• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

25 سالن جي پي ايڇ ڊي محنت بجاء هاڻ صرف وزارت حاصل ڪريو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
فيسبوڪ رائونڊ اپ۔۔۔۔محمد سليمان وساڻ
نصير ميمڻ، اسد چانڊيي ۽ ٻين ڪيترن دوستن سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلرز تي ڇتي تنقيد ڪندي لکيو ته 25 سالن جي پي ايڇ ڊي محنت بجاء هاڻ صرف وزارت حاصل ڪريو ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيو. فيس بوڪ تي سلجهيل دوست حيران ۽ پريشان هئا ته سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙي، خورشيد شاهه، آغا سراج دراني ڪهڙي علمي يا ادبي ڪم تي ان قابل بڻيا جو انهن کي يونيورسٽين پاران اعزازي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون مليون. اسد چانڊيي لکيو: سنڌُ يونيورسٽي، سنڌُ ۾ تعليم پکيڙڻ لاءِ ”انقلابي قدم“ کڻي ڏيکاريو آهي. اسان جي مادرِ علمي اڄ ”ميٽر ريڊر“ کي ”اعزازي ڊاڪٽريٽ“ ڏئي ڇڏي آهي. سنڌُ يونيورسٽي بلڪل صحيح فيصلو ڪيو آهي، سنڌ ۾ ”ڪاپي ڪلچر وارين جعلي ڊگرين“ جيان ” اعزازي ڊگريون“ به جعلي ماڻهن کي ڏيڻ ضروري هو.
1604575_683169975068736_405115613_n.jpg

”جنت السنڌ“ ۽ ”تاريخ تمدن سنڌ“ جهڙن عظيم تاريخي ڪتابن جو مصنف رحميداد خان مولائي شيدائي، جيتوڻيڪ ريلوي کاتي ۾ هڪ معمولي گارڊ هو، پر سنڌ لاءِ سندس عشق ۽ ڊيڊيڪيشن، کانئس عظيم تاريخي ڪم سرانجام ڏياريا. امر جليل مطالبو ڪري ٿو تہ سنڌ جون يونيورسٽيون ڪرپٽ سياستدانن کي اعزازي ڊگريون ڏيڻ بدران مولائي شيدائي ۽ سراج ميمڻ جهڙن عظيم ذهنن کي ڊاڪٽريٽ جون اعزازي ڊگريون ڏين. مان امر جليل جي مطالبي جي تائيد ڪريون ٿا۔​
 
Back
Top