ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه لفظن جي مٽاسٽا اڻٽر ٿي پوندي آهي، مونکي ياد آهي ته هو اسلامڪ رسالي ۾ ڪم ڪندي سنڌ جي هڪ سٺي ساک رکندڙ ليکڪ مون کي فون ڪري چيو ته اوهان رسالي جي صفحن جي نمبرنگ عربي نمبرن سان ڪندا آهيو جيڪي نوجوانن کي سمجهه ۾ نٿا اچن ان لا اهي نمبر انگريزي وارا هڻندا وڃو، ان مختصر تبديلي سان ڪو فرق نه پيو پر سولائي پيدا ٿي وئي ائين ئي ٻولين ۾ سولائي ۽ آساني جي لا اهڙا لفظ لکبا آهن جنهن سان موضوع جو مطلب آساني سان سمجهه ۾ اچي، سنڌي ٻولي جا قديمي لفظ قدر جوڳا آهن انهن مان ڪافي اهڙا آهن جن کي ورجائي وري انهن جي وضاحت ڪرڻ ضروري ٿي پوندي جيئين ريٻٽو، ڀينڊ، چرمچي، ڊروهي جهڙا لفظ وضاحت گهرندا سو اهي لفظ رڪارڊ جي درستگي لا ته بهتر آهن پر انهن جو روز مرهه جي ڳالهه ٻولهه ۾ استعمال شايد نه ٿي سگهندو پر بهرحال اوهان جي شاندار ڪوشش آهي جو هي وساريل لفظ ياد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئو اميد ته جاري رکندا