ڪتاب ”سنڌ هيرن کاڻ“ تي تبصرو مٺل جسڪاڻي ڪتاب ڪنهن جو به لکيل هجي، ڪهڙي به موضوع تي لکيل هجي، پر هر ڪتاب ڪم جو هوندو آهي. اُها ٻيءَ ڳالهه آهي، ته ڪي ڪتاب تمام گهڻن ماڻهن جي ڪم جا هوندا آهن. اُهي هر عمر واري لاءِ پڙهڻ جوڳا هوندا آهن. جيڪو جيڪو به پڙهي ٿو، ان مان پرائي ٿو. ڪتاب جي اهميت جو اندازو موضوع مان ٿيندو آهي. ڪي موضوع ڪنهن، ته ڪي ڪنهن لاءِ پُرڪشش ٿيندا آهن، ڪي موضوع صرف ٻارن لاءِ، ڪي وڏن لاءِ وڌيڪ تجسس جو باعث بڻبا آهن. آئون جنهن ڪتاب جو ذڪر ڪرڻ گهران پيو، اُهو آهي ”سنڌ هيرن کاڻ، حصو ٽيون“. هيءَ نامياري ڪهاڻيڪار، بهترين استاد، يار ويس شخص رسول بخش درس جو قلمي پورهيو آهي. هي ڪتاب هر عمر ۽ هر جنس جو ماڻهو، بنا ڪنهن خوف، خطري، خدشي جي پڙهي سگهي ٿو. اُن مان گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته پاڻ وٽ تعريف توڙي تنقيد جا عجيب ۽ غريب ماڻ ۽ ماپا مقرر ڪيل آهن. جيڪڏهن ذاتي واسطا آهن، ياري دوستي آهي، ڪا لالچ، ڪو خوف آهي، ته ان نسبت سان، جيڪڏهن ليکڪ رسول بخش درس جهڙو بي ضرر ليکڪ آهي، ته پوءِ تعريف ۾ حد درجي تائين ڪنجوسپائي ڪبي ۽ تنقيد لاءِ پويان لوڻو هڻي نه ڏسبو! رسول بخش درس ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. سندس هي ڪتاب مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪن تي مبني آهي. عام طور خاڪا اهڙين شخصيتن تي لکبا رهيا آهن، جيڪي ڪنهن تعارف جون محتاج نه هونديون آهن، يا وري انهن کي تعارف جي تمام گهڻي بُک هوندي آهي. مون خاڪن تي مشتمل هڪ اهڙو ڪتاب به ڏٺو، پڙهيو، جيڪو صرف هڪ مخصوص علائقي جي ماڻهن جي ذاتي تعارف ۽ ڪارڪردگي تي مشتمل هو. اهو ڪو اهڙو هڪ ڪتاب نه آهي، اهڙا ڪتاب چندو ڪري، چندو وٺي، چندي جي نالي ۾ چڱي خاصي مُوڙي حاصل ڪري، يا وري ڪي وڏا اهم ڪم وٺڻ جي لالچ ۾ اچي، پوءِ به خاڪا لکيا ۽ ڇپرايا ويندا آهن. نه صرف ايترو، پر اهڙن حدف طور لکيل ۽ ڇپرايل ڪتابن جون ڀريون ٻڌي، انهن شخصيتن ۽ انهن ماڻهن جي وارثن حوالي ڪيا ويندا آهن، جن جن جو به اهڙي ڪتاب ۾ ذڪر هوندو آهي. هڪ طرف ان قسم جا ڪتاب به کوڙ سارا ڇپيل آهن ۽ پڙهندڙ اهڙن ڪتاب ڌڻين کان به چڱي ريت واقف آهن. ٻئي طرف رسول بخش درس جو پورهيو آهي. ”سنڌ هيرن کاڻ“ جي پهرئين حصي کان هن نئين ڇپجي آيل ٽئين حصي تائين، اوهان سڀ مجموعا هٿ ڪريو، هڪ هڪ پنو اٿلائيندا، پڙهندا وڃو، اوهان کي ڪنهن به هڪ شخصيت تي، روايتي انداز ۾ لکيل مواد نه ملندو. ڪنهن جي قصيدا گوئي ٿيل نه هوندي. جن تي خاڪا لکيل آهن، انهن ۽ انهن جي عزيزن ۽ دوستن کان به ڀلي پڇي پڪ ڪريو، انهن تائين ڪتاب جو ڀاڪر نه پهتو هوندو. جيتوڻيڪ رسول بخش درس جي ڪتاب ”سنڌ هيرن کاڻ“ جي ٽئين حصي ۾ به ڪجهه تمام گهڻين مشهور، معروف ۽ مقبول شخصيتن تي به خاڪا لکيل آهن، پر ڪجهه خاڪا اهڙن گمنام موتيءَ داڻن جهڙن مثالي ماڻهن تي به لکيل آهن، جن جي زندگيءَ مان مون جهڙن ۽ عام پڙهندڙن کي گهڻو ڪجهه پرائڻ لاءِ پلئه پوندو. عام خاڪا، جيڪي مخصوص نجي ڪارگذاري ۽ واقعاتي انگن اکرن تي مشتمل هوندا آهن، پر اهڙا تمام ٿورا ليکڪ آهن، جيڪي، جنهن جنهن تي به خاڪو لکندا آهن، ان جو گهڻ پاسائون