عبدالحئي چاچڙ
سينيئر رڪن
حضرت مولانا علامه مفتي عبدالوهاب چاچڙ سنڌ جو هڪ وڏو عالم،اديب،مصنف۔صحافي آهي۔مفتي صاحب جي اڳواڻي ۾ تقريبن 80 ماڻهو کي عمري ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي انهن ۾ لائق فرزند مولانا مفتي عبدالواحد چاچڙ،مولا بخش بروهي شامل آهن۔ڪالهه 4:30 منٽن تي سکر ايئرپورٽ تي مفتي صاحب جو شاندار استقبال ڪيو ويو جنهن ۾ دوستن،عزيزن،طالبن ۽ گهر جي ننڍي توڙي وڏي فرد پڻ بهترين نموني سان استقبال ڪيو ان کان پو ايئرپورٽ تي عصر جي نماز ادا ڪئي وئي ۽ ان کان بعد مفتي صاحب دعا گهرائي پو مفتي صاحب کي قافلي جي صورت ۾ سکر ايئرپورٽ کان روهڙي پنهنجي مدرسي آيو۔ياد رهي ته مفتي صاحب اهو واحد اسڪالر آهي جنهن مولانا عبدالڪريم قريشي جي پوري زندگي تي هڪ جامع ڪتاب لکيو ان سان گڏوگڏ مفتي صاحب واحد اسڪالر آهي جنهن سنڌ جي مشهور محدث مخدم محمد حيات جي زندگي تي هڪ جامع ڪتاب لکيو جنهن جون ڪجهه ڪاپيون ڇپائي سعودي عرب جي عالمن کي مفتي صاحب تحفي طور ڏنيون۔ الله تعالي کان دعا آهي ته منهنجي سموري زندگي مفتي صاحب کي ڏئي۔