سنڌ سلامت اطلاع نامه

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن جو انتهائي مشڪور آهيان جن منهنجي جنم ڏينهن تي مون کي دعائون ۽ نيڪ تمنائون پيش ڪيون۔۔۔ سندن لفظن سان نه رڳو منهنجو حوصلو وڌايو آهي۔۔ پر سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي پنن تي پکيڙڻ جي مشن کي وڌيڪ سهنجو بنائڻ لاءِ هڪ ٽانڪ طور پڻ ثابت ٿيا آهن۔۔۔
    سنڌ سلامت دوستن جي اهڙن جذباتي احساسن جي موٽ ۾ پنهنجي جنم ڏينهن تي سندن لاءِ سنڌ سلامت وڌيڪ سهل بڻائيندڙ ٽن پروجيڪٽس مان ٽيون جوابي تحفي طور پيش ڪجي ٿو۔۔۔ (پهريون۽ ٻيو ڏسو)
    سنڌ سلامت الرٽس
    هوئن ته هر دوست پنهنجي پسند جي برائوزرس سان لڳائو رکندڙ رهي ٿو پر اڪثريت گوگل ڪروم جي شيدائي آهي جنهن جا سبب تيز رفتار برائوزنگ، استعمال ۾ آسان ۽ سڀ کان اهم انهن لاءِ گوگل اسٽور تي موجود بي شمار ايڪسٽينشن ۽ ايپليڪيشنس پڻ آهن۔۔۔ جن ۾ هاڻي ته سنڌ سلامت طرفان پڻ ڪجهه پيش ڪيل آهن۔۔۔
    سنڌ سلامت جا دوست گوگل ڪروم تي نه رڳو سنڌ سلامت پر هڪ ئي وقت مختلف ٽيبس کولي انٽرنيٽ تي سرفنگ ڪندا رهندا آهن۔۔ اهڙي صورت ۾ اڪثر سوشل ايڪٽوٽي يا چيٽنگ دوران سنڌ سلامت تي ايندڙ اطلاعن کي تڪڙو معلوم ڪري نه سگهندا آهن۔۔۔ ان مسئلي کي وڌيڪ سلجهائڻ لاءِ اڳ ئي برائوزر ٽائيٽل تي ڳاڙهي رنگ سان اطلاعن جو تعداد ظاهر ڪري متوجه ڪرائڻ جي ڪوشش طور اڳ ئي هڪ قدم کنيو ويو آهي پر اڪثر ڪري ان ڏانهن توجه دير سان ئي ويندي آهي۔۔۔ ان ڪري ضرورت هئي ته ڪو اهڙو اطلاع رڪن تائين تڪڙو پهچائجي جڏهن هو سنڌ سلامت کولي وسيع انٽرنيٽ تي مصروف ٿي وساري ويهي۔۔۔
    مشهور سوشل نيٽ ورڪ فيس بوڪ طرفان اهڙن اطلاعن کي ڏيندي نوٽ ڪيو ويو آهي۔۔۔ ۽ اهو ساڳيو طريقو اڳ ئي سنڌ سلامت تي پڻ موجود آهي ته جيڪڏهن سنڌ سلامت جي ڪجهه پيجز تي الڳ الڳ ٽيب کولي مواد جو مطالعو ڪري رهيا آهيو ۽ ڪو اطلاع اچي ته توهان کي هڪ ننڍي پاپ اپ سان ڏنو ويندو آهي۔۔۔ هاڻي ان اطلاع کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي بهتر طريقي سان پيش ڪرڻ جو بندو بست ڪيو ويو آهي اهڙو اطلاع نه رڳو انٽرنيٽ پيجز تي گهمندي رڪن ڏانهن پهتو ڪيو ويندو پر جيڪڏهن رڪن انٽرنيٽ پيجز کان سواءِ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو رهندو يا مووي ڏسندو رهندو ته به کيس اطلاع پهتو ڪيو ويندو۔۔۔ اميد ته هي نئون نظام رڪنن ۾ مقبوليت ماڻيندو ۔۔۔ هي آهي SSAlerts نالي گوگل ڪروم جو ايڪسٽينشن

    [​IMG]
    هن جي فيچرس ۾ شامل آهن:
    • هر پنجن منٽن کان پوءِ سنڌ سلامت تان توهان لاءِ چيڪ ڪندي اطلاع نوٽ ڪري توهان تائين پهچائڻ
    • هڪ ڪچهري يا گهڻين ڪچهرين جي وصول ٿيڻ جو الڳ الڳ اطلاع
    • هڪ اطلاع يا گهڻن اطلاعن جو الڳ الڳ اطلاع
    • ڪچهرين يا اطلاعن کي هڪ ئي وقت پيش ڪرڻ
    • اطلاع تي ڪلڪ ڪندي فورم تي پهچڻ جي اهتمام
    نوٽ ڪرڻ جون ڳالهيون:
    • ياد رهي ته اهڙا اطلاع توهان کي سنڌ سلامت تي لاگ ان ٿيڻ هجڻ جي صورت ۾ ئي ملندا
    • لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ بيشڪ توهان سنڌ سلامت پيجز تي موجود نه به هجي توهان کي اطلاع پهتو ڪيو ويندو
    • ياد رهي ته ڪوڊنگ ۾ ڪي ورڊ زين فورو کي رکيو ويو آهي ان ڪري ممڪن آهي ته ڪنهن ٻئي زين فورو سائيٽ تي لاگ ان هجڻ جي صورت ۾ ان فورم جا اطلاع به توهان کي وصول ٿين۔۔ اهو فورم ڪنهن به زبان ۾ هوندو پر اطلاع توهان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي پهتو ٿيندو۔
    • ٻين فورمن کان اطلاع نه وٺڻ لاءِ توهان کي ان فورم تان لاگ آئوٽ ٿيڻو پوندو۔

    سنڌ سلامت طرفان تيار ڪيل هي ڪارآمد ايڪسٽينشن گوگل اسٽور جي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 ڊسمبر 2014
    20 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سدا سرها رهو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    محترم سائين ذيشان رشيد صاحب اوهان جيڪو تحفو پيش ڪيو آهي اهو سنڌي قوم جو جيئندان آهي ۔اوهان کي مبارڪون هجن اوهان پنهنجو پاڻ کي قوم لاء امر ڪرڻ جي واٽ ڳولي لڌي آهي اوهان جي منزل بلند آهي ۽ رب پاڪ اوهان جا درجا بلند فرمائيندو
    الله پاڪ اوهان کي دنيا و آخرت جون ڪاميابيو عطا فرمائيندو ۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ڪوشش آهي ، الله پاڪ اوهانکي سلامت رکي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه واه
    اصل ۾ اسان جا ڪم آسان ڪري چڏيا۔توهان جا پروجيڪٽ تعريف جوڳا آهن۔
    مان هاڻي ئي اهيو انسٽال ڪيان ٿو۔
    لک قرب۔سدا سلامت رهو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا ذيشان۔۔توهان کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون قبول هجن۔۔معاف ڪجو وقت سر مبارڪ نه ڏئي سگهيس۔۔۔
    بيشڪ سنڌ سلامت تي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لا ڪيل توهان جون ڏينهن رات جون اڻ ٿڪ محنتون، ڪاوشون ۽ ڪوششون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن۔۔۔هن فورم جو چنڊ ته ادا سليمان وساڻ آهي پر سج توهان ئي آهيو۔۔۔ :) سچ پچ توهان جي غير موجودگي سان هن اڱڻ تي اوندهه ٿيو وڃي۔۔
    الله پاڪ توهان کي هميشه آباد ۽ شاد رکي۔ آمين۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت تي اڳ اڀرندڙ ننڍي پاپ اپ کي جديد پاپ اپ ۾ تبديل ڪندي هاڻي اطلاعن کي واضح ۽ بهتر بڻايو ويو آهي.. توڙي جو موجوده موضوع ۾ گوگل ڪروم جي ايڪسٽينشن ۾ ٻيا به ڪئي فائده آهن پر سنڌ سلامت جي پنهنجي نوٽيفيڪيشن سسٽم کي جديد بڻايو ويو آهي.. هاڻي جيڪي اطلاع توهان مٿي اطلاع تي ببل جي صورت ۾ اڀرندڙ انگن تي ڪلڪ ڏسندا هيو ۽ هاڻي اهي اطلاع ڪلڪ ڪرڻ بنا ئي ڏسي سگهندو.. بلڪل ائين جيئن فيس بوڪ تي ڏسندا آهيو...

    [​IMG]

    اميد ته سنڌ سلامت تي آندل هي معمولي تبديلي به رڪنن کي وڻندڙ لڳندي...
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مون کي ته تمام گهڻي پسند آئي. هاڻي ته انتهائي آسان ڪم ٿي ويو. هينئر جيئن ئي لاگ ان ٿيس ته جديد پاپ ونڊو ۾ جيڪي نوٽيفڪيشن هئا سڀ ئي اڀري آيا. :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين
    لک قرب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه تمام بهترين ڪم ڪيو اٿو سدا خوش هجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. همير ِ خان

    همير ِ خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سلامت هجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ساجد علي چانڊيو

    ساجد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 اپريل 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    120
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ميهڙ ، دادو
    آباد رهو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بهترين فيچرس شامل ڪيا ويا آهن


    لاجواب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    ڏاڍو سٺو اڃا وڌيڪ آساني ٿي ويئي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو