افيئر ٻه خط جن ۾ ورهاڱي جي وڍ سان وڇڙيل ٻن دوستن جي گفتگوآهي، جنهن ۾ سنڌ جي درد جي اها ڀيانڪ ڪٿا آهي، جيڪا نالي ماتر آزادي کان پوءِ به سنڌ سک نه سنڀري آهي، ۽ اڄ جڏهن هنن خطن کي لکئي جا چاليهه سال ٿي ويا آهن، تڏهن به سنڌ ۾ ڪجهه به نه بدليو آهي.هن ملڪ جي سياست ۽ طاقت جي ٿنڀن ۾ ڪا به تبديلي نهآئي آهي. ۽ نه وري هن ملڪ ۾ آباد مظلوم قومن جي بدنصيبي۾ ڪو ڦيرو آيو آهي. پراڻ-آکاڻي جهڙو ٻڍڙو ڪيرت ٻاٻاڻي جيڪو حال حيات آهي ۽ بمبئي ۾ رهي ٿو ۽ سنڌ جي لوڪ ڪهاڻي جهڙو سورمو ڪامريڊ غلام محمد لغاري مٽي جي چادر اوڍي، ڌرتي جي دل ۾ آرامي آهي، ٻنهي جون پنهنجي سرزمين جي عزت ۽ آزادي بابت سرگوشيون آهن، جن ۾ هوش و حواس سان جي دعويٰ ڪندڙ اسان جي نسل لاءِ ڪيترائي سبق موجود آهن ۽ تاريخ جو هڪ اهڙو دکدائڪ داستان به آهي جيڪو اڃا جاري آهي ۽ ٻڌندڙن جون اکيون به ساڳي طرح اشڪبار آهن. هي خط ڪامريڊ لغاري جي دوست ڪامريڊ غلام حيدر لغاري سنڀالي رکيا هئا ۽ سندس ٿورن سان “افيئر” جي پڙهندڙ لاءِشايع ڪري رهيا آهيون. پيارا ڪيرت، گلاب ۽ ٻيا دوست اميد ته توهان خوش هوندا، شايد منهنجي شڪل به اوهان کي وسري وئي هجي، شايد آئون به اوهان کي سڃاڻي نه سگهان، مگر سڪ دل ۾ ۽ ڏسڻ جي اڪير ڏاڍي آهي. اڳي 1940ع کان انگريزن خلاف ملتان جي جيل ۾ هوس ان وقت آئون ارڙهن سالن جو هوس، پوءِ 1947ع ۾ جيئن پاڪستان ٺهيو ته ڪجهه عرصو اوهان پراڻا دوست همت ٻڌي سنڌ ۾ رهيا، اوهان کي نبي سر روڊ ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي ياد هوندي. انهيءَ کانپوءِ جيل ئي جيل!ڪامريڊ مير محمد به نيٺ سياست کي ڇڏي پنهنجن ٻارن ٻچن جي ڪم کي لڳو رهيو. ڪامريڊ عبدالقادر، مولانا نذير حسين جتوئي، حيدر بخش جتوئي، مولانا محمد مڪان، نوابشاهه جو چاچو جان محمد، عبدالڪريم پلي ۽ ٻيا ڪيترا هاري ڪارڪن ويچارا هن دنيا مان موڪلائي هليا ويا. آئون جيلون ڪاٽيندو رهيس، محترم جي ايم سيد سدائين گهر ۾ نظر بند ٿي رهيو آهي، اڌ پاڪستان بنگلاديش جي صورت ورتي، باقي اڌ کان گهٽ ملڪ وڃي رهيو آهي. اسلامي نظريه پاڪستان ۽ اوهان سنڌ جي هندن جي جاءِ تي جيڪا اسان وٽ مخلوق آئي آهي، اها پاڻ سان گڏ پنهنجا نظرياتي بت به کڻي آئي آهي. ڪي اسلام ته ڪي وري مودوديت تي ڪي وري سوشلزم ڪميونزم به کڻي آيا. پوءِ اهي روسي هجن يا چيني مطلب ته سڀ کان اول اهي پناهگير ذهنيت پر ماريت. “آئي ٽانڊو کڻڻ، بورچياڻي ٿي ويهي رهي” وارو حال آهي، جنهن متعلق توهان کي ڪافي معلومات هوندي. جو سيد جو ڪتاب، ٻين جون لکڻيون، ڪجهه اوهان جي نظر مان ضرور نڪتيون هونديون. مون کي هي هڪ پهريون موقعو مليو آهي، جو آئون پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٻاهر نڪتو آهيان. ڌڪ کائيندي هتي لنڊن ۾ پهتس، هتي مسٽر نظاماڻي مليو. هن کان اوهان جي خبر پئي ۽ ايڊريس هٿ آئي. هاڻي مون کي خط لکڻ جو خيال ٿيو ۽ آئون هي پهريون خط آهي جو توکي لکي رهيو آهيان. تنهنجون ۽ ٻين دوستن جون ڪافي لکڻيون اوهان جي “نئين دنيا” ۽ ٻين رسالن ۾ پڙهندو رهيو آهيان. آئون اڃا هفتو اخبار “سچائي” ميرپور خاص مان ۽ “سچ ڊائجيسٽ” ماهوار ۾ ڪي ٽي سال ڪوئيٽا مان به“سچائي” وڃي ڪڍيم، جيل، جلاوطنيون، مصيبتون مٿي تي، تنگ اچي نو مهينا کان اڳ ٻي پارٽي ۾ شريڪ ٿيس ته مٿان هڪدم چونڊون اچي ويون پوءِ وڳوڙ، گوڙ اوهان جي جاءِ تي آيل (پناهگيرن جي)شهرن ۾ گهڻا. نيٺ ته ڀٽي جي تازي حشر کان واقف آهيو، هاڻي ٽي قومون ان ۾ سڀ کان وڌيڪ بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻهو لوڙي رهيا آهن، پر ٻين سڀن صوبن کان هڪ ئي صوبو پنجاب وڏو آهي. ساڍا چار ڪروڙ آدمشماري ٻيو فوج به اُهي ،ته اقبال به اُهي ته نظريه پاڪستان به اُهي آهن ته سرخا ۽ زرد به اُهي ته چيني به اُهي ته دالچيني به اُهي، عقيدي ۽ پاڪستان جا ماما به اُهي آهن ته اقبال، جناح، سر سيد، سڀني وارث دين جا دلبر به اُهي آهن. هاڻي پاڪستان کي چئن “پ” جي اکرن ۾ اچي ورايو آهي۽ ننڍين قوميتن سان تعدي، مصيبت چالو آهي. سنڌ جون زمينون، واپار، نوڪريون وڏا شهر، پاڪستان جي سياست، مذهب، جمهوريت،نظرئي پاڪستان، استحڪام پاڪستان جي نالي ۾ سنڌي بلوچي پٺاڻ،ڪشميري سڀ چٽ . ليکو ئي ابتو! ٿي سگهي ٿو ته هيءَ منهنجي لکيل بڪواس تنهنجو قيمتي وقت وڃائي پر ڇا ڪريان؟ ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان ته ڪافر، وارو حال آهي. ان ڪري هيءُ دردن جو داستان شروع ڪيو اٿم ته من هن عمر جي قهري ڪوٽ ۾ بند ٿيل ماروين کي مارو سارين. هميشه جيڪي بندن، ڀڃڻ، زنجيرن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ هئا، سي من ڪا ڪر لهن هتي به ڪي، هن اجهاڻل رک ۾ چڻنگون چمڪي رهيون آهن. من ڪو ڪڏهن مچ به ٻري پوي من ڪا دونهين دکي پوي، من ڪا باهه ڀڙڪو کائي. شاهه صاحبمارئي جي زباني اهڙن موقعن مهلن لاءِ چيو آهي ته : جي ڪر لڌائون ، ته بنديبند نه ساريو، جيڪس آئون ويس، انهن وسري شايد! وري سسئي جي سر ۾ ڀٽ ڌڻي چوي ٿو ته: اڳي اٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي، پلاڻيندي پاڻ ۾ ڪڇيو ڪين ڪٺن، ڪاجا مام مٺن،هنن پڻ هئي هنن سين. سو شايد اهو حال آهي جو وطن کي وساري ويٺا آهيون، سنڌ جي ڌرتي ۾ جيڪي ڄاوا هئا، سي ايندڙ ڏهن سالن ۾ ختم ٿي ويندا يا ختم ٿي رهيا آهن، پوءِ ڀلي اتي مالدار بڻجو يا وزير ۽ ٺيڪيداري ، پر اها جنم ڀومي توهان کي اسان کي معاف نه ڪندي. حيف تنهين کي هوءِ وطن جن وساريو خير آئون نا اميد نه آهيان، مون کي وري به اميد آهي ته وندر جو واءِ ورندو. ڏڪاريا ڏيهه ۾ موذي سڀ مرندا پلر جي پالوٽ سان گسن تي گاهه ٿيندا سگهاريون سکيون ٿينديون ٻانهيون، ٻايون، سايون ۽ رايون ڏهي مکڻ جون ماٽيون ولوڙينديون بادل بس ئي نه ڪندو سنڌڙي آزاد آباد سدائين سائي رهندي، سنڌڙي جا جوڌا ڪڙمي هاري، پنهوار، ڌنار خوش ٿيندا وڻجارا جيڪي ولايتن تي ويل آهن، سي وکر وڪڻي، سوغاتون کڻي سنڌورڪي وري سنڌ ايندا. اهي ورڪ ورندا، سامونڊي وري ورندا ڏيا ٻاريا، ڏک تي سامونڊي آيا وڃي مون انيا، ڳري ڏيئي ٻانهڙي ٻئي هنڌ وري شاهه سائين ٿو فرمائي: مٿي روح رهن، الا ڪنهن اتفاق سان، ڪڇ قلات ڪهن، وڳر ڪيو پاڻ ۾ اڳتي هلي چوي ٿو: ڪاڇي، ڪڇ قلات، ڪُڻڪ ڪونجڙين جي، رائي رهي رات، وڳر ساريائون پنهنجا ڪاڇي منجهه ڪا، ڪُڻڪ ڪونجڙين جي مون سڻيندي سان، نين ننڊ حرام ٿي. روهين را ماڻو، ڪر ڳل ڪونجڙين جو، پري وڌائون پاڻو، وڃي وطن وٽ کان، وري راڻي جي سر ۾: دعا ڪريجا جيڏيون، راڻل ريجهي راءُ، مون کي لڳو گهاءُ، ماڻهو ڏيندم مهڻا، ڪاڙهو رات ڪپار اورانجهو اکين ڪيو، راڻي جي رهاڻ کي، ساريان سڀ ڄمار، نه ڄاڻان ٻيهار، مومل ميلو ٿئي نه ٿئي. اهي آهن حال، من شاهه سائين جي شعرن جو اوهان تي اثر ٿئي. آئون شايد هتي هفتو ٻه هجان يا وڌيڪ به رهان، تو سان مون کي گهڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، ان لاءِ خط لکو يا هتي فون تي مونسان ڳالهايو ته پوءِ اڳتي ڪا ڳالهه ڪري سگهان. هي خط ڇاپڻلاءِ نه آهي، هي خط صرف سڌ لهڻ لاءِ لکي رهيو آهيان، خط يا فون جو ڏاڍو انتظار رهندو. سڀن لاءِ دعائون ۽ سلام جواب جلدي موڪج، گلاب، تولو جيڪي واقف آهن ۽ جيئرا آهن تن کي دعائون سلام چئج، نالا ڪهڙن جا لکان؟ نوجوان ڪراڙن سڀن سنڌ وارن ملڪين کي سلام دعائون فون نمبر لکان ٿو پنجن ڪلاڪن جو فرق آهي. توهان جو غلام محمد لغاري ميرپور خاص، سنڌ (هن وقت لنڊن مان) 2-8-1977 برادرم ڪيرت صاحب گلاب صاحب تولا صاحب ۽ ٻيا دوستو سڪ جو سلام قبول ڪندا. مون اوهان کي هتان هڪ خط لکيو هو جو اميد ته مليو هوندو، هتي ڪامريڊ نظاماڻي صاحب کان اوهان جي ايڊريس ملي هئي. ٿي سگهي ٿو ته من ڪڏهن ملاقات ٿي پوي. توهان پنهنجي ڌنڌي ۾ مشغول. اسان دربدر خاڪ به سر! ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ڌڪا کائڻ ۾ ،سنڌڙي تي ۽ ننڍين قومن تي اها مصيبت چالو آهي باقي پاڪستان جو نالو رهيو آهي جنهن ۾ هڪ قوميت يعني پنجابين جي گهڻائي آهي. جيڪو پاڪستان جو ٻيو نالو پنجابستان آهي ۽ پنجاب جو نالو فوج آهي، بلوچستان ۾ به فوجي مارو آهي. هيئنر به اتي وري پنجاب جو مارشل لا آهي، سچ ته هينئر جي جناح هجي ها ته ان پاڪستان جو نالو به نه کڻي ها، اهي آهن حال. آئون اڄ شايد پاڪستان واپس وڃان، اتي ننگر پارڪر کان لڏي آيل ڪولهي آهن، جيڪي جنگ پوئين،)1970ع) واري ۾ لڏي آيا هئا.ايڏانهن ويچارا پراڻا ڪانگريس هئا وٽن سوامي ڪرشن نند کاڌي ڀنڊار به کوليو هئو ۽ کاڌي ٺاهڻ جو ڪارخانو ۽ آشرم به هئس. ڦولپوٽي جا ويٺل هئا. خبر نه آهي ته سندن ڪهڙو حشر آهي، اميد ته جي خدا ملايو ته ترت ملنداسون. خط جو جواب لکندا، لندن ۾ ڏنل ايڊريس تي، شايد هن خط ۾ پنهنجو هڪ فوٽو به موڪليان ٿو، شايد شڪليون وسري ويون هونديون، انڪري . اميد ته سڀ دوست خوش هوندا. اخبارون رسالا نڪرندا هجن ته موڪليندا، آئون به پنهنجي اخبار“بيداري”، “سچائي”، “سچ ڊائجيسٽ” موڪليندس من ڪا خبر هڪ ٻئي جي پوي، ڪامريڊ محمد ٽالپر، ڀاءُ غلام حيدر لغاري ۽ ٻيا خوش آهن، سوڀو به خوش هو، وڌيڪ احوال سڀ خيريت جا، جيڪو دوست ياد ڪندو هجي ته کيس منهنجا سلام چوندا، محترم شاهه صاحب به خوش آهي، هتي لنڊن جي ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هوم ته دل جي بيمارين لاهڻ واري اسپتال ۾ داخل آهي. اوهان جو غلام محمد لغاري نوٽ هي خط طرف اوهان جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ آهن جيڪي هڪ اڳي ۽ هڪ اڄ لکيم، پاڪستان ۾ حالتون سازگار هونديون ته پوءِاتان وڃي خط لکندس. خط ٻي ڪنهن اخبار وغيره ۾ شايع نه ڪندا. اخبار رسالو، موڪليندا، سچائي پريس ميرپورخاص جي ايڊريس تي.