نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو 8 مارچ 2010 ع تي ٽنڊو محمد خان۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو جنهن ۾ ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان وارن هڪ عورت ميلا پڻ منعقدڪرايو هو، سنڌسلامت کي ان ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ جي خاص دعوت ڏني وئي هُئي، ان ميلي ۾ ڪافي سارا رنگا رنگي گيت ، ڊانس ۽ ٽيبلوز ڪيا ويا، جيڪي اسان محترما شبانه امتياز چيئر پرسن ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي ٿورن سان فلمبند ڪيا، في الحال هي هڪڙو رنگ توهان جي پيش خدمت آهي، توهان سان اها ڳالهه شيئر ڪندو هلان ته هن گيت جو ڳائيندڙ راڳي ٽنڊو محمد خان جو مشهور راڳي جانب علي بلاولي آهي ، ان گيت تي معصوم نياڻين نچي ٽُپي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي خالص پنهنجي پيشڪش آهي۔ هن گيت کي پنهنجي ڪئميراجي اک ۾ محفوظ ڪيو آهي سنڌ سلامت جي اعزازي ڪئميرا مين محترم عبدالغفورسمون جيڪو هوسڙي شهر کان ٽنڊو محمد خان پهتو۔
سائين رشيد سمون جن کي گُذارش آهي ته هتي ٽنڊو محمد خان ۾ يوٽيوب وارو لنڪ ڪٿي به ڪونه ٿو هلي هي گيت به ڪونه ٿو هلي پليز اهو مسئلو حل ڪيو وڃي خير سنڌ سلامت جي دوستن کي گُذارش آهي ته هن گيت تي ڊبل ڪلڪ ڪري براهه راست يوٽيوب تان ڏسي سگهو ٿا۔