اخلاق

راشد ميمڻ

سينيئر رڪن
ڪنهن بزرگ انسان جي خصلتن لاءِ هڪ انوکو حساب ترتيب ڏنو،

انسان جي اخلاق کي 1 نمبر ڏنو،

اگر خوبصورت آهي ته 1سان گڏ 0 ڏنو،=10

دولتمند آهي ته هڪ 0 وڌيڪ ڏنو،=100

۽ دنيا جون هر آسائشون به هجنس ته انهن لاءِ هڪ 0 وڌيڪ =1000

انسان ڀلي 1000 درجا بلند هجي ......

پر اگر ان مان اخلاق ڪڍي ڇڏجي ته باقي 000 رهجي ويندو.
 
Back
Top