”ويلي فيور“ هڪ خاموش قاتل

'صحت سرير جي' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2014۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    ”ويلي فيور“ هڪ خاموش قاتل
    دوستئو ! اسان مان سڀني گردن ٽوڙ بخار جي اصطلاح ته ٻڌي آهي پر آمريڪا ۾ گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ”ويلي فيور“ عام آهي، جنهن سبب هر سال ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. آن لائين ويب سائيٽ ”ڊيلي بيسٽ“ ۾ شايع ڪيل هڪ مضمون موجب ”ويلي فيور“ بخار کي هڪ انتهائي خطرناڪ مرض آهي جيڪو انسان ۾ موت جو سبب بڻجي سگهي ٿو. طبي ماهرين موجب ويلي فيور جو في الحال ڪو به ٽوڙ سامهون نه اچي سگهيو آهي ۽ ان کي ”خاموش قاتل“ به سڏيو پيو وڃي. هڪ اندازي موجب آمريڪي رياست ايريزونا ۾ هر سال 30 کان 40 ماڻهو ويلي فيور سبب موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا.
    ”ويلي فيور“ کي سائنسي زبان ۾ (ڪوڪي ڊيوڊوميسس) چيو ويندو آهي. ماهرين جو چوڻ آهي ته ويلي فيور هڪ شخص کان ٻئي تائين منتقل ته نه ٿو سگهي پر پو به ويلي فيور جي ڪيسن ۾ اضافو نوٽ ڪيو ويو آهي. 1995ع ۾ ويلي فيور ۾ مبتلا ٿيندڙن جو انگ 5،000 هيو جڏهن ته 2013ع تائين اهو انگ 20،000 ٿي چڪو هو. يونيورسٽي آف ايريزونا موجب ويلي فيور ۾ مبتلا ٿيڻ جو سبب ان ماحول ۾ رهڻ آهي جتي ماحولياتي گدلاڻ هوندي آهي، جنهنڪري انسان ”ويلي فيور“ ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. هڪ اندازي موجب آمريڪي رياست ايريزونا ۾ هر سال 30 کان 40 ماڻهو ”ويلي فيور“ سبب موت جو شڪار ٿين ٿا. ويلي فيور جون نشانيون بخار، کنگهه ۽ مٿي ۾ سور سان گڏوگڏ جوڙن ۾ سور به شامل آهن. طبي ماهرين جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان اڃا تائين ڪا به ويڪسين يا علاج جو طريقو نه ڳوليو ويو آهي.​
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو