زندگيءَ جو هڪڙو نالو قانون به آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان وٽ هڪ ماني هجي، پاڻ بکيو هجي، ان جي ٻارن کي فاقو هجي، ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي ٻارن جي ماني ڪتن کي ڏيڻ جي غلطي نه ڪندو. جيڪڏهن ڪنهن مسافر کي ريگستان پار ڪرڻو هجي ۽ ان وٽ پاڻيءَ جي هڪڙي پخال هجي ته هو پاڻيءَ سان پيرن کي ڪو نه ڌوئيندو، بلڪه پاڻيءَ جو هڪڙو هڪڙو قطرو، پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ محفوظ رکندو. افسوس آهي جوانسان، انهن شين کي استعمال ڪرڻ ته ڄاڻي ٿو پر جڏهن ان جي سامهون خود پنهنجي زندگيءَ جي بي بها شي (وقت) جي استعمال جو سوال ٿو اچي ته پوءِ اهو بلڪل ئي نادان ٿي وڃي ٿو.بشڪريه ڪتاب شاه لطيف جو تصور ڪائنات۔تحرير۔خ ق سومرو