مقدمو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2014۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    پراڻي وقت جي ڳالهه آهي حسن نامي تاجر هڪ جوهري وٽ هڪ برتن امانت طور رکيو جنهن ۾ ماکي ڀريل هئي. برتن جي هيٺين ۽ مٿين حصي ۾ ماکي هوئي پر وچ واري حصي ۾ هڪ جاءِ هوئي جنهن ۾ اشرفيون ڀريل هون. پر حسن جوهري کي اشرفين جي باري ۾ ڪون ٻڌايو ۽ صرف ماکي جو چئي لمبي سفر تي هليو ويو. لمبي عرصي کان بعد واپس پنهنجي امانت واپس وٺڻ ويو جوهري ان جي امانت واپس ڪري ڏني. ۽ حسن جوهري جو شُکر ادا ڪيو پنهنجي امانت وٺي جڏهن گهر آيو جڏهن هن برتن کوليو ته برتن ۾ صرف ماکي هوئي. حسن تمام پريشان ٿي ويو تڪڙ ۾ جوهري کي سڀ حقيقت ٻڌايان پر جوهري مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته تون مون وٽ صرف ماکي جو برتن رکي وئين هوئين جيڪڏهن اشرفيون هئيون ته تون مونکي ٻڌائين ها. حسن وڌيڪ پريشان ٿيو ۽ پنهنجو فيصلو کڻي ڪوٽوال وٽ ويو ڪوٽوال جوهري کي پاڻ وٽ گهرايو پر جوهري اوتي به ساڳي ڳالهه ڪئي. جوهري جي ڳالهه ته صحيح هوئي پر ڪوٽوال کي حسن به ڪوڙو ڪون نظري رهيو هو. پر هو انن جو فيصلو قاضي صاحب ڏانهن کڻي ويو پر قاضي به هنن جو فيصلو ڪون ڪري سگهيو آخرڪار ڳالهه خليفي تائين وئي پر خليفي به ڳالهه پوري ٻڌي فيصلو جوهري جي حق ۾ ڏئي ڇڏيو ته جوهري صحيح چئي رهيو آهي جيڪڏهن اشرفيو هويون ته تون ان کي آگاه ڪرين ها. حسن مايوس ٿي هليو ويو. سڀ کي خبر هوئي تي حسن سچو آهي پر هن عجيب و غريب مقدمي جو فيصلو ڏکيو هو.
    ڪجهه ڏينهن گذريا خليفو پنهنجو لباس مٽائي پنهني عادت موجب شهر جو جائزو وٺڻ لاءِ نڪتو هڪ جاءِ تي ڏسي ٻار کيڏي رهيا هئا جنهن ۾ هڪ ٻار خليفو بڻيو ويٺو هو. هڪ جوهري ته هڪ حسن. هو انهي مقدمي جي باري ۾ فيصلو ڪري رهيا هئا خليفو روڪي ڪري ٻڌي رهيو هو. حسن پنهنجو مقدمو پش ڪيو جوهري مڃڻ کان انڪار ڪيو ته خليفو بڻيل ٻار چيو ته شاهي حڪيم کي گهرايو وڃي هڪ ٻار شاهي حڪيم جي روپ ۾ آيو ته خليفو ٻڻيل ٻار چيو ماکي کي چيڪ ڪيو وڃي هي پراڻي آهي يه نئين شاهي حڪيم ماکي چکڻ کان بعد چيو هي ماکي تازاه آهي. خليفو ٻڻيل ٻار جوهري کي چيو يه ته تو حسن کي اشرفيون واپس ڪر يه وري سازا جي لاءِ تيار ٿي ڇو جو تون هن جو برتن کولي ماکي ڪڍي هوئي ۽ ان سان گڏ اشرفيون به ڪڍيون آهن.
    خليفو هي واقيو ڏسي تمام خوش ٿيو ۽ واپس درٻار ۾ اچي جوهري ۽ حسن کي گهرايو ۽ انهي طرح شاهي حڪيم کي گهرايو ۽ ماکي چکڻ لاءِ چيو شاهي حڪيم چيو ته هي ماکي تازاه آهي. جنهن تي خليفي چيو يه ته تو حسن کي اشرفيو واپس ڪر يه سازا جي لاءِ تيار ٿي ڇوجو تو ماکي سان گڏ حسن جون اشرفيون به ڪڍيون آهن.
    جوهوري تسليم ڪيو ۽ اشرفيون حسن کي واپس ڪيون ائين ٻارن جي ذهانت سان هڪ مشڪل مقدمي جو فيصلو ٿيو

    http://daharkiweb.com/ketabghar-book-kahanio-page-2.htm
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي ڪهاڻي ۔۔۔
     
  3. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    خدا ڪري اهڙا ليڊر پيدا ٿي پون جو ويس بدلائي پنهنجي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ گهران نڪرن۔
    جاڏي پير تاڏي خير۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو