• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت کي بهتر رفتار ۽ هوسٽنگ تي هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل!

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
wp-donation-plugin.jpg
2009 مارچ ۾ جڏهن هڪ فورم جهڙي وسيع دنيا ۾ سنڌ ٻولي جي نئين فورم جي اضافي جو ذيشان رشيد سمون پاران رٿيو ويو ته کيس اهو اندازو شايد نه هو يا درست طور نه هو ته اڳتي هلي ڇا ڇا ٿيڻ وارو آهي. هر شئي جيان ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ به جِدت اڻ ٽر آهي جنهن جا سڀ پهلو مثبت ئي آهن. پر هن تڪڙي جدت ڪري سڀ شيون گڏ کڻي هلڻ لاءِ ڏوڪڙن جي ضرورت پوندي ئي رهي ٿي. هن مهل تائين باوجود ڏکيائن جي انتظامي لڏي پاران پنهنجي کيسي تي بار وجهي اهو ڪم هلايو پئي ويو. خاص ڪري فورم جي مهندار سليمان وساڻ پاران هن مهل تائين فورم تي آيل خرچ جو ڪافي حصو پاڻ تي رکيو آهي ۽ اڃان به بضد آهي ته سنگت کي تڪليف نه ڏِجي.

پر جيئن ته سنڌ سلامت جي وڌندڙ مواد ۽ معيار جي ڪري هاڻ هن سائيٽ جي ڀيرو ڀڃيندڙن جو تعداد ايترو وڌي ويو آهي جو هاڻي سنڌ سلامت جو بغير پنهنجي هوسٽنگ جي هلڻ مُشڪل ٿي ويو آهي. اهو ايئن چئي سگهجي ٿو ته هن اوطاق کي قائم ڪندي جيڪو ڪرائي تي گهر ورتو ويو هو سو هاڻي هتي وڌندڙ مهمانن جي ڪري ناڪافي ٿيڻ لڳو آهي. اهو گهر سڄو سارو سنڌ سلامت انتظاميه وٽ نه هو بلڪه هڪ گهر جو پاسو (پورشن) ورتل هو ته جيئن سستي ۾ ڪم هلي پئي. پاڻ وٽ چواڻي آهي ته وڌي واڙي لڳي ڀاڳ. انهيءَ تي اعتبار ڪندي سنڌ سلامت انتظاميه پاران رُڪنن جي ڏڍ تي فورم کي شيئرڊ هوسٽنگ (ڪرائي تي ورتل گهر جي پورشن) تان پنهنجي الڳ وڏي ويڪري بنگلي (ڊيڊيڪيٽيڊ هوسٽنگ) تي منتقل ڪيو ويو آهي جتي ڄڳهه جي ڪا حد ناهي. جيترا به مهمان اچن سنڌ جي مهمان نواز سنڌين جي وسيع دل جيان ڪا سوڙهه نه ٿيندي. پر ياد رهي ته اهو سڀ رڳو هڪ مهيني لاءِ آهي.

معنيٰ مهيني کان پوءِ اهو بنگلو يا ته ڪرايو ڏيئي پنهنجو ڪرڻو پوندو يا وري خالي ڪري پراڻي گهر شفٽ ٿيڻو پوندو. وڏو بنگلو ڪرائي تي وٺڻ جو ساليانو خرچ 50 کان 60 هزار آهي. جيڪو انتظاميه پنهنجي روزي روٽي جي خفن جي نخرن کي منهن ڏيندي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. پراڻي پورشن واري گهر جو ڪرايو ته انتظاميه اڳي جيان برداشت ڪري سگهي ٿي پر هتي ڪافي مسئلن سان گڏ اهو به ٿيندو جو مهمانن پاران ونڊيل ويچار کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو ۽ سوڙهه وڌڻ تي مالڪِ مڪان پاڻ مرادو بنا تميز جي جي ڪجهه به ڪڍي ڦِٽو ڪري سگهي ٿو.

وڏي بنگلي لاءِ انتظاميه کي ساٿ ڏيڻ لاءِ مالي تعاون جي فوري ضرورت آهي. جيڪا رڳو هڪ دفعو نه هوندي. پر انهيءَ ۾ هر سال 5 کان 10 فيصد اضافو به ٿيندو. ان لاءِ انتظاميه سان سهڪار لاءِ ڀٽائي واري چوڻي مڃڻي پوندي ته ”مون سان هلي سا جا جيءُ مٺو نه ڪري“.

هڪ اندازي مطابق سنڌ سلامت کي هن وقت هيٺين مد ۾ امداد جي ضرورت آهي.

سالانه هوسٽنگ : 24000 روپيه (20 ڊالر في مهينو)

سالانه اسڪرپٽ اپگريڊنگ : 4000 روپيه (40 ڊالر ساليانو)

ٽيڪسز سميت اضافي اخراجات : 2000 روپيا سالانو

ڪل گهربل رقم : 30،000 روپيه


هن موضُوع کي توڙي جو انتظاميه جي ڪنهن رُڪن پاران لکجڻو هو پر جيئن ته انتظاميه هميشه جيان حضور شرم طبيعت ڪري نه لکي سگهي ۽ اهو بار هن نا توان ڪُلهن تي وِڌو ويو. شايد آئون اصل ڳالهه اُن طرح بيان ڪري سگهيو هُجان جيئن ٿيڻ گهُربي هئي ۽ اوهان کي سمجهه ۾ اچي ها پر وري به اُميد رکجي ٿي ته سڀ دوست ساٿ ڏيندا. ان رقم ۾ پهريون حصو ڳنڍيندي آءُ پنهنجي طرفان 2500 روپيه سنڌ سلامت لاءِ پيش ڪريان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته باقي ساٿي به پنهنجي طرفان ڪجهه نه ڪجهه حصو ڳنڍيندي سنڌ سلامت کي موڪلڻ جو واعدو ڪندا ان طرح روپيو روپيو گڏجندو ته رقم پوري ٿي ويندي.

دوست پنهنجي رقم موڪلڻ لاءِ هوئن ته ڪنهن به انتظامي رڪن کي ذاتي ڪچهري موڪلي سگهن ٿا۔ پر مهمانن ۽ پاڪستان کان ٻاهر ملڪ رهندڙ سنڌين لاءِ رقم موڪلڻ جا تفصيل هن صفحي تي موجود آهن۔

images
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سچ پچ ته دهشتگردی جی هن دور م جڈهن ملک جو امن تباه کندڑ گروه اسلام جی من پسند تشریح کری ملکی ادارن پاک فوج کی نقصان رسائی نفرتون فهیلائی رهیا آهن ان دور م هی محبتی فورم نفرتون ختم کرٹ ء محبتون ورهائٹ م بهترین کردار ادا کری رهیو آهی۔
سلام سنده سلامت۔ آء ان لاء انتظامیه سان رابطو کریان تهو ان شاء الل۔
 
ادا مهرباني جو سنگت اسان جهڙن کي هن فورم جي ترويج و ترقي جي قابل سمجهيو اسان انشاءِ الله پنهنجي وس آهر حصو ضرور ملائينداسين اوهان کي گذارش آهي ته اوهان جي پنهنجي ونڊ ۾ انتظاميه سان ڪنٽيڪٽ نمبر ايڊ ڪريو ها ته بهتر ٿي پوي ها۔
جاڏي پير تاڏي خير۔
 
ادا مهرباني جو سنگت اسان جهڙن کي هن فورم جي ترويج و ترقي جي قابل سمجهيو اسان انشاءِ الله پنهنجي وس آهر حصو ضرور ملائينداسين اوهان کي گذارش آهي ته اوهان جي پنهنجي ونڊ ۾ انتظاميه سان ڪنٽيڪٽ نمبر ايڊ ڪريو ها ته بهتر ٿي پوي ها۔
جاڏي پير تاڏي خير۔
ادا فل حال ڪو نمبر نه ٿو ڏِجي۔ ساٿين طرفان اعلان ٿيندڙ رقم جو عمل پورو ٿئي ته هڪ ئي آسان ۽ گهٽ خرچ طريقو ڳولبو ته پئسا ڪيئن پُهتا ڪَجن؟ اوهان هتي پنهنجو حصو لکي ڇڏيو ته جيئن اندازو ٿيندو وڃي ته ڪيتري رقم گڏ ٿي۔ ڇو ته هي رقم فورم جي خرچي لاءِ استعمال ٿيندي ۽ باقاعده انهيءَ جي آڊٽ رپورٽ سان وضاحت به ڏِبي پئي۔ تنهنڪري سڀني پئسن جو ذِڪر سڀني اڳيان کُليل رکبو۔
 
جنهن وقت سنڌ سلامت جو بنياد وڌو ويو هو ان وقت انٽرنيٽ تي سنڌي لکندڙ ۽ استعمال ڪندڙ گهٽ هوندا هياپر گذريل ٽن سالن ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جون سهولتون عام ٿيڻ لڳيون ڪمپيوٽر سستا ۽ سمارٽ فون اچڻ لڳا ائين ڏسندي ڏسندي شهرن ۾ ۽ ڳوٺن ۾ انٽرنيٽ عام ٿيڻ لڳي..
سنڌين کي انٽرنيٽ تي آڻڻ کين سپورٽ ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سنڌ سلامت پنهنجو ڪردار خوب نڀايو ۽ اهڙي طرح جيڪي رڪن 10 يا 15 هئا سان هزارن ۾ ٿي پيا...
هوڏانهن ٽيڪنالاجي جي روز بروز ترقي ڪري ايڃ ٽي ايم ايل ترقي ڪندي پي ايڇ پي تي آئي وري پي ايڇ پي جا ورجن به اپڊيٽ ٿيڻ لڳا.. جاوا ۽ جي ڪيوري جهڙا سڪرپٽ ويب سائيٽس ۾ شامل ٿيڻ لڳا ته برائوزر ڪمپيٽيبلٽي کي سلجهائڻ لاءِ ڪمپنين برائوزرس جا تڪڙاتڪڙا ورجن آندا ان طرح بهتر پليٽ فارم ڏسي ويب سائيٽس تي موجود سڪرپٽ ڪوڊنگ تبديل ٿيڻ ۽ وڌڻ لڳي جنهن سان ويب سائيٽس جا فيچر وڌڻ لڳا ۽ زياده تر سوشل انجڻ سان مطابقت ڪرڻ لڳا ته جيئن رڪن سوشل فرينڊلي ٿين... ايسيتائين جو ڪجهه نوان فورمز اسڪرپٽ جهڙوڪ زين فورو پڻ ميدان ۾ لهي پيو.. سندس مقابلو وي بليٽن سان هو جيڪو هڪ پروفيشنل ۽ جديد سورس هيو پر زين فورو ڊيولپرس فورمز تي ايندڙ رڪنن جي چوائيس کي ڄاڻي ورتو هو ان ڪري پنهنجي اسڪرپٽ کي جي ڪيوري ۽ جاوا بيسڊ بڻايو جنهن ۾ بهتر تبديلين سان فورمز مالڪن جو رخ پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ۾ ڪامياب ويو..
بهتر سهولتن ۽ سوشتل فرينڊلي هجڻ ڪري اهو ئي ٿيو جنهن جو نان پرافٽ فورمز کي خوف هيو.. يعني شيئرڊ هوسٽنگ تي ٽريفڪ وڌڻ لڳي جنهن سان ٽيڪنيڪل مسئلا به وڌڻ لڳا.. ۽ مختلف فورمز کي پنهنجي بقاء لاءِ شيئرڊ هوسٽنگ ڇڏي ڊيڊيڪيٽڊ يا سرور هوسٽنگ وٺڻي پئي ته جيئن ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ فورمز جو ڦيرو ڀريندڙن کي اهي سڀ سهولتون مهيا ڪجن جيڪي کين انٽرنيٽ رابطن ۽ سوشلائيزنگ لاءِ ضروري هجن..
سنڌ سلامت پڻ هڪ نان پروفيٽيبل فورم آهي. جيسين شيئرڊ هوسٽنگ تي هلي تيسين جهڙي تهڙي نموني هڙان وڙان سندس خرچ برداشت ڪيو پئي ويو پر هاڻي جڏهن نين ٽيڪنالاجين سان گڏ ساٿين کي وٺي هلڻ جو ذڪر ٿو ٿئي ته سنڌ سلامت کي سرور هوسٽنگ تي اچڻو پوندو جنهن سان سنڌ سلامت تي سالانه ٿيندڙ خرچو هڪ دم ٽيڙو يا چئوڻو ٿي ويندو.. جيڪو ڪنهن هڪ فرد جي افورڊ ڪرڻ کان گهڻو هوندو..
نون فيچرس جو ڏهاڪو سيڪڙو آزمائڻ لاءِ عارضي ڊيڊيڪيٽڊ آئي پي ٻن مهينن لاءِ خريد ڪئي وئي آهي جيڪا 18 فيبروري تي پنهنجي مدت پوري ڪندي جنهن کان پوءِ فورم واپس شيئرڊ هوسٽنگ تي ايندو جنهن مدت مئي مهيني ۾ ختم ٿيندي..
هڪ محتاط اندازي مطابق بهتر سرور جو سالانو خرچ لڳ ڀڳ 60 هزار روپيه پر هاڻي جڏهن نون فيچرس جو رڳو ڏهاڪو سيڪڙو ڪامياب آزمائش تحت ڊيڊيڪيٽڊ آئي پي تي رهندي گذاريو آهي جيڪو نسبتن سستو آهي ته پوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سنڌ سلامت لاءِ الڳ ڊيڊيڪيٽڊ آئي پي کي جاري رکيو وڃي جنهن جو خرچو گهٽ ۾ گهٽ 24000 روپيا سالانو آهي ۽ ان کانسواءِ اسڪرپٽ جي اپڊيٽ جي قيمت 4500 هزار روپيه سالانه آهي.. ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن سنڌ سلامت کي جديد فيچرس سان هلائڻو آهي ته ان تي سالانا گهٽ ۾ گهٽ 30 هزار روپيه گهربل آهن..
اميد ته دوست منهنجي هن تمهيدي جواب کي واڌو نظر سان ڏسندا ۽ سنڌ سلامت جي بقا کي برقرار رکڻ لاءِ انتظاميه جي مجبورين کي سامهون رکندا..
مٿي دوستن جي موٽ کي ڏسي خوشي ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي ته دوست سنڌيت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پرچارڪ ۾ سنڌ سلامت جي ڪردار کي بهتر انداز سان ڏسي رهيا آهن.. ۽ ان کي جاري رکڻ چاهين ٿا.. سندن ان چاهت جو دل سان قدر ڪجي ٿو..
مان پاڻ بطور سنڌي سنڌ سلامت طرفان ادا ڪيل ڪردار کي هٿي وٺڻ لاءِ مبلغ 3000 روپيا هن قومي جذبي کي ارپيان ٿو..
دوست پنهنجي رقم موڪلڻ لاءِ هوئن ته ڪنهن به انتظامي رڪن کي ذاتي ڪچهري موڪلي سگهن ٿا۔ پر مهمانن ۽ پاڪستان کان ٻاهر ملڪ رهندڙ سنڌين لاءِ رقم موڪلڻ جا تفصيل هن صفحي تي موجود آهن۔
 
ادا فل حال ڪو نمبر نه ٿو ڏِجي۔ ساٿين طرفان اعلان ٿيندڙ رقم جو عمل پورو ٿئي ته هڪ ئي آسان ۽ گهٽ خرچ طريقو ڳولبو ته پئسا ڪيئن پُهتا ڪَجن؟ اوهان هتي پنهنجو حصو لکي ڇڏيو ته جيئن اندازو ٿيندو وڃي ته ڪيتري رقم گڏ ٿي۔ ڇو ته هي رقم فورم جي خرچي لاءِ استعمال ٿيندي ۽ باقاعده انهيءَ جي آڊٽ رپورٽ سان وضاحت به ڏِبي پئي۔ تنهنڪري سڀني پئسن جو ذِڪر سڀني اڳيان کُليل رکبو۔


اسان طرفان هي 1000 جو حقير حصو قبول ڪندا ته لک لائق۔
جاڏي پير تاڏي خير۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو ۔۔۔

سنڌ سلامت جا سڀ دوست پنهنجي سر پاڻ محبتي ۽ مڻيادار دوست آهن، اهڙن دوستن هوندي سنڌ سلامت جي سلامتي عين ممڪن آهي ۔۔۔

لطيف سڳوري فرمايو ته؛
دوست سڏائي سڀ ڪو جاني زباني،
ٿئي آساني ڪم پوي ته ڪل پوي۔

مٿي جن به دوستن سنڌ سلامت جي مالي مدد ڪرڻ جي حامي ڀري آهي، انهن سڀني جا ٿورائتا ۔۔۔ اميد ته دوست پنهنجي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ پوئتي ڪون هٽندا۔

پاڻ به ضرور پنهنجي وس آهر حصو ڳنڍينداسون ۔۔۔ انتظامي رڪن هجڻ سبب اهو ڪون ٻڌائبو ته هيترو ڪي هيترو ۔۔۔ بس وقت اچڻ تي پاڻ ملهائبو۔۔۔ دوست ذيشان رشيد کي عرض آهي ته هو هڪ اهڙو ڀروسي جوڳو اڪائونٽ نمبر يا طريقه ڪار مقرر ڪري جيئن سنڌ سلامت جا دوست پنهنجو حصو پهتو ڪن ۔۔۔۔

هڪ دفعو ٻيهر سڀني دوستن کي سلام جن پنهنجي کيسي خرچيءَ مان سنڌ سلامت جي مدد جي حامي ڀري آهي۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
محترم محمد يونس ملڪاڻي، محترم رياض صاحب ۽ محترم نادم مسلم صاحب ۽ جن دوستن هن ٿريڊ ۾ جواب ڏنا انهن جي مهرباني جن پنهنجي طرفان فوري طور تعاون پيش ڪري اسان جي ساٿ کي سگهارو بنائڻ جو ثبوت پيش ڪيو آهي اميد ته سڀ دوست پنهنجو حصو شيئر ڪندا ته سنڌ ۽ سنڌيت جي آواز کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ وارو هي فورم تا دير قائم رهي سگهندو۔ جيڪي دوست پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ نٿا چاهين انهن جي خواهش جو احترام ڪندي ۽ سندن جذبن جو قدر ڪندي سندن نالي کي ظاهر نه ڪيو ويندو۔ جيڪي دوست حصو وٺڻ چاهين ٿا اهي مٿي ڄاڻايل سائين ذيشان رشيد جن جي تحرير ۾ مختلف طريقن مان جنهن طريقي کي سهل سمجهن ان طريقي سان پنهنجي خدمت جيتري قدر جلد ٿي سگهي پيش ڪن ته جيئن اپگريڊيشن جي پيچيده ڪم کي وقت سر اڪلائي سگهجي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سنڌ سلامت جي ساٿين مختلف وقتن تي سنڌ سلامت تي ڊونيشن لاءِ ڪيل عرض کي وڏي موٽ ڏني آهي جنهن ۾ هڪ دفعو ڪئنسر جي مريضه لاءِ ڪيل تعاون جي اپيل ۽ سنڌ سلامت قرآن جي تفسير پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ مدد۔
پر هن دفعي توقع کان گهٽ نتيجا مليا آهن۔ جنهن جي ڳڻتي کي سامهون رکندي ڪُجهه ساٿين کي هن تحرير ۾ ٽيگ ڪجي ٿو۔ خاص ڪري جن هن تحرير جو ڀيرو نه ڀڃيو آهي۔

بشيراحمد ، ممتاز علي وگهيو ، ممتاز قريشي
 
موضوع ڏسندڙ ساٿين مان هڪ دوست نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط سان مبلغ 5000 روپيه بطور مدد پهتا ڪيا..
سندن طرفان سنڌي ٻولي لاءِ ڪوششون ڪندڙ هن فورم جي سهڪار ڪرڻ تي لک لائق
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top