ڪتاب معاشري جو عَڪس هوندا آهن. مختلف موضوعن ۽ علمن تي ٻڌل ڪتابن جو روح ۽ علم هڪ گهري سوچ ۽ تحقيق جو نتيجو آهي، تحقيق، کوجنا ۽ ڪو به عقلي عمل اُتي عملي حقيقت اختيار ڪندا آهن، جتي سوچ ۽ عقل جو هجڻ لازمي هوندو آهي، ائين ڪٿي به ناهي ڏٺو ويو، ته ليکڪ جي ڪتاب لکڻ کانپوءِ عقل ۾ هڪدم اضافو ٿيو هجي، اهو تسليم ڪرڻو پوندو، ته ڪتابن لکڻ ۽ پڙهڻ سان عقل ۾ نه بلڪه ”علم“ ۾ اضافو ٿيندو آهي، ڪنهن انسان ۾ عقل هوندو، ته ان جو علم حقيقي ۽ ڪتابي صورت اختيار ڪندو آهي، عقل کان بغير ڪتابن کي پڙهڻ ۽ پرکڻ ناممڪن عمل آهي. انيڪ موضوعن تي ٻڌل ڪتاب مختلف پسمنظر ۾ لکيل هوندا آهن، هر هڪ ڪتاب جو پنهنجو پنهنجو ۽ عليحده علم هوندو آهي. سائنس، تاريخ، ثقافت، مذهبي، نصابي ۽ ادبي ڪتاب پڙهڻ سان عقل ۾ هرگز اضافو ناهي ٿيندو، اگر ائين ٿيندو هجي ها، ته هر انسان دنيا جي محققن ۽ ادب دوست ليکڪن جا ڪتاب پڙهي گهرن کي لائبريريون بڻائي معاشري جا ڏاها ۽ عقلمند فرد بڻجڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏين ها. اها ڳالهه سرخم تسليم ڪري به وٺون ها، ته ڪتابن پڙهڻ سان عقل ۾ اضافو ٿيندو آهي، ته پوءِ هر هڪ پڙهيل لکيل انسان جو عقل برابر ڇو ناهي هوندو؟ ڪتاب پڙهڻ سان فقط علم ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ڇا دنيا جا سڀ جاهل ۽ ڪتابن کان اڻ واقف بي عقل هوندا آهن؟ ڇا ڪتاب کان بيخبر انسان پنهنجي خاندان جا بهتر فيصلا نه ڪري سگهندا آهن؟ اگر ڪتابن پڙهڻ سان عقل وڌندو هجي ها، ته آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته، جانورن ۾ عقل نه اچي ها. تفريح گاهن ۽ گهٽين ۾ انوکا ڪرتب ڏيکاريندڙ مداريءَ جا پاليل ڀولڙا ڇا رات ڏينهن ڪتاب پڙهندا آهن؟ جهنگ ۾ شڪاري، شينهن ۽ چيتي کان زندگي بچائڻ خاطر هرڻ کي محفوظ هنڌ ڏانهن ڀڄڻ ۽ ڊوڙڻ جو عقل ڇا ڪتابن مان ملندو آهي؟ ڪنهن انسان جي نفرت ۽ محبت جي جذبن کي پرکڻ جو سبق ڇا ڪتابن مان پڙهندا آهيون؟ ڪائنات جي مڙني رمزن کي آشڪار ڪرڻ عقل جو ڪم هوندو آهي، ۽ ان حقيقت کي بي پرده ڪري عمل ۾ آڻڻ کي علم چئبو آهي ۽ اهو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ صرف علم ۾ ئي اضافو ٿي سگهي ٿو. محمد اسلم سرداراڻي سميجو/ڇاڇرو
معذرت سان چوڻ چاهيان ٿو ته مان هن ليک جي ڪنهن به ڳالهه سان متفق نه آهيان۔ هن ليک کي غور سان پڙهڻ کانپو هيٺيون ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون۔ عقل ۽ علم الڳ الڳ آهن۔۔!! ڪتابن پڙهڻ سان عقل نه وڌندو آهي۔ ڪتاب لکڻ سان ليکڪ جي عقل ۾ اضافو بلڪل نه ٿيندو آهي۔ هن ليک کي جنهن به لکيو آهي ان جو نقطه نظر منهنجي سمجهه موجب هي آهي ته۔۔ عقل جنهن کي جيترو مليو بس اوترو ئي رهندو۔۔۔!! ان ۾ ڪنهن به طريقي سان اضافو ٿيڻ ممڪن نه آهي۔۔۔!! انسان ڪيترو به علم حاصل ڪري، ڪتاب ڀلي ڪيترا به ڏينهن رات هڪ ڪري پڙهي ۽ پنهنجي علم ۽ تحقيق سان جيڪڏهن ڪتاب به لکڻ َشروع ڪري ڇڏي پر ان جي باوجود به سندس عقل نه وڌندو ۔۔۔!!! حد ٿي وئي۔۔۔ڇا اهو چوڻ يا سمجهڻ مناسب آهي۔۔؟ دوستو۔۔اچو ته هن ليک جي هر هڪ پيراگراف جو تنقيدي جائزو وٺون۔ ڪتاب معاشري جو عَڪس هوندا آهن. مختلف موضوعن ۽ علمن تي ٻڌل ڪتابن جو روح ۽ علم هڪ گهري سوچ ۽ تحقيق جو نتيجو آهي، تحقيق، کوجنا ۽ ڪو به عقلي عمل اُتي عملي حقيقت اختيار ڪندا آهن، جتي سوچ ۽ عقل جو هجڻ لازمي هوندو آهي،هر ڪتاب معاشري جو عڪس نه هوندو آهي، ان جو دارومدار ڪتاب جي موضوع تي آهي۔ ڪجهه ڪتاب تصوراتي هوندا آهن جن جو حقيقي دنيا سان ڪو به واسطو ناهي هوندو۔۔ڪجهه نصابي ڪتاب خالص غير معاشرتي هوندا آهن۔ سائنسي فڪشن ناول به اسان جي معاشري جو عڪس نه هوندا آهن۔۔۔ انڪري اهو چوڻ ته ڪتاب معاشري جو عڪس هوندا آهن بلڪل غلط آهي۔ ها اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪتاب ليکڪ جي ذهن ۽ سوچ جو عڪس هوندا آهن۔ اهو انسان جيڪو تحقيق يا کوجنا ڪري ٿو، ڪنهن به هڪ موضوع تي سوچ ويچار ڪري ٿو ان جو عقل اهڙي انسان کان تمام مٿاهون هوندو آهي جيڪو پنهنجي عقل کي استعمال نٿو ڪري، جيڪو تحقيق ۽ کوجنا ۾ ڪا دلچسپي نٿو رکي۔ آسان لفظن ۾ ايئن چئجي ته بيشڪ الله رب العزت هر انسان کي ساڳيو دماغ ڏنو آهي پر اها به حقيقت آهي ته هر انسان جو عقل هڪ جيترو نه هوندو آهي۔ ان جو سبب اهو آهي ته هر انسان پنهنجي دماغ کي هڪ جيترو استعمال نه ڪندو آهي۔ جنهن انسان پنهنجي دماغ جو درست استعمال ڪيو۔۔يعني علم کي سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ مشغول رهيو، تحقيق، کوجنا ۾ وقت گُذاريندو رهيو۔۔۔ يقينن ان پنهنجي علم ۽ عقل ۾ اضافو ڪيو۔ اها به ڳالهه ذهن ۾ رهي ته عقل وڌائڻ لا ضروري نه آهي ته تعليم حاصل ڪيل هجي، ڊگريون هجن يا علم ادب جا کوڙ سارا ڪتاب پڙهيل هجن۔ زندگي، ماحول ۽ پنهنجي زندگي جا تجربا به انسان کي گهڻو ڪجهه سيکاريندا آهن۔ ۽ اهو به چوڻ درست نه آهي ته۔۔۔ تحقيق، کوجنا ۽ ڪو به عقلي عمل اُتي عملي حقيقت اختيار ڪندا آهن، جتي سوچ ۽ عقل جو هجڻ لازمي هوندو آهي۔ڇو جو سوچ ۽ عقل جي موجودگي ۽ ان ۾ واڌ سڌوسنئون علم ۽ تجربي تي دارومدار رکي ٿي۔۔سوچ ۽ عقل پهرين هجي ۽ کوجنا پو ڪجي اهو ضروري نه آهي۔ کوجنا ڪرڻ دوران انسان مختلف ڪتاب پڙهندو آهي، بحث مباحثه ڪندو آهي ، موضوع بابت هر رخ کان سوچيندو آهي ۽ گڏوگڏ سندس عقل ۾ به اضافو ٿيندو رهندو آهي۔ علم تڏهن وڌندو جڏهن مختلف ڪتاب پڙهبا آهن، عالمن، استادن ۽ بزرگن جي محفلن ۾ ويهبو آهي۔ انهن جا خيال، انهن جا فڪر معلوم ڪبا آهن، جڏهن انهن جا تجربا سمجهبا ۽ انهن مان سبق پرائبو ته عقل ۾ به واڌ ايندي۔ ڪو به انسان ڄائي ڄم کان عقلمند ناهي هوندو۔ جڏهن انسان پنهنجي دماغ کي گهڻي کان گهڻو استعمال ڪندو آهي ته ظاهر آهي ته سندس علم ۽ عقل ۾ به اضافو ٿيندو آهي۔ انهي ڪري صرف دماغ جي موجودگي ڪافي ناهي ۽ تحقيق لا صرف محدود عقل ، محدود علم ۽ محدود سوچ به ناڪافي آهي۔ ائين ڪٿي به ناهي ڏٺو ويو، ته ليکڪ جي ڪتاب لکڻ کانپوءِ عقل ۾ هڪدم اضافو ٿيو هجي، اهو تسليم ڪرڻو پوندو، ته ڪتابن لکڻ ۽ پڙهڻ سان عقل ۾ نه بلڪه ”علم“ ۾ اضافو ٿيندو آهي، ڪنهن انسان ۾ عقل هوندو، ته ان جو علم حقيقي ۽ ڪتابي صورت اختيار ڪندو آهي، عقل کان بغير ڪتابن کي پڙهڻ ۽ پرکڻ ناممڪن عمل آهي.ڪتاب لکڻ ڪو معمولي ڪم نه آهي۔ جسماني ڪم کان دماغي ڪم وڌيڪ مشڪل هوندو آهي۔ صرف هڪ ٻه جملا لکڻ لا به انسان کي ڪئين ڪتاب پڙهڻا پون ٿا۔ هڪ ليکڪ جڏهن ڪنهن به موضوع تي ڪتاب لکندو آهي ته ان لا کيس بيشمار ڪتابن کي پڙهڻو پوي ٿو۔۔ڪيترن ئي ماڻهن جي مضمونن تي نظر ڦيرائڻي پوي ٿي۔۔۔اڃا به ضرورت پوي ته ان موضوع جي ڪيترن ئي ماهرن سان ملاقات به ڪرڻي پوندي آهي۔۔ڇا اها سڄي محنت ڪرڻ کان پو سندس علم ۽ عقل ۾ اضافو نه ٿيندو۔۔؟ جڏهن علم وڌندو آهي ته عقل ۾ به بي انتها اضافو ٿيندو آهي۔ ۔۔علم ۽ عقل الڳ الڳ نه آهن۔ عقل علم سان ئي ته ايندو آهي۔ دنيا جو اهو ڪهڙو عقلمند آهي جنهن کي علم نه هو۔۔؟ يا دنيا جو اهو ڪهڙو عالم آهي جيڪو بي عقل هو۔۔؟ انيڪ موضوعن تي ٻڌل ڪتاب مختلف پسمنظر ۾ لکيل هوندا آهن، هر هڪ ڪتاب جو پنهنجو پنهنجو ۽ عليحده علم هوندو آهي. سائنس، تاريخ، ثقافت، مذهبي، نصابي ۽ ادبي ڪتاب پڙهڻ سان عقل ۾ هرگز اضافو ناهي ٿيندو، اگر ائين ٿيندو هجي ها، ته هر انسان دنيا جي محققن ۽ ادب دوست ليکڪن جا ڪتاب پڙهي گهرن کي لائبريريون بڻائي معاشري جا ڏاها ۽ عقلمند فرد بڻجڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏين ها.ڪيڏي نه فضول ڳالهه لکي وئي آهي۔۔!! گهر ۾ رڳو لائبريري ٺاهڻ سان بيشڪ ڪو ڏاهو يا عقلمند انسان نٿو بڻجي سگهي پر جيڪو انسان لائبريري جي سڀني ڪتابن کي پڙهي ، سمجهي ۽ ياد ڪري ته اهو ئي ته ڏاهو چئبو۔ ڪتابن پڙهڻ سان ئي جيڪڏهن عقل ۾ اضافو نه ٿئي ته باقي دنيا جي ڪهڙي ڪم سان عقل ۾ اضافو ممڪن آهي۔۔؟ اها ڳالهه سرخم تسليم ڪري به وٺون ها، ته ڪتابن پڙهڻ سان عقل ۾ اضافو ٿيندو آهي، ته پوءِ هر هڪ پڙهيل لکيل انسان جو عقل برابر ڇو ناهي هوندو؟ ڪتاب پڙهڻ سان فقط علم ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ڇا دنيا جا سڀ جاهل ۽ ڪتابن کان اڻ واقف بي عقل هوندا آهن؟ ڇا ڪتاب کان بيخبر انسان پنهنجي خاندان جا بهتر فيصلا نه ڪري سگهندا آهن؟ اگر ڪتابن پڙهڻ سان عقل وڌندو هجي ها، ته آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته، جانورن ۾ عقل نه اچي ها.بيشڪ هر پڙهيل لکيل انسان جو عقل برابر ناهي هوندو پر ان جو مطلب اهو ڪٿان ٿو نڪري ته ڪتابن پڙهڻ سان عقل ناهي ايندو۔۔؟ جنهن انسان جيترو پنهنجي دماغ کي استعمال ڪيو جيتري گهڻي توجه ۽ شوق سان علم حاصل ڪيائين، تحقيق ، کوجنا ڪيائين، ان جي عقل ۾ اوترو ئي اضافو ٿيندو آهي۔۔ڇا هر انسان هڪ جيتري محنت ڪندو آهي۔۔؟ ڇا هر انسان جو شوق، دلچسپي هر موضوع لا ساڳي هوندي آهي۔۔؟ ڇا هر انسان کي علم ۽ ادب سکڻ جا هڪ جيترا موقعا، ماحول ۽ وقت ملندو آهي۔۔؟ جڏهن انهن سڀني سوالن جو جواب نه آهي ته پو هر انسان جو عقل برابر ڪيئن ٿو ٿي سگهي۔۔۔!!؟؟ جانورن جي عقل جو انسانن جي عقل سان ڪهڙو مقابلو۔۔۔؟ ڪنهن جانور اڄ تائين ڪتاب پڙهيا يا لکيا آهن ڇا۔۔؟ جانورن جي ڪجهه ڪمن ۾ مهارت يا ٿوري گهڻي عقل جي موجودگي سان انسانن لا ڪتابن جي اهميت گهٽ ڪيئن ٿي سمجهي سگهجي۔۔؟ عقل وڌائڻ جا ڪيترائي طريقا آهن۔۔ڪتاب پڙهڻ سان ته انسان جو عقل تمام گهڻو وڌي ٿو۔هي هڪ آزموده ۽ تمام مؤثر طريقو آهي۔ تفريح گاهن ۽ گهٽين ۾ انوکا ڪرتب ڏيکاريندڙ مداريءَ جا پاليل ڀولڙا ڇا رات ڏينهن ڪتاب پڙهندا آهن؟ جهنگ ۾ شڪاري، شينهن ۽ چيتي کان زندگي بچائڻ خاطر هرڻ کي محفوظ هنڌ ڏانهن ڀڄڻ ۽ ڊوڙڻ جو عقل ڇا ڪتابن مان ملندو آهي؟ ڪنهن انسان جي نفرت ۽ محبت جي جذبن کي پرکڻ جو سبق ڇا ڪتابن مان پڙهندا آهيون؟ ڪائنات جي مڙني رمزن کي آشڪار ڪرڻ عقل جو ڪم هوندو آهي، ۽ ان حقيقت کي بي پرده ڪري عمل ۾ آڻڻ کي علم چئبو آهي ۽ اهو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ صرف علم ۾ ئي اضافو ٿي سگهي ٿو.ڇا جانورن جي ڦڙتي، هوشياري ۽ چالاڪي سڀني جانورن ۾ برابر هوندي آهي۔۔؟ انسان جيڪڏهن ڪنهن جانور کي ڪو خاص ڪم سيکاري ته ڇا اهو ڪم يا مهارت ان جانور جي عقلمندي ۾ شمار ٿيندو۔۔؟ قدرت مختلف جانورن کي پنهنجي زندگي بچائڻ جا مختلف گُر سيکاريا آهن۔ اهو الله رب العزت جو پنهنجي مخلوق تي هڪ وڏو احسان آهي۔ ماکي جي مک ڪنهن درسگاهه مان يا ڪنهن ڪتاب مان ماکي ٺاهڻ جو سبق ناهي ورتو پر اهو علم ڏيڻ به الله پاڪ جي ذات بابرڪات جي ئي شان آهي۔ انسان جا فطري جذبا (نفرت ۽ محبت) پنهنجي جا تي پر سندس عقل تڏهن ئي وڌندو آهي جڏهن هو لاڳيتي محنت سان علم حاصل ڪندو رهي۔ علم حاصل ڪرڻ جي ڪا عمر ناهي ۽ ني ئي ڪا حد آهي۔علم پاڻ سان عقل ۽ ڏاهپ به آڻيندو آهي۔ اهو علم، عقل ۽ ڏاهپ ئي ته آهي جنهن جي موجودگي سان انسان اشرف المخلوقات سڏيو وڃي ٿو ۽ جانورن کان جدا سمجهيو وڃي ٿو۔