ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو ڏيهاڙو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    صوفي اسحاق سومرو، مرزا تيمور رضا
    ڪشمير جي بينظير وادي هماليه جي دامن ۾ 8400 چورس ميلن تي ڦهليل آهي، هن وادي جي آدمشماري پنجاهه لک ماڻهن کان مٿڀري آهي. انهن مان 80 سيڪڙو مسلمان آهن. قديم زماني ۾ جڏهن هندو ۽ سک راجا ڪشمير تي راڄ ڪندا هئا تڏهن به هتي مسلمانن جي گهٽائي هئي. انڪري پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ به مسلمان پنهنجن راجائن خلاف اڪثر بغاوت جو علم بلند ڪندا رهندا هئا. ڪشمير مٿان هندو توڙي سک تسلط يا حاڪميت کي چئن خاص دورن ۾ تقسيم ڪري سگهي ٿو. اُهي دور 1846ع کان 1857ع تائين گلاب سنگي، 1857ع کان 1885ع تائين راجا رنبير سنگهه، 1885ع کان 1925ع تائين هري سنگهه جڏهن ته 1925ع کان 1952ع تائين ڊوگرا گهراڻا وادي تي قابض رهيا ۽ اُهي سڀئي حڪومتون مسلمانن لاءِ ڪٺن ۽ غير مهذب رهيون. اهڙين حالتن هوندي به ڪشمير جون معاشرتي، مذهبي روايتون پاڪستان سان ملندڙ ۽ ٺهڪندڙ آهن ايتري تائين ته پاڪستان جا چناب، جهلم ۽ سنڌو جهڙا وڏا درياء به ڪشمير وادي مان ٿيندا پاڪستان ۾ پهچن ٿا. مطلب ته پاڪستاني قوم سان ڪشميري ڀائرن جا نه ختم ٿيڻ جهڙا ناتا ۽ رشتا آهن جنهنڪري پاڪستاني قوم سندن هر تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهي هر صورتحال ۾ ساڻن هم قدم ۽ هم آهنگ آهي.
    ڪشميري مسلمانن جي قربانين جي خارجه توڙي داخلي پهلوئن جي وچور ۾ وڃڻ کانسواءِ سندن جدوجهد واري سفر کي سمجهڻ مشڪل آهي انڪري ويجهڙائي وارن گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سٺ سالن جو جائزو وٺڻ تمام ضروري آهي.
    1947ع ۾ مهاراجه جي غلط پاليسين ۽ ڊوگرا حڪومت خلاف بغاوت شروع ٿي جيڪا هنڌ ۽ ڀونچ کان وڌي جلدي مظفر آباد ۽ ميرپور (آزاد ڪشمير) تائين پکڙجي ويئي، آگسٽ ۽ آڪٽوبر 1947 ۾ ڄمون ۾ عوامي فساد ٿيا ۽ تمام گهڻي لڏپلاڻ پاڪستان ڏانهن ٿي، انهيءَ دوران 15 آگسٽ 1947 هندستان جي آزادي جو اعلان به عمل ۾ آيو پر ڪشمير جي قسمت جو واضح فيصلو ٿي نه سگهيو. 3 آڪٽوبر 1947ع تي ڊوگرا حڪمراني خلاف اٿاريل ڀرپور عوامي احتجاج ۽ آزادي واري اعلان جو نتيجو اِهو نڪتو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير کي صوبائي حيثيت ۾ قبول ڪيو ويو جنهن کانپوءِ 7 آڪٽوبر 1947 ۾ پٽيالا رياست به ڄمون ۽ ڪشمير سان ڳانڍاپي واري تحريڪ ۾ شامل ٿي ويئي جنهنڪري وڌندڙ بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪشمير جي مهاراجه هندستان کي فوجي مداخلت جي مدد جو مطالبو ڪيو جنهنڪري 1947ع ۽ 1948ع اڌاري پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ڪشمير جي حوالي سان پهرئين جنگ لڳي ۽ هندستان جا فوجي دستا سري نگر ۾ داخل ٿيا. فوجي مداخلت جي ڪري حالتون بگڙنديون رهيون ۽ نفرت جون چڻنگون وڌي هڪ وڏي باهه جي شڪل وٺي ويون ۽ معاملن ۾ سرچاءُ طرف وڃڻ بدران 1965ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻي جنگ لڳي اهڙي طرح ڪشمير جي معاملي جي پسمنظريه 1971ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽين جنگ لڳي جنهنڪري ڪشمير جي مسئلي لاءِ ڪائي پيش رفت ته ڪا نه ٿي پر ملڪ جو اوڀر وارو حصو بنگلاديش عليحدگي جو اعلان ڪري هڪ آزاد مملڪت بڻجي ويو. 1972ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جنگي تباهڪارين کي محسوس ڪيو ۽ ”لائين آف ڪنٽرول“ جو معاهدو ۽ هڪٻئي مٿان حملا نه ڪرڻ تي راضي نامو ڪري ورتو. انهيءَ راضي نامي کان ڪجهه سال پوءِ اپريل 1984ع ۾ هندستان سياچن مٿان پنهنجون فوجون لاٿيون جنهن تي پاڪستان سخت احتجاج ڪيو پر هندستان ان طرف ڪو توجه نه ڏنو ۽ معاملو ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو رهيو ۽ مئي 1987ع ۾ راجيو گانڌي ۽ فاروق عبدالله والاريل ڄمون ڪشمير ۾ چونڊون ڪرائڻ جو پروگرام جوڙي ورتو انهن چونڊن مان مسلمانن کي ڪو به فائدو نه هو جنهنڪري ساڳئي سال ڪشمير ۾ هٿيار بند ويڙهاند شروع ٿي ويئي. هندستان سرڪار جي ضد ۽ هوڏ سبب 1999ع تي ڪارگل تي جنگ لڳي ۽ جولاءِ 2001ع تي اٺل بهاري واجپائي پاڪستان سرڪار سان امن ڳالهيون ڪيون اهڙي ريت مئي 2003ع تي به ٻنهي حڪومتن وچ ۾ تفصيلي ڳالهيون ٿيون نتيجي ۾ 11 جولاءِ 2003ع ۾ ٻنهيءَ ملڪن جي وچ ۾ نگ نه پر ڳالهيون ڪرڻ جو معاهدو ٿيو ۽ ڳالهين جا ڪيئي مرحلا ٿي چُڪا آهن ۽ انهن سنجيده ڪوششن ۽ ملندڙ بهتر نتيجن ۾ بمبئي واقعي جي ڪري اتحاد تي جيڪو تعطل پيو آهي سو به گهڻو وقت هلي نه سگهندو ڇو ته جنگ ڪنهن صورت ۾ ٻنهي ملڪن جو عوام رد ڪري چُڪو آهي.
    برصغير جي ورهاست وقت انگريز حڪمرانن سڀني رياستن کي اِهو اختيار ڏنو هو ته اُهي هندستان يا پاڪستان سان پنهنجي مرضي سان الحاق ڪن، انهيءَ حوالي سان جيڪي رياستون هندستان سان لاڳاپيل هيون ۽ جاگرافيائي ۽ مذهبي طور ڀارت کي وڌيڪ ويجهيون هيون انهن فطري طور تي هندستان سان الحاق ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو پر ساڳئي وقت ڪشمير جو مهاراجا به جيئن ته ڪٽر هندو حڪمران هو اُن عوام جي اُمنگن ۽ مفادن جو ڪو به خيال نه ڪيو ۽ ڏاڍ ۽ ڏنڊي جي زور تي هندستان سان الحاق جو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ ميلاپ واري ميزان تي صحيحون ڪري ڇڏيون، مهاراجه جي انهن غلط فيصلي ڪشميري مسلمانن کي بغاوت ۽ مخالفت خلاف عملي جدوجهد تي مجبور ڪيو جنهنڪري آزادي جي شمع جا لکين ڪشميري پروانا پنهنجي جان قربان ڪري چُڪا آهن. ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍاين جي ڪري پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميري مسلمان ڀائرن جي اخلاقي ۽ آئيني ساٿ ڏيڻ لاءِ سندن جيڪا مدد ڪئي آهي هندستان سرڪار کي ان مٿان سدائين ڪاوڙ پئي رهي آهي.
    اهڙيءَ ڪاوڙ جي نتيجي ۾ هندستان سرڪار سيڪيورٽي ڪائونسل جو در کڙڪايو جنهنڪري وقتي طور تي هٿياربند ويڙهه ۾ ٺاپراچي ويئي، ان وقت جي ڀارتي وزير اعظم جواهر لال نهرو ۽ بين الاقوامي برادري آڏو اِهو يقين به ڏياريو هو ته سندن حڪومت ڪشميري عوام جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن خلاف سندس حڪومت ڪو به قدم نه کڻندي ڇو ته اُن وقت اقوام متحده صاف طور تي جنگ بندي جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ هندستاني حڪومت کي تنبيه ڪئي ته عوامي راءِ جو احترام ڪيو وڃي ۽ اُتي جو عوام کي سندن مرضي مطابق ۽ بنا ڪنهن خطري يا دٻاءُ جي پنهنجي مستقبل متعلق فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي.
    تاريخ شاهد آهي ته ڀارت پنهنجون اخلاقي ۽ آئيني ذميواريون نباهڻ ۾ ناڪام پئي رهيو آهي ۽ ڪشمير تي قابض رهڻ خاطر اقوام متحده پاران پاس ٿيندڙ هر قرارداد ۽ پاڪستان توڙي ڪشميري اڳواڻن سان ڪيل هر معاهدي کي ڪا به اهميت نه پئي ڏني آهي ۽ انهيءَ حوالي سان ٿيندڙ ڪوششن کان انڪار ڪندي ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق کان منهن موڙيندو رهيو آهي، انڪري ڪشمير هندستان جي ورهاست کان وٺي خل طلب مسئلو رهندو پيو اچي. ڪشمير جي مسئلي تي بين الاقوامي سطح ٿيل ڪوششن کي به هندستان جي سرڪاري بهتر موٽ نه ڏني آهي ڇو ته 28 جنوري 1948ع تي اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل پنهنجي فيصلي ۾ جيڪي چار نقطا واضح ڪيا انهن مطابق مڪمل غير جانبداري سان ڪشميرين کان خودمختياري متعلق سندن راءِ ورتي وڃي، هڪ عبوري حڪومت تشڪيل ڏني وڃي، ڪشميرين کان اقوام متحده جو نگرانيءَ ۾ راءِ معلوم ڪئي وڃي ۽ ڀارتي توڙي پاڪستاني فوجون هڪدم ڪشمير مان نڪري وڃن جيئن اقوام متحده جي نگرانيءَ ۾ ٿيندڙ ريفرنڊم غير جانبداري سان پڄاڻي تي پهچي سگهي. سيڪيورٽي ڪائونسل پاران ڏنل فيصلي جي آخري ٻن نقطن تي هندستان حڪومت پاران عمل نه ڪرڻ کان نابري واري ويئي، جنهن تي قائد اعظم محمد علي جناح سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت کي ڪنهن به قسم جي انهيءَ سلسلي ۾ رعايت ڏني ويئي يا اُن سان نرمي ڪئي ويئي ته اسان بين الاقوامي فورم مان نڪرڻ تي غور ڪندا سون، اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ ڪري 15 جنوري کان 21 اپريل 1948 تائين سيڪيورٽي ڪائونسل بحث جاري رکيو ۽ آخر ۾ هڪ غير جانبدار ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪائونسل بحث جاري رکيو ۽ آخر ۾ هڪ غير جانبدار ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان ڪميشن بعد ۾ هندستان جو تفصيلي دورو ڪري حقيقتون معلوم ڪيون ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجون جوڙيل سفارشون پيش ڪيون. انهن سفارشن جي نتيجي ۾ آگسٽ 1948ع ۽ جنوري 1949ع واريون قراردادون پاس ٿيون جن مٿان عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ 1948ع کان 1953ع تائين اقوام متحده گهڻي سرگرم رهي ۽ هندستان کي ڪشمير مان فوجون ڪڍڻ تي مجبور ڪيو. انهيءَ دوران هندستان جي وڌ ۾ وڌ اِها ڪوشش رهي ته اقوام متحده پاران پاس ڪيل ٺهرائن تي عمل درآمد نه ٿيئي انهيءَ سلسلي ۾ اقوام متحده جو خاص ايلچي فرينڪ گراهم به پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اهڙو ذڪر ڪيو آهي جيڪا هُن 1953ع ۾ ٺاهي پيش ڪئي هئي. اهڙي طرح هندستان علائقائي توڙي بين الاقوامي ڪوششن جي نتيجي ۾ جيڪي به معاهده ڪيا انهن تان ڦري وڃڻ انهن جي روايتن ۽ عادتن ۾ شامل ٿي چُڪو هو جنهنڪري ورتل ڪوششون بي سود ثابت ٿيون. 1957ع ۾ پاڪستان ڪشمير جو مسئلو وڌيڪ سرگرميءَ سان اقوام متحده ۾ پيش ڪيو ۽ مقبوضه ڪشمير پاران پاس ڪيل فيصلو جنهن ۾ ڪشمير کي هندستان جو حصو قرار ڏنو ويو هو اهو فيصلو سيڪيورٽي ڪائونسل پاران رد ڪيو ويو ۽ ڪائونسل پاران وقت بوقت پاس ڪيل ٺهرائن جي توثقيق ڪندي انهن مٿان عمل درآمد جي رفتار جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجا بااثر نمائنده پڻ مقرر ڪيا. انهن نمائندن جيڪي تجويزون پيش ڪيون انهن مٿان عمل درآمد ڪرڻ کان هندستان بين الاقوامي برادري کي جواب ڏئي ڇڏيو. انهن بين الاقوامي ڪوششن کانسواءِ 1985 کان 1963ع تائين ڳالهيون لاهين چاڙهين جو شڪار ٿينديون رهيون ۽ ڪڏهن موڙيءَ ته ڪڏهن تيزي جو شڪار رهيون ان هوندي به ڇهه ڀيرا باضابطا ڳالهيون ٿيون پر هندستان جي روايتي هوڏ سبب ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيون.
    ڪشمير جي مسئلي تان ”جمود“ ٽوڙڻ واريون حالتون تڏهن بڻيون جڏهن 1964 ۾ درگاهه حضرت بل تان ”وار مبارڪ“ چوري ٿيڻ جو واقعو پيش آيو ۽ پورب ڪشمير واريءَ ۾ بي قراري جو لهر شروع ٿي ويئي ۽ عوام باغي ٿي سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪري ڏني انهي صورتحال دوران پاڪستان جي درخواست تي سيڪيورٽي ڪائونسل پاران اجلاس ڪوٺايو ويو جيئن حالتن جي نذاڪت کي پرکي سگهي. اهڙي ريت ڪشمير جو مسئلو هڪ ڀيرو ٻيهر بين الاقوامي بحث ۽ ويچار هيٺ اچي ويو ۽ حالتون تيزي سان بگڙي ويون ۽ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 1965ع ۾ جنگ پڻ لڳي جنهنجو پاڪستان ڀرپور فائدو وٺندي ڪشمير واري مسئلي جي پائدار حل زور ڀريو ۽ روس جي وچ م پوڻ سبب هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ تاشقند معاهدو ٿيو ۽ سرحدن تان فوجون واپس ٿيون، اهڙي ريت 1966 کان 1971 دوران ڳالهين سان گڏ جنگ پڻ ٿي ۽ 1972ع ۾ ”شملا معاهدو“ ٿيو. اهڙي طرح ڪشمير جي مسئلي تي ٿيل سڀني معاهدن ۽ ٺهرائن ۾ شملا معاهدي کي وڌيڪ اهم ۽ لاڀائتو سمجهيو وڃي ٿو.
    ايترين ڪوششن ۽ جدوجهد جي باوجود ڪشميري مسلمان اڄ به هندستان جي تسلط، ڏاڍ ۽ ظلم خلاف مزاحمت ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏيئي رهيا آهن، پاڪستان جو حڪومت ۽ عوام جو ساڻن ساٿ هميشه هميشه گڏ رهندو ۽ پنهنجائپ ۽ يڪجهتيءَ واري سفر م ساٿ نباهڻ جو عزم ولولو گهٽ نه ٿيندو بلڪ هڪ آزمائش تي پورو لهندو رهندو.
    ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ سان پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو جيئن ته دائمي ساٿ رهيو آهي انڪري سندن تحريڪ ۽ جدوجهد کي اخلاقي حمايت ڏيڻ لاءِ 5 فيبروري 1996 کان ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي ۽ اهو عزم ورجايو ويندو آهي ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پاران ڪشميري ڀائرن جو مؤقف جي ڀرپور ۽ غير مشروط حمايت جاري رهندي. 5 فيبروري ان ورجاء جو ڏينهن به آهي ته پاڪستاني عوام جون دليون پنهنجن ڪشميري ڀائرن جي دلين سان گڏ ڌڙڪي رهيون آهن. اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي. هر ننڍي وڏي شهر م ڪشميري مسلمان ڀائرن سان پنهنجائپ ۽ يڪجهتي جو اظهار طور مظاهرا ڪيا ويندا، جلسا ڪيا ويندا سيمينار ۽ تقريبون منعقد ٿينديون ۽ انساني هٿن جو زنجير ٺاهي سائن ٻڌيءَ ۽ ڀائيپي جو مظاهرو ڪيو ويندو.
    انشاء الله اُهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن لکين ڪشميرين پاران آزاديءَ لاءِ ڏنل قربانيون رنگ لائينديون ۽ اُهي ڀارتي تسلط ۽ ڏاڍ کان سدائين لاءِ نجات ۽ ڇوٽڪارو حاصل ڪري پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا مطابق پنهنجي سياسي، سماجي ۽ مذهبي زندگي گذاريندا ۽ دنيا جي تقشي تي ڪشمير هڪ آزاد ملڪ طور پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪري وٺندو.
    پاڪستان جي موجوده حڪومت جيئن ته جمهوري حڪومت آهي ۽ عوام جو ووٽن وسيلي چونڊجي اچڻ ڪري عوام جي اُمنگن ۽ دلين جي ڌڙڪن کي چڱي ريت سمجهي ٿي ۽ ڪشمير جي مسئلي ۾ سنجيده ڪوششون وٺي رهي آهي ۽ اُن جو هر قدم اُميد ڀريو ۽ آٿت وارو آهي ۽ ورهين جو ستايل ڪشميري ڀائرن جي عزت ۽ آزادي لاءِ موجوده حڪومت کان تمام گهڻيون اُميدون آهن.

    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    هي هند ( انڊيا) جو مسلم ليڊر اڳواڻ ڪشمير جو وزير اعليٰ مسٽر غلام نبي ”خيال“ ۽ سندس والد گراميء قدر مولانا ابو الڪلام آزاد ( محيُ الدين بن خير الدين ) سڀ غدار يا ڪافر هئا؟ جن ڪشمير تي پاڪستان جو حق اڄ تائين ناهي مڃيو ۽ نه وري پاڪستان کي اسلام جو ٺيڪيدار ٿا سمجهن.​
     
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    تمام بهترين ڄاڻ آهي
     
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪشميري قوم کي حق خود اختياري ڇو نه ملي سگهي آهي ؟ ان سوال جو جواب صرف ۽ صرف مذهبي ڇڪتاڻ آهي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي ڪري قومن کي وڏي ۾ وڏا نقصان ڀوڳڻا پيا آهن ۔ ان جو وڏي ۾ وڏو مثال سنڌي قوم آهي ۔ مذهبي ڇڪتاڻ جي ڪري سنڌي قوم پنهنجو ڄڻ ته وجود وڃائي ويٺي آهي ۔ وڌيڪ ڊيگه کان بچڻ جي ڪري مان پنهن جو خيال پيش ڪريان ٿو ۔ سڀني دوستن کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته ڪشميري قوم جي آزادي لا جيڪي ڌريون ڪم ڪري رهيون آهن ،اهي ٽن قسمن جون آهن ۔ مسلمانن تي ٻڌل گهڻيون تنظيمون اها ڪوشش ڪري رهيون آهن ته ڪشميري قوم کي آزاد ڪرائي ، پاڪستان ۾ شامل ڪرائجي ، هندو مذهبي تنظيمون وري ان کي هندستان ۾ شامل ڪرائڻ جي حق ۾ آهن ۔ جڏهين ته ٽريئين ڌر اها آهي ،جنهن ۾ هندو مسلم گڏجي ڪشميري قومي بنياد تي ان کي آزاد ۽ خود مختيار ملڪ بڻائي اقوا م متحده جو رڪن بنائڻ گهرن ٿيون ۔، اهائي ڌر حق تي آهي پر هندوستان ۽ پاڪستان ٻيئي گڏجي ان حقيقي جدوجهد ڪندڙ ڌر کي چيڀاٽي رهيا آهن ،۔ تنهن ڪري بينالاقوامي ڌريون خاموشي سان ويهي تماشو ٿيون ڌسن۔ ۔ جيڪڏهين هندوستان ۽ پاڪستان پنهنجي هوڏ تان لهي ڪشميرين کي مذهبي بنيادن کي ڇڏي هڪ ڪشميري قوم سمجهي آزاد ڪن ته معاملو ئي ختم ٿي ويندو۔ پر انهنکي ڪير سمجهائي ؟ وڌيڪ اهو ته ڪشميرين جو ٻيڙو ئي جناح غرق ڪيو ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪشميري قوم کي هن وقت تائين جيڪو به نفعو يا نقصان حاصل ٿيو آهي ،اهو سڀ جناح جي ڪري ٿيو آهي ۔ وري سوال پڇندا ته اهو وري ڪينئن ؟ اهو ائين ته انگريزن جڏهين بر صغير کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ، ان وقت برصغير ۾ اٽڪل 600 ننڍيون وڏيون اهڙيون رياستون هيون ،جيڪي ان وقت به اندرين معاملن ۾ خود مختيار هيون ۽ انگريزن کي ڏن ۽ وقتي مدد فراهم ڪنديون هيون ۔ مثال طور ڪشمير، خيرپور ، بهاولپور، لسٻيلو ، جهونا ڳڙه ،گواليار ۽ حيدرآباد دکن وغيره وغيره ۔ انهن 600 سو رياستن هڪ انگريز کي پنهنجو وڪيل ڪري اها گهر ڪئي ته انهن سڀني رياستن کي ساڳيئي حيثيت ۾ آزادي ڏيئي باقي بچيل هندوستان کي وراهي ڀلي هليا وڃن ۔ پر نهرو ۽ جناح جي ضد ڪري ائين نه ٿي سگهيو ۔ آخر ۾ اهو فيصلو ٿيوته اهي رياستون جنهن به حصي ۾ شامل ٿيڻ گهرن ،اهي ان حصي ۾ شامل ڪيون ويديون۔ اهڙين رياستن ۾ 6 رياستون اهڙيون هيون جيڪي هندستان جي بلڪل وچ ۾ هيون ، جن جا ماڻهو گهڻي تعداد ۾ هندو مذهب رکندڙ هئا ، پر انهن جا راجا مسلمان هيا ۔ مثال طور حيدرآباد دکن وغيره ۔ ٻئي طرف ڪشمير جيڪو پاڪستان سان مليل هيو ۽ اتان جي وڏي آبادي مسلمان هئي ،پر ان جو راجا سک هيو ۔ نهرو گهر ڪئي ته اهڙين رياستن جو عوام جيڏانهن وڃڻ گهري ان رياستن کي ان حصي ۾ شامل ڪجي ، پر جناح گهر ڪئي ته عوام جي بدران راجا جيڏانهن وڃڻ جو فيصلوڪن ۔ انهن رياستن کي ان حصي ۾ شامل ڪجي ۔ لارڊ مائونٽ بيٽن جناح جي گهر کي اهميت ڏني ۔ آخر ۾ اهو فيصلو ٿيو ته راجا جيڏانهن وڃڻ گهرن ۔ پو انهن مسلمان راجا پاڪستان ۾ شامل ٿيا ، ۽ اهي رياستون جناح جي موت جي اعلان ٿيڻ واري وقت تائين پاڪستان ۾ شامل هيون ۔ پو هندستان انهن کي پنهن جي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ۔ ٻئي پاسي ۡڪشميرجو راجا پاڪستان م شامل ٿيڻ جو اعلان ڪرنڻ واروئي هيو ته جذباتي قبائلي پٺاڻن ڪشمير ٽي ڪاه ڪئي ته سک راجا هندوستان کي مداخلت جي اپيل ڪئي ۔ اهڙي طرح ڪشمير جو معاملو اڄ تائين حل ٿي نه سگهيو آهي ۔ ان کان سوا ڪن رياستن ته ٻنهي ملڪن ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو۔ ۔ انهن مان قلات، لسٻيلو ، خيرپور ميرس ۽ بهاولپور ُغيره وغيره ۔ قلات رياست تي جناح پنهنجي جيئريئي قبضو ڪرايو ۔ باقي رياستن تي ون يونٽ ٺاهي قبضو ڪيو ويو ۔ اهڙي  طرح ڪشمير جناح صاحب هٿ سان وڃايو ۔س
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو