شاعري ۽ نثر جي مداحن ۾ بحث جو نتيجو وڃي قتل تائين پهتو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2014۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    دلچسپ ۽ حيرت انگيز خبر۔۔۔۔
    شاعري ۽ نثر جي مداحن ۾ بحث جو نتيجو وڃي قتل تائين پهتو !!!

    روس ۾ هلندڙ سال ئي قتل جي هڪ واقعي مان هڪ ننڍي ڳوٺ سان ماڻهن اهو سبق سکيو جو ادب سان لاڳاپيل بحث جو نتيجو زندگي وڃائڻ به ٿي سگهي ٿو.
    ڏکڻ روس ۾ سوير دلووسڪ Sverdlovsk جي خطي ۾ ڏوهن جي جاچ ڪندڙ وفاقي کاتي جي مقامي اهلڪارن ٻڌايو ته هڪ اڳوڻي روسي اسڪول ٽيچر پنهنجي هڪ دوست کي چاقو سان حملو ڪري ان ڪري قتل ڪيو هو جو انهن ٻنهي جي وچ ۾ نشي جي حالت سبب ان باري ۾ گرماگرم بحث شروع ٿي ويو هو ته شاعري ۽ نثر مان وڌيڪ ادبي تخليق ڪهڙي هوندي آهي.
    روس جي وفاقي تحقيقي ڪميٽي جي سويردلووسڪ ۾ مقامي اهلڪارن جي جاري ڪيل هڪ بيان موجب انهن ٻنهي دوستن جي وچ ۾ نشي جي حالت ۾ شروع ٿيل ادب بابت بحث هڪ اهڙي جهيڙي جي صورت اختيار ڪيو ويو جو شاعري سان چاهه رکندڙ 53 سالن جي اڳوڻي اسڪول ٽيچر چاقو جا وار ڪري پنهنجي ان دوست کي قتل ڪري ڇڏيو جيڪو نثر جي شاعري تي برتري جو قائل هو. ادب ۽ فلسفي بابت فڪري بحث ۾ جيڪڏهن حوصلي ۽ برداشت جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته نتيجو ڪيڏو نه خطرناڪ ٿي سگهي ٿو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين ان جو مطلب ته انتها پرستي مذهب کان علاوه ٻين ڳالهين ۾ به آهي جنهن جو نتيجو مٿيو واقعو آهي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها ٿي ادب جي انتها پسندي ۔۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ڪو بحث انتها ڏي هليو ويندو آهي، اهڙا ڪيئي مثال اوهان کي فيسبوڪ تي ملندا، جتي روز اسان وارا يار پاڻ ۾ پيا وڙهن ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو