ٽوٿ پيسٽ بمن کان هوشيار رهو: آمريڪا جي پنهنجي شهرين کي تاڪيد آمريڪي حڪومت ڏيهي ۽ پرڏيهي ملڪي ايئر لائين ڪمپنين کي هوشيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي ته دهشتگرد روس ڏانهن ويندڙ اڏام دوران ”ٽوٿ پيسٽ“ جي ٽيوبز ۾ بارودي مواد لڪائي موڪلڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. هڪ آمريڪي اهلڪار نيوز ايجنسي اي ايف پي کي ٻڌايو ته اهڙا اطلاع مليا آهن ته صرف روس ڏانهن اڏام ڪندڙ جهازن کي ٽارگيٽ ڪري سگهجي ٿو. اهڙو چتا آمريڪي جي داخلي سلامتي واري اداري پاران ڏنو ويو آهي. روشي شهر سوچي ۾ جمعي ڏينهن 7 فيبروري کان ونٽر اولمپڪس جي شروعات ٿي رهي آهي، جيڪا 30 فيبروري تائين جاري رهندي. گذريل سال ڊسمبر ۾ روسي شهر وولگو گرائونڊ ۾ ٿيل ٻه بم حملن کي نظر ۾ رکندي سوچي اولمپڪس جي سيڪيورٽي هڪ مسئلو بڻجي چڪي آهي (اي ايف پي تان ورتل)
مون ته ٻڌو هو ڪا به لڪوئيڊشئي ڪنهن به ايئر لائن ۾ نه کڻڻ ڏيندا آھن. پر اهو رڳو ڪجهه ايئر لائنز تي مخصوص ماڳ تي اڏام ڪندڙن لاء آھي