي ۾ هاڻي سڀاڻي کان انهن اسڪولن ۾ سنڌي لازمي طور پڙهائي ويندي. جنهن صوبي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ٻه ڀيرا ٺهراءُ پاس ڪرڻ کانپوءِ به ان تي عمل نه ٿو ٿئي، اُتي شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ سان به ڪو کڙ تيل نه نڪرندو. ان لاءِ وڏي سنجيدگيءَ سان گهربل رٿابندي ۽ حڪمت عملي تيار ڪري ان تي گهٽ ۾ گهٽ پنج سال ڪم ڪرڻ سان وڃي عملي طور صورتحال ۾ ڪو ڦيرو ايندو. مون اهي تجويزون اڳ به نثار کهڙي کي حيدرآباد ۾ روبرو ڏنيون هيون، جنهن جي هن مثبت موٽ پڻ ڏني پر انهن تي عمل ٿيڻ اڃا باقي آهي.

    ان ڏس ۾ هيٺين تجويزن تي عمل ڪرڻ سان ٺوس نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا:

    (1) مون اڳ به لکيو هو ته جيسين سرڪار وٽ حقيقت تي ٻڌل انگ اکر ۽ رپورٽون نه هونديون، تيسين سڄي پاليسي يا رٿابندي لازمي طور ناڪام ٿيندي. نثار کهڙي صاحب کي گهرجي ته آءِ بي اي سکر يا زيبسٽ ڪراچيءَ جهڙي ڪنهن ساک رکندڙ اداري کان اهو تڪڙو سروي ڪرايو وڃي ته سنڌ ۾ ڪيترن ۽ ڪهڙن خانگي ۽ شهرن جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌيءَ کي لازمي مضمون طور نه ٿو پڙهايو وڃي. جي هنگامي طور اهڙي جاچ ڪرائي وئي ته لازمي طور انگ اکر وڌيڪ سنگين سامهون ايندا.​

    (2) سنڌ جي تعليم جي وزارت ساک وارن ايماندار ۽ فرض شناس آفيسرن ۽ تعليمي ماهرن تي مشتمل هڪ ڪُل وقتي شڪايتي سيل قائم ڪري، جتي سڄيءَ سنڌ جا والدين يا عام شهري اهڙن اسڪولن بابت حڪومت کي سڌيءَ ريت ڄاڻ ڏين، جتي يا ته سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي يا مورڳو اسڪول ئي بند آهن. اهڙو شڪايتي سيل هفتيوار بنياد تي تعليم جي وزير ۽ سيڪريٽريءَ کي باضابطا رپورٽ ڪري، جنهن جي بنياد تي ٺوس عملي قدم کنيا وڃن.
    (3) سنڌ جو تعليم جو وزير ۽ سيڪريٽري ميڊيا ۽ سول سوسائٽيءَ جي ساک رکندڙ فردن سان گڏجي سنڌ جي مختلف خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن جا اوچتا دورا ڪن ۽ اهڙيون هدايتون چيف سيڪريٽريءَ معرفت ضلعي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊويزنل ڪمشنرن کي پڻ جاري ڪرڻ گهرجن. حيدرآباد ڊويزن ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان ڪمشنر جمال مصطفيٰ شاهه اهڙي مهم اڳ ئي هلائي رهيو آهي، جنهن جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن. اهو ڪم سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ ايماندار، فرض شناس ۽ قوم جا هڏڏوکي آفيسر اهو ڪم پاڻ مرادو به ڪري سگهن ٿا.​

    (4) سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي تباهي ۽ خانگي توڙي شهرن جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي لازمي مضمون طور نه پڙهائڻ جو هڪ سبب تعليم کاتي طرفان اثرائتي مانيٽرنگ جو نظام نه هئڻ به آهي. موجوده نظام جا سپروائيزر ساڳئي نا اهل ۽ ڪرپٽ سسٽم جو حصو آهن، ان ڪري هو ڪڏهن به ايمانداريءَ سان مانيٽرنگ نه ڪندا. ان لاءِ لازمي آهي ته تعليم کاتو اهڙو ڪانٽريڪٽ وري به آءِ بي اي سکر يا زيبسٽ ڪراچيءَ جهڙي ڪنهن ساک رکندڙ اداري کي ڏئي، جيڪو ماهوار بنياد تي حڪومت کي رپورٽ ڏئي ته خانگي ۽ شهرن جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي مضمون لازمي طور پڙهائڻ جي ڇا صورتحال آهي.​

    (5) نثار احمد کهڙي اسيمبليءَ ۾ اهو چيو آهي ته 9866 خانگي اسڪولن مان 9343 اسڪول سنڌي پڙهائي رهيا آهن ۽ رڳو 523 اسڪول سنڌي نه ٿا پڙهائين. سوال آهي ته اها جاچ ڪرڻ گهرجي ته جيڪي 9343 خانگي اسڪول سنڌي پڙهائي رهيا آهن، اُهي گهٽين وارا کُڏين نما اسڪول آهن يا اُهي واقعي معياري اسڪول آهن. سنڌ ۾ اهو هڪ کُليل راز آهي ته اِهي هڪ ٻن ڪمرن وارا ننڍا اسڪول مڙئي نالي ماتر غيرمعياري تعليم ڏيئي رهيا آهن ۽ گهڻن اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن يا ماسترياڻين جي مادري ٻولي به سنڌي ڪانهي ۽ اُتي مڙئي رسم پورائي لاءِ سنڌي پڙهائي وڃي ٿي. جڏهن ته ان ڳالهه جي پڻ جاچ ٿيڻ گهرجي ته جيڪي 523 اسڪول سنڌي پڙهائڻ کان انڪار ڪريو بيٺا آهن، اُهي ملڪ جا ناميارا وڏا معياري خانگي اسڪول ته نه آهن، جتي اسڪول اندر سنڌي ڳالهائڻ تي به ڏنڊ رکيل هوندو آهي يا رسمي طور منع ڪيل هوندي آهي. جيئن ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ وڏا گرامر خانگي اسڪول صوبي جي قانون تحت ڪم ڪرڻ جا پابند آهن، اُن ڪري اُنهن کي مڪمل طور پابند بڻائي سگهجي ٿو ته اُهي سنڌيءَ کي لازمي مضمون طور سنڌي ٻارن کي ئي نه پر غيرسنڌين کي به پڙهائين، پر کانئن ڪوبه ان ڏس ۾ سختيءَ سان پڇاڻو ڪرڻ وارو ناهي. ان ڏس ۾ ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ سان سڌيءَ ريت لهه وچڙ ۾ اچي سگهجي ٿو ۽ سندن نصاب تحت ڪم ڪندڙ وڏن اسڪولن کي پابند بڻائي سگهجي ٿو . مثال طور هاڻي سٽي اسڪول ڪجهه جاين تي سنڌيءَ کي پڙهائڻ شروع ڪيو آهي پر ان باوجود سنڌيءَ جو امتحان ٻارن کان نه ٿو ورتو وڃي، جنهن ڪري ظاهر آهي ته ٻار ۽ سندن والدين به دلچسپي نه ٿا وٺن. منهنجي تجويز آهي ته نثار کهڙو ۽ سيڪريٽري تعليم جلد اهڙن سمورن وڏن اسڪولن جي انتظاميا جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائين ۽ کين آگاهه ڪيو وڃي ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ٺهراءُ جي انحرافي ڪندي، سنڌيءَ کي لازمي مضمون طور نه پڙهايو ويو ته سندن لائسنس منسوخ ڪيا ويندا. جيڪڏهن اهڙا لائسنس منسوخ ڪرڻ جو مثال قائم ڪيو وڃي ته پوءِ اهي خانگي ادارا به اهڙي اعلان کي گهربل سنجيدگيءَ سان وٺندا. نثار کهڙي کي مون اها ڳالهه چئي هئي ته حڪومتي اختيار ۽ قانون آڏو ڪاروبار ڪندڙ اهڙن خانگي اسڪولن جي ڪابه مجال نه آهي، جو اُهي ان جي انحرافي ڪن پر سوال انهن کان سختيءَ سان پڇاڻي جو آهي، جيڪو ڪوبه نٿو ڪري.​