تجزيو به لکي وٺندا آهن. رسول بخش درس جا لکيل خاڪا، جيڪڏهن اوهان پڙهندا، ته اوهان کي صرف نشاندهي ڪيل شخصيت جي ذات بابت معلومات نه ملندي. اوهان کي تاريخي حوالن سان، انيڪ قسم جي معلومات ملندي. اوهان کي خاڪي واري شخصيت سان گڏوگڏ، ان سان ليکڪ جي تعلقاتن سميت، خود ليکڪ جي ذات متعلق پڻ پڙهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملندو، بهترين آگاهي پلئه پوندي. اوهان کي خاڪي لاءِ عنوان بنايل شخص ۽ ليکڪ جي آسپاس، انهن سان واسطن ۽ رابطن بابت پڻ معلومات ملندي. ڪٿي ڪٿي ته ائين به محسوس ٿيندو، ته ليکڪ ڪنهن ٻئي تي پيو لکي يا سندس ذات تي پيو لکي!؟ يا وري ڪٿي اوهان کي ڪنهن مخصوص علائقي جي تاريخ ۽ تمدن تي لکيل مواد ۽ وڌيڪ تحقيق جي گهر لکيل ملندي. اهو صرف رسول بخش درس جو اسلوب آهي. اوهان جي نظر ۾ ڀلي ته ڪينئن به هجي، پر منهنجي نظر ۾ رسول بخش درس مروج طريقن کان هٽي ڪري، هڪ نئين، منفرد انداز ۾ خاڪا لکي، نه صرف عنوان لاءِ چونڊيل شخصيتن، پر انهن جو ذاتي حال احوال به اهڙي نموني لکيو آهي، جو پڙهندڙ بوريت محسوس ڪرڻ بدران، هڪ ئي ساهيءَ ۾ خاڪو پڙهي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. کيس هڪ ئي وقت، ٻن مثالي شخصيتن، هڪ اها شخصيت، جنهن تي خاڪو لکيو ويو آهي ۽ ٻيءَ خود ليکڪ جي ذات بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي. نه صرف ايترو، پر ڪجهه خاڪا، ڪنهن هڪ شخصيت تي نه، مختلف شخصيتن کي گڏائي به لکيا ويا آهن. مثال طور ”ناري جا سخي سخنور شاعر- پلي ڀائر“ يا وري ”ٺٽي جا سومرا، سردار ڍول ماڻهو“ ۾ سومرا برادري جون ڪجهه اُهي شخصيتون، جن سان رسول بخش درس ويجهو رهيو، انهن بابت جيڪا ڄاڻ رسول بخش درس جي تحريرن ۾ شامل آهي، اهڙي معلومات شايد ڪي ٻيا ليکڪ شامل نه ڪري سگهن ها. اهڙي طرح رسول بخش درس جو هڪ ٻيو منفرد انداز ذڪر ۾ آڻيان، ته گهڻو ڪري خاڪن تي مشتمل ڪتابن ۾ هڪ شخصيت تي هڪ خاڪو لکيل ملي ٿو، پر رسول بخش پاڻ کي، خاڪي جو عنوان بنيل شخصيت کي ۽ پڙهندڙ کي، ان پابنديءَ کان پڻ آجو ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته رسول بخش درس صرف مٿي تان ڀري لاهڻ لاءِ نه، معلومات لاءِ، سندس احساسات لاءِ به لکيو آهي. سندس مجموعي جي هن ٽئين حصي ۾ صرف حسن درس تي، هڪ کان وڌيڪ، ٽي (3) مضمون، خاڪا لکيل آهن. ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران سال جي شروعات ۾ ڇپرايل ڪتاب ”سنڌ هيرن کاڻ“ جلد ٽيون، 166 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ رسول بخش درس جا لکيل 22 خاڪا ۽ حال پريان نال (ليکڪ پاران ٻه اکر)، اداري پاران، مهاڳ: هن جي اک سان سنڌ ڏسو (حفيظ ڪنڀر)، ڌرتي جو پروهت: رسول بخش درس (نواز شاهه ڀاڏائي)، ڳوٺ ڪهاڻي ۽ روئيندڙ شهر (ضراب حيدر)، رسول بخش درس: سنڌ جي غير روايتي تاريخ لکندڙ شخص (حفيظ ڪنڀر) ۽ جر ۽ جبل جو ماڻهو (مير حسن آريسر)، ڪتاب ۽ ڪتاب جي ليکڪ بابت تمام سهڻيون، سٺيون، سچيون، کريون ڳالهيون به ڪتاب جي سونهن ورونهن آهن. رضوان جي خوبصورت رنگين ٽائيٽل پينٽنگ تي مشتمل، هن بهترين ڪتاب جي قيمت 250 رپيا آهي. اميد ته جيڪو به پڙهندو، گهڻو ڪجهه پرائيندو.