فيس بڪ، رومانوي لاڳاپا ۽ ٻيو سڀ ڇڏڻ لا آمريڪي تيار پر....... سروي رپورٽ نيويارڪ: آمريڪي عوام ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ، سماجي رابطن جي ويب سائيٽس، ٽيليويزن ڏسڻ يا رومانوي لاڳاپا رکڻ ته ڇڏي سگهي ٿو پر موبائل فون کان ڪنهن به صورت ۾ الڳ ٿيڻ ان کي پسند نه آهي. اها ڳالهه هڪ نئين سروي ۾ سامهون آئي آهي. سروي موجب آمريڪي شهرين جي نظر ۾ موبائل فون جي اهميت جنسي لاڳاپن، ڪمپيوٽرز يا ليپ ٽاپ، ٽيليويزن، نيوگيشن سسٽم، سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ۽ ٽيبليٽس کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته آمريڪين جي نظر ۾ سڀ کان اهم شي صاف ظاهر آهي، کائڻ ئي آهي، جنهن کانپو گاڏي ۽ پو انٽرنيٽ تائين پهچ آهي، موبائل فون آمريڪين جي چوٿين وڏي ترجيح آهي.