    (6) بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته جنهن سنڌي مڊل ڪلاس جا ٻار اهڙن معياري خانگي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، انهن جا والدين به لاڳاپيل اسڪولن تي ڪو دٻاءُ نه ٿا وجهن ته جيڪڏهن اِهي اسڪول سنڌي لازمي طور نه پڙهائيندا ته پوءِ اهڙن اسڪولن ۾ نه رڳو ٻار داخل نه ڪيا ويندا پر اهڙن اسڪولن جو سماجي سطح تي بائيڪاٽ پڻ ڪيو ويندو. سنڌ جي تعليم جي وزارت سنڌي ميڊيا ۽ سول سوسائٽيءَ سان گڏ والدين ۽ مجموعي طور معاشري ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ حساسيت پيدا ڪرڻ جي ڪا هڪ مهيني جي اثرائتي مهم پڻ هلائي سگهن ٿا. ان ڏس ۾ ميڊيا جي هٿيار کي وڏي پئماني تي استعمال ڪري سگهجي ٿو. عوام ۽ خاص طور وچولي طبقي ۾ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ اها حساسيت پيدا ڪرڻ لاءِ ضلعي ڪانفرنسون پڻ ڪوٺائي سگهجن ٿيون.​
    (7) سنڌ جي خانگي ۽ وڏن شهرن جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙهائڻ جو معاملو ايترو حساس آهي جو ان کي رڳو حڪومتن جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي. اهو معاملو سڄي سماج جو آهي ۽ ان کي يقيني بڻائڻ جي بنيادي جوابداري به سموري سماج جي آهي. منهنجيءَ نظر ۾ سنڌ جون وطن دوست سياسي پارٽيون، سماجي ادارا، استادن جون تنظيمون، صحافي ۽ ادبي تنظيمون وڏو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا جهڙيون وڏيون تنظيمون سنڌ ۾ موجود آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دانهن ڪرڻ کان اڳتي وڌي ان ڏس ۾ ڪو اثرائتو طريقو ۽ حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. سنڌ جي ادبي، سماجي ۽ سياسي تنظيمن جون سڄيءَ سنڌ ۾ شاخون ۽ ڪارڪن آهن ۽ سنڌي ميڊيا به هر ننڍي شهر ۽ ويندي ڳوٺن تائين موجود آهي، ته ڇا اهي تنظيمون ۽ سندن ڪارڪن سنڌ جي اسڪولن جي مالڪي نه ٿا ڪري سگهن ۽ جيڪو خانگي يا سرڪاري اسڪول سنڌي لازمي مضمون طور معياري انداز ۾ نٿو پڙهائي، ان کي اثرائتي عوامي مهم ذريعي ان لاءِ مجبور نه ٿو ڪري سگهجي؟!! مان سمجهان ٿو ته ايئن بلڪل ڪري سگهجي ٿو. شرط اهو آهي ته اهو اسان جو اٽل فيصلو هجي ته سنڌ ۾ خانگي اسڪولن کي يا ته تڏا ويڙهه ڪرڻي پوندي يا سنڌي ٻوليءَ کي لازمي طور پڙهائڻو پوندو.
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صبح سان سڄو مضمون پڙهيم ۔۔۔ وقتائتو ۽ اهم مضمون آهي۔ ڪاش سنڌ حڪومت ان تي سوچي ۽ عمل ڪري۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو