”جنت السنڌ“ ۽ ”تاريخ تمدن سنڌ“ جهڙن عظيم تاريخي ڪتابن جو مصنف رحميداد خان مولائي شيدائي، جيتوڻيڪ ريلوي کاتي ۾ هڪ معمولي گارڊ هو، پر سنڌ لاءِ سندس عشق ۽ ڊيڊيڪيشن، کانئس عظيم تاريخي ڪم سرانجام ڏياريا. امر جليل مطالبو ڪري ٿو تہ سنڌ جون يونيورسٽيون ڪرپٽ سياستدانن کي اعزازي ڊگريون ڏيڻ بدران مولائي شيدائي ۽ سراج ميمڻ جهڙن عظيم ذهنن کي ڊاڪٽريٽ جون اعزازي ڊگريون ڏين. مان امر جليل جي مطالبي جي تائيد ڪريون ٿا۔