• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏس ڏيو ته ڇا ڪيان.

محمد عامر سومرو

سينيئر رڪن
2qu4uhl.jpg

اسلام عليڪم دوستو

مون هڪ فلم ڊائون لوڊ ڪئي آ جيڪا نه وي ايل سي ميڊيا پليئر ۾ ٿي هلي نه ونڊوز ميڊيا پليئر ۾ ٿي هلي ۽ نه وري ايم ايڪس پليئر ۾ ٿي هلي۔ڪنورٽ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو۔ اوهان ڪو ڏس ڏيو دوستو۔۔۔۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
توهان vlc کي ريمو ڪري منهنجو ڏسيل سافٽوير انسٽال ڪر
گوگل تي وڃي لکو k-lite mega
codc pack
پو۽ انسٽال ڪري پنهنجي پي سي کي ريسٽارٽ ڪريو ۽ پو۽ هلايو
اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو
 
ادا ڇا توهان ٻڌائيندو ته هي وڊيو فائيل توهان ڪهڙي طرح ڊائونلوڊ ڪئي آهي۔۔۔ اصل ۾ undf فارميٽ جو مطلب آهي unidentified۔۔۔ يعني اهڙو فارميٽ جنهن کي ونڊوز پڙهي نه سگهي۔۔۔
هي فارميٽ ٻن صورتن ۾ ڪمپيوٽر تي ملي سگهي ٿو ۔۔ هڪ جڏهن ڪا مووي مڪمل طور ڊائونلوڊ نه ٿي سگهي هجي۔۔۔ ٻيو ته جڏهن برائوزر ۾ آن لائين ڏسندڙ موويز يا وڊيوز کي بعد ۾ ڪيشي کولي ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي۔۔
انٽرنيٽ تي گوگلنگ ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه سافٽويئر اهڙين موويز کي هلائڻ جو دعوو ته ڪندا رهيا آهن پر ان ڳالهه جي تصديق نه ٿي سگهي ها البته پنهنجي دعوي جي ڳالهين ۾ نزديڪ ترين ايس ايم پليئر آهي۔۔ جيڪو آن لائين سٽرمينگ وارين وڊيوز کي ٻيهر ڪيشي مان هلائڻ جي سهولت ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو پر جيئن ته سافٽويئر پنهنجي ڏکئي انٽرفيس ڪري ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو آهي ان ڪري سندن دعوائن تي يقين نه ٿو ڪري سگهجي۔۔ هوئن توهان ڪوشش ڪري ڏسو۔۔۔
انهن سڀني ڳالهين کان علاوه هڪ ٻي ڳالهه به ٿي سگهي ٿي۔۔ ته ڪجهه موويز ٻن، ٽن يا چئن پارٽس ۾ ڊائونلوڊ ڪيو وينديون آهن جن کي ملائي هڪ فائيل بڻائي ڏسبو آهي۔۔۔ پر اڪثر استعمال ڪندڙن کي خبر ناهي هوندي اهي رڳو پهريون پارٽ ئي هلائي سگهندا آهن۔۔۔ جيڪڏهن توهان جي ڏسيل مووي مختلف پارٽس جو حصو آهي ته توهان کي گهرجي ته انهن سڀني پارٽس کي ملائي هڪ فائل بڻايو ۽ پوءِ هلايو ۔۔ ان سلسلي ۾ اڳ ئي سنڌ سلامت تي سکيا ڏني وئي آهي۔۔
 
ادا توهان ان فائل جي نالي کي ايڊٽ ڪري ان کي .mpg يا اهڙي ٻي ڪنهن ايڪسٽينشن سان سان سيوو ڪري پوءِ هلائي ڏسو نه ته ادا رشيد جي ڏس تي هلڻ جي ڪوشش ڪريو۔۔۔
 
ادا ذيشان رشيد اوهان جي ڳاله صحيح آهي ،واقعي مووي صحيح ڊائونلوڊ نه ٿي هئي جنهن جي ڪري نه پئي هلي ۔ مون انهي کي ٻيهر ڊائونلوڊ ڪري ورتي هاڻي هلي ٿي ۔۔۔
اوهان دوستن جون مهربانيون قرب۔۔۔۔۔۔
 
ادا ذيشان رشيد اوهان جي ڳاله صحيح آهي ،واقعي مووي صحيح ڊائونلوڊ نه ٿي هئي جنهن جي ڪري نه پئي هلي ۔ مون انهي کي ٻيهر ڊائونلوڊ ڪري ورتي هاڻي هلي ٿي ۔۔۔
اوهان دوستن جون مهربانيون قرب۔۔۔۔۔۔
هاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني ادا، سڀني دوستن کي پريشان ڪرڻ لا۔۔۔۔۔۔اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
هاهاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔
منهنجي ڪري دوست پريشان ٿيا آئون معزرت ٿو وٺان سائين۔
هاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني ادا، سڀني دوستن کي پريشان ڪرڻ لا۔۔۔۔۔۔اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪنهن جي مدد ڪرڻ پريشان ٿيڻ ناهي ادا۔
مان پاڻ ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪير به مسئلي کي کڻي اچي ته ان کي ترت حل ڪري ڏياس۔هن سان معلومات وڌي ٿي ۽ ايندڙ مستقبل ۾ انهن کي اهڙي طريقي سان حل ڪري سگهجو ٿو۔
سو پشيمان ٿيڻ جي ڪا ڳالھ ناهي۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top