جواب: سنڌ جا وسيلا ۽ سنڌين جي حالت اسانجا ڪجهه دوست چوندا آهن ته؛ ڀلا پنجاب ۾ بجلي ناهي، جي سنڌ ۾ نه هوندي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي ۔۔۔ ڀلا پنجاب ۾ خونريزي ٿي رهي آهي، جي سنڌ ۾ ٿيندي ته جاڙي به جڳ سان ۔۔۔ ڀلا پنجاب ۾ بک ۽ بيروزگاري آهي، جي سنڌ ۾ هوندي ته ڪهڙي ڳالهه آهي ۔۔۔ ڀلا ۔۔۔ ڀلا ۔۔۔ ڀلا ۔۔۔۔ ٻيون به اهڙيون ڪئي ڳالهيون آهن جن سان سنڌ ۽ پنجاب جي ڀيٽ ڪئي ويندي آهي، پوءِ سنڌ جي ڏکن کي ٿڌو ڪيو ويندو آهي ۔۔۔ بلڪل ان ٻليءَ جيئان جا پاڻ ڏانهن ايندڙ مصيبت کي ڏسي اکيون بند ڪندي آهي ۔۔۔ پر اسانجا دوست اهو وساري ويهندا آهن ته سنڌ جا وسيلا پنجاب ته ڇا پاڪستان جي سمورين قومن کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آهن ۔۔۔ جي سنڌ جا وسيلا صرف ۽ صرف سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن ها ته سنڌ يورپ يا مڊل ايسٽ يا فارايسٽ جي ڪنهن ترقي يافته ملڪ کان گهٽ نه هجي ها ۔۔۔ ڀلا اها قرباني سنڌ ڏئي ٿي ته ڇو؟ ڪهڙو سبب آهي جو اسين سڀ وسيلا ٻين جي حوالي ڪري پاڻ بک بيروزگاري، بدامني ۽ اوندهه ۾ گذاريون ۔۔۔ ڇو؟ سنڌ جو ڪتو به ڪم جو هوندو ته انکي مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو آهي ۔۔۔ ڇو؟ آءُ انهن سڀني دوستن کان جيڪي مونسان ناراض ٿيندا آهن ته آءُ موجوده نظام جي خلاف هروڀرو ٿو ڳالهايان، سنڌي هجڻ جي رشتي سان انهن کان هٿ ادب جا ٻڌي معافي وٺانٿو ۽ گڏوگڏ اهو سوال ڪريانٿو ته ٺيڪ آهي، سڀ سٺو آهي، پر سنڌ اهو سڀ ڇو ۽ ڇا لاءِ ويٺي ڀوڳي؟ مهرباني ڪري جواب ڏيو ۽ سمجهايو ته ممڪن سمجهه ۾ اچي وڃي ۔۔۔ رب العالمين اسانکي سچ ۽ حق جي راه تي هلڻ جي ۽ سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين