عبدالحئي چاچڙ
سينيئر رڪن
هڪ خدا ترس انسان جو لاڏاڻو
( استادالعلما حضرت مولانا عبداللطيف پٺاڻ)
اسان جي گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ ۽ عالم استادالعلما حضرت مولانا عبداللطيف پٺاڻ صبح جو گهوٽڪي با پاس تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو۔
مولانا عبداللطيف ولد حاجي محمد ولد ڪوڙو ولد خير محمد ولد عبدالغني جي ولادت سنه اپريل 1942ع ۾ ڳوٺ غلام حيدر خان پٺاڻ تعلقه وضلع گهوٽڪي ۾ ٿي سندس اصل وطن سبي(بلوچستان) هو.
قرآن شريف جي ناظره تعليم ۽ فارسي جا بتدائي ڪتاب پنهنجي والد وٽان حاصل ڪيائين ان کان بعد ارشادالصرف،نحومير،شرح مائة عامل،هداية النحو ۽ عربي جا ٻيا ڪتاب مولانا عبدالمجيد ڀيو وٽ پير ڳوٺ(تعلقه اوٻاوڙو) ۾ حاصل ڪئي.ان کان بعد مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي ۾ استادالعلماءِ مولانا مظهرالدين انڍڙ وٽ مختصر المعاني،بيضاوي شريف،فوزالڪبير،هدايہ 3 جلد.صحيح بخاري اول ۽ ابودائود پرايائين ان کان بعد استادالعلماءِ مولانا عبدالهادي ميمڻ (ٺيڙهي واري) وٽ بخاري اول ،ترمذي،شرح معاني الاثار۽ ميراث پڙهيائين.مولانا صاحب 26 رجب 1384ھ ۾ دستار ٻڌي،مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي ۾ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ جو هم سبقي ۽ مدرسه مدينة العلوم پنوعاقل ۾ دوره حديث به گڏپڙهيو.
پاڻ هن وقت مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي ۾ استاد جي حيثيت ۾ درس و تدريس ۾ مشغول هئا۔
ياد رهي ته مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ ۽ مولانا مرحوم دوره حديث مدرسه مدينته العلوم پنوعاقل ۾ گڏ پڙهيا هئا۔
سندس جنازي نماز ۾ مائٽن،عزيزن،علامن،طالبن ۽ شهر جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔جنازي نماز پاڪستان جي مشهور عالم مولانا نعيم الله ڪوٽ سبزل واري5: 20 منٽن تي شام جو پڙهائي۔
سنڌ جي مشهور عالم،استادالعلما،فقيه السنڌ،پير طريقت حضرت مولانا علامه مفتي عبدالوهاب چاچڙ ۽ سندس فرزند مولانا مفتي عبدالواحد چاچڙ پڻ شرڪت ڪئي۔
وفات: 8 فيبروري سنه 2014ع تي گهوٽڪي با پاس تي۔
الله تعالي کان دعا آهي ته مولانا عبداللطيف پٺاڻ کي جنت ۾ جڳهه ڏئي۔

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: