گار گند ڇو، ۽ ڇو نه.... منهنجي ڪلينڪ ڀرسان جيڪا ورڪشاپ آهي، ان ۾ ٻار به ڪم ڪندا آهن. اتي ڪم ڪندڙ هڪ ٻار احمد ڪڏهن ڪڏهن دوا وٺڻ لاءِ ايندو هو پوءِ ائين ٿيو جو اڪثر ڪري مون وٽ اچڻ لڳو. هن سان گڏ سندس هڪ ٻه دوست به ايندا هئا. مان ڳالهين ڳالهين ۾ سندن تربيت ڪندي هيس. آءُ چاهيندي هيس ته ماحول جون خاميون ۽ گهٽتايون هنن ٻارن جي شخصيت کي گهٽ متاثر ڪن ۽ جيڪي سٺيون ڳالهيون آءُ کين سيکاري سگهيس ٿي سي سڀ سيکاريان. هڪ ڏينهن هن ٻار سان گڏ ٽي چار ٻيا به نينگر منهنجيءَ ڪلينڪ تي آيا، مان دستور موجب کين ٻڌائي رهي هيس ته سٺا ٻار گار گند واريون ڳالهيون نه ڪندا آهن، وڏن جو چيو مڃيندا آهن ۽ هڪ ٻئي جون گلائون، شڪايتون نه ڪندا آهن وغيره. وغيره. اوچتو هڪ ڇوڪري چيو:”ڇا سٺا ٻار گاريون به نه ڏيندا آهن؟“ ان تي مون کيس چيو ته” ها! گاريون ڏيڻ ته تمام خراب ڳالهه آهي ۽ گاريون ڏيندڙ کي الله سائين به گناهه ڏيندو آهي.“ آءُ هنن ٻارن کي وڌيڪ سمجهايان ها پر تنهن کان اڳ هن ڇوڪري پنهنجي ڀاءُ ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”آنٽي! هي ڏاڍيون گنديون گاريون ڏيندو آهي! ائين چئي هن تمام رازداريءَ ۽ شرمندگيءَ سان منهنجي ڪن ۾ چيو: ”هي چوندو آهي ته تنهنجي ماءُ کي ڪتا چڪ پائين!“ ٻار جي هن گار مون کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته اهي ڪهڙا عوامل ۽ اسباب آهن جو انسان کي گاريون ڏيڻ تي همٿائيندا آهن ۽ هو گارين جي چونڊ ۽ انتخاب ڪهڙن بنيادي سببن ڪري ڪندو آهي! هن ٻار جي گار جو تجزيو ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪندي ٻه ڳالهيون واضح طور سامهون آيون: 1.گار ۾ هن هستيءَ کي نشانو بڻايو ويو آهي جا ٻار لاءِ نه رڳو اهو ته اهم ترين آهي بلڪه محبوب ترين به آهي. 2.گار ۾ هڪ بد دعا ذريعي شديد خوف ۽ تڪليف جو احساس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي (ڪتي جو چڪ پائڻ ۽ سو به هڪ ڪتو نه بلڪ ڪيترائي ڪتا) روزاني زندگيءَ جو جيڪڏهن غور سان مشاهدو ڪيو وڃي ته اسان جي ماحول ۾ خوفائتي شين ۾ ڪتو سڀ کان نمايان آهي. جو نه رڳو ٻارن لاءِ خوفزده آهي بلڪه وڏا به، خاص ڪري عورتون ته ان کان تمام خوفزده نظر اينديون آهن. وري ڪتو پاڻ جيڪر خوفائتو ۽ خطرناڪ به نه هجي پر ان جي چڪ جو علاج بهرحال سخت ايذاءُ ڏيندڙ آهي. هن گار جي صورت ۾ ڏنل بد دعا ۽ سراپ جي ڪيفيت کي جيئن مون پنهنجي تصور ۾ ڏٺو ته هڪ لمحي لاءِ مان پاڻ به خوفزده ٿي ويس! جيڪڏهن ٿورو غور ڪيو وڃي ته محسوس ٿيندو ته هن ٻار پنهنجي غصي جي اظهار لاءِ پنهنجي تجربي ۽ سوچ آهر ٻين کي نهايت جذباتي اذيت پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪتي جي چڪ پائڻ جي بد دعا جيڪڏهن کيس ڏني وڃي ها ته شايد ايتري قدر ايذائيندڙ نه هجي ها. جيتري قدر سندس ماءُ لاءِ ٿئي ٿا. ان ڪري ئي گار ذريعي هن ٻار ٻئي کي پنهنجي ليکي تڪليف ۽ خوفائتي ڪيفيت سان دوبدو ٿيڻ جي بد دعا ڏني ۽ کيس سخت جذباتي دٻاءَ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو تجربو ته هو هڪ معصوم ٻار جي گار جو، جنهن جو تجرباتي علم ۽ عقل محدود آهي. ڏسڻو اهو آهي ته باشعور ماڻهو گاريون ڇو ڏيندا آهن ۽ اڃا به وڌيڪ اهو ته ماڻهو گارين جي چونڊ ڪهڙي بنياد تي ڪندا آهن. يا ڪنهن قسم جا ماڻهو ڪهڙي قسم جون گاريون ڏيندا آهن. گار جي باري ۾ وڌيڪ لکڻ کان اڳ ۾ پهرين اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ”گار ڇا آهي يا ڪهڙي شيءَ کي گار چئبو آهي؟“ گار جو مطلب ڪنهن شخص يا سندس باري ۾ اهڙا الفاظ ۽ جملا چوڻ جيڪي تڪليف ده ۽ رسوا ڪرڻ سان گڏوگڏ حقيقت پسندانه نه هجن ۽ انهن جي استعمال ڪرڻ جو مقصد صرف ٻين کي اذيت ڏيڻ ۽ رسوا ڪرڻ هجي. اسان وٽ گار غصي ۽ ڪاوڙ جي اظهار جو طريقو سڀ کان سولو آهي. بنيادي طور اسين گارين کي ٻن وڏن قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا. هلڪيون ۽ بي ضرر گاريون. تمام سخت ۽ ڪنيون گاريون. اهڙين گارين ڏيڻ جو تعلق ڪيترن ئي ڳانڍاپن ۽ سببن سان آهي. جن مان چند اهم واسطا ۽ ڳانڍاپا هيٺ ڏجن ٿا. جنس، 2. تعليم، 3 ماحول. عورت جي ڀيٽ ۾ مرد عام طور تمام سخت ۽ اگهاڙيون گاريون ڏين ٿا. ان جو مطلب هرگز ڪونهي ته عورتون رڳو هلڪيون ۽ بي ضرر گاريون ئي استعمال ڪن ٿيون. ليڪن مردن جي مقابلي ۾ عورتون هن معاملي ۾ ڪجهه پٺتي آهن. تعليم يافته عورتون ۽ مرد عام طور گهٽ گاريون ڏيندا آهن. پڙهيل ڳڙهيل عورتن جي ڀيٽ ۾ جاهل ۽ اڻ پڙهيل عورتون اڃا به وڌيڪ تکيون ۽ گنديون گاريون ڏينديون آهن. پڙهيل عورتون ۽ مرد جيڪڏهن گاريون ڏين به ٿا ته فحش ۽ ڪنيون گاريون نه ٿا ڏين. ان کان علاوه مغربي تهذيب جي اثر هيٺ آيل طبقو سنڌي/اردو جي بدران انگريزيءَ ۾ گاريون ڏئي احساس ڪمتريءَ جي سختيءَ کي گهٽ ڪرڻ سان گڏ گار جي گندگيءَ کي به گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. صاف سٿري ۽ پر سڪون ماحول ۾ پلجندڙ ماڻهو نسبتاً گهٽ گاريون ڏيندا آهن، مگر Frustrated ۽ جهالت جي ماحول سان تعلق رکندڙ جهالت ۽ Frustration ڪري گاريون ڏين ٿا. ماحول جيترو تڪليف ده هوندو، جهالت اوتري وڌيڪ هوندي ۽ اوتري ئي حد تائين ڪنيون گاريون ٻڌجڻ ۾ اينديون! گار ڏيڻ جا ممڪن اسباب ۽ نفسياتي ڳانڍاپا هيٺ ڏجن ٿا عادتاً گاريون ڏيڻ: جيڪڏهن اسين پنهنجي معاشري جو غور سان جائزو وٺون ته اسان کي اندازو ٿيندو ته اسان کي سڄو ڏهاڙو گاريون ٻڌڻيون پون ٿيون. ٻيو ڪجهه نه ته گڏهه گاڏيءَ يا بيل گاڏيءَ وارو بيل ۽ گڏهه کي ڪنيون ڪنيون گاريون ڏيندي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو! يا وري ڪنهن سائيڪل جو ٽائر کڻي پنڪچر ٿيو پوي ته هو سائيڪل کي بيهاريندي بيهاريندي ٻه چار ماءُ ڀيڻ جون گاريون ڏئي ٿو ڇڏي !! بعضي مائرون پيار ئي پيار ۾ ٻار کي گارين سان ڏاڍو نوازينديون آهن ۽ غصو ۽ ڪاوڙ ته ذريعو ئي مارڪٽ ۽ گارين جو هوندو آهي. هيءُ سڀ اهي گاريون آهن جي ماڻهو صرف ان لاءِ ڏيندا آهن ته کين گاريون ڏيڻ ۽ ٻڌڻ جي عادت هوندي آهي!!، ورنه هونئن ته نه غصو ئي سندن اهڙو ڪو سخت هوندو آهي ۽ نه ئي وري وقت جي نوعيت اهڙي هوندي آهي ته هو گاريون ڏيڻ تي مجبور هجن! عادت جي مجبوريءَ ڪري گارين ڏيڻ جو تعلق گهڻي حد تائين مخصوص ماحول سان هوندو آهي. جيڪي ماڻهو شروعات ۾ اک پٽڻ شرط گاريون ٻڌندا آهن اهي کل، ڀوڳ، پيار ۾، ڪاوڙ ۽ غصي ۾ گارين جي بي درديءَ سان استعمال ڪندا آهن! غصي جي اظهار جو رواجي طريقي ڪار آهي! جيتري قدر ڪاوڙ ۾ تيزي هوندي، ايتري قدر سخت گاريون استعمال ٿينديون! مگر هيءُ ضروري به ڪونهي ته غصي ۾ هر شخص لازمي گاريون ڏئي. ماحول ۽ تعليم ڪنهن به فرد جي ظاهري طريقي تي اثر انداز ٿين ٿا. جاهل ۽ تعليم پرايل افراد جي غصن جي طريقن ۾ فرق لازم هجڻ ئي گهرجي ۽ سو هوندو به آهي. ساڳي طرح مذهب سان ويجهڙو تعلق به گندي زبان استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. اگر انسان غصي ۾ هجڻ کان علاوه بي وسيءَ جو شڪار هجي ۽ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي ته هو گاريون ڏئي سامهون واري کي انتهائي ذهني ڪوفت ۽ اذيت ۾ مبتلا ڪندو آهي يا پوءِ وري خود پنهنجي جذبات کي ٿڌو ڪندو آهي. گاريون ڏيندڙ دراصل ان ذريعي ئي ٻئي کي بي عزت ڪري پنهنجيءَ بي عزتيءَ، بي وسيءَ جي احساس کي گهٽ ڪري سندي بي عزتيءَ جو بدلو وٺي ٿو! ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته پنهنجي عزت ۽ وقار کي ”محفوظ“ ۽ ”بچائڻ“ واسطي ٻين کي گار ڏئي بي عزت ڪري ٿو! گار ڏيڻ در حقيقت بغاوت جو هڪ پهلو آهي. گار ڏئي قانون، معاشري ۽ اخلاقي قدرن کان بغاوت ڪندو آهي. ان بغاوت جو بنيادي سبب محرومي جو احساس Frustration چئي سگهون ٿا. هيءُ احساس ڪنهن به سبب ڪري پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ ان سبب ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. عام طور محروميءَ جو احساس پيدا ڪندڙ ڳانڍاپن جو تعلق سماجي ماحول سان ئي هوندو آهي. هن سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته فحش ڪلامي ۽ ڪنيون گاريون جنسي بيمار ماڻهن لاءِ تسڪين ۽ آٿت جو باعث ٿينديون آهن! اهڙا افراد ذري ذري ڳالهه تي ڪنيون گاريون بڪيندا آهن پر اهڙا ماڻهو تعداد ۾ گهٽ هوندا آهن ۽ هڪ مخصوص طبقي سان سندن تعلق هوندو آهي. اهي ته هئا عوامل جن سببان ماڻهو گاريون ڏيندا آهن. هاڻي سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته نيٺ گار ڏيڻ ۾ نقصان ڇا آهي؟ اگر صرف نفسياتي اعتبار سان ڏٺو وڃي ته گار جو سڀ کان اهم عنصر، اثرائتو عنصر، لذت انگيزي آهي. گاريون ڏيندڙ جي دل و دماغ ۾ نفرت جو احساس پيدا ٿيندو ۽ وڌندو آهي ۽ جنهن کي گار ڏني وڃي ٿي. هن ۾ به نفرت سان گڏ حقارت ۽ غصي جو احساس پيدا ٿئي ٿو. فرد ۽ معاشري ۾ محبت جيتري حد تائين گهٽجندي ويندي ته نفرت، خود غرضي اوتري حد تائين وڌندي ويندي ۽ نفرت جو اهو سلسلو جيترو وڌندو ويندو معاشرو اوترو فساد زده ٿيندو ويندو ۽ فساد جڏهن ڦهلجندو آهي ته سڀ ڪجهه ساڙي رک ڪري ڇڏيندو آهي! اخلاقي ۽ مذهبي اعتبار سان گار فرد ۽ معاشري ٻنهي لاءِ انتهائي خراب اثرات رکندي آهي. انسان اگر ڪا ڳالهه مسلسل ٻڌي ٿو ته ان جي اهميت گهٽجي ٿي وڃي. عام طرح گارين ۾ جن ڳالهين جو ذڪر هوندو آهي اهي گهڻو ڪري ڏوهه هوندا آهن. جڏهن لڳاتار انهن جو ذڪر ٿيندو رهندو يا ڪن انهن کي پيا ٻڌندا رهندا ته پوءِ انهن سان ڳنڍيل گناهن جو احساس گهٽجندو ويندو آهي. نتيجي طور معاشري ۾ مجموعي افراد ۾ انفرادي سطح تي بي حسي، بي حيائي وڌي ٿي ۽ آهستي آهستي اها نوبت اچي ٿي ته جن ڳالهين جو سوچڻ برائي ، جن کي ٻڌڻ غلط، انسان انهن کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ڪو عار يا جهجهڪ محسوس نه ڪندو! مسلمان هجڻ جي حيثيت سان به جيڪڏهن اسين ويچار ڪريون ته پوءِ گار ڏيڻ هڪ وڏو گناهه آهي. ان جو هڪ اهم سبب هيءُ آهي ته اسلام حياءُ تي ڏاڍو زور ڏئي ٿو. حياءُ کي ايمان جو لازمي جزو بڻايو ويو آهي. جيئن ته گار ڪنهن به قسم جي هجي، بي حيائي ڦهلائڻ جو سبب بڻجي ٿي. وڌيڪ اهو ته اسلام هڪ مسلمان جي جان، مال ۽ عزت سڀني مسلمانن مٿان حرام ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪو انسان ٻئي اسان کي گار ڏئي ٿو ته هو در حقيقت سندن عزت تي حملو ڪري ٿو. جنهن جي کيس ڪنهن به صورت ۾ اجازت ناهي. گار ڏئي مذهب جون مقرر ڪيل حدون ڀڃڻ يا ٽوڙڻ ڪري انسان ظالم ۽ باغي بڻجيو پوي ۽ ظالم انسان ڪڏهن به فلاح ڏيڻ جوڳا نه آهن! تنهن ڪري اسان کي انفرادي توڙي اجتماعي لحاظ کان اها ڪوشش ڪرڻ کپي ته اسين پڻ بدڪلامي، گار گند کان بچون ۽ اهڙو معاشرو تشڪيل ڏيون جنهن ۾ گاريون ٻڌڻ اسان جي مجبوري نه هجي. ڇاڪاڻ ته ڪا بڇڙي يا برائي جي ڳالهه ڪرڻ بلا شڪ گناهه آهي پر ان جو ٻڌڻ به گناهه ئي ليکبو! اهي ننڍيون ننڍيون اخلاقي برايون وڏا وڏا فساد ۽ عذاب پنهنجي پٺيان لڪائي آڻين ٿيون پر اسان تن کي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏيون! ان ئي ڪري اسين مسلسل رُوبه زوال آهيون. اگر اسين وڏي تباهيءَ ۽ مصيبت کان بچڻ گهرون ٿا ته اسان کي بظاهر اهڙين ننڍين براين کي ٻنجو ڏيڻو ئي پوندو.! (نوٽ: هي مضمون سرتيون ميگزين 1996ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي ليکڪا ڊاڪٽر رابعه انجم آهي)