السلام عليڪم يقنن توهان کي خبر هوندي ته پاڪستان ۾ ڊسمبر کان نئين سم جاري ڪرڻ جو نئون ۽ جديد طريقو متعارف ڪرايو آهي جنهن جي ذريعي نئيون سمون آنڱرينجي مدد سان جاري ڪري سگهجي ٿيون ان جي لاءِ سڀ کان پهرين آپريٽر توهان جي سي اين ائي سي کي ٽيڪسٽ ميسيج ۾ نمبر لکي 668 تي تصديق ڪري ٿو ته توهان پنهنجي سي اين آئي سي ته پهرين گهڻيو سمون استعمال ڪري رهيا آهيو جيڪڏهن 5 سمون يه ان کان وڌيڪ هونديو ته توهان جي اين آئي سي ته ٻئي ڪابه به سم جاري ڪون ٿي سگهندي پر جيڪڏهن 5 کان گهٽ هونديون ته سم جاري ٿي سگهي ٿي۔ آپريٽر توهان جو سي اين آئي سي ۽ نئي خريد ڪيل سم جو نمبر پنهنجي بايوميٽرڪ سافٽوئر ۾ لکندو ان کان پوءِ توهان هٿن جي چئين آنڱرين مان جيڪي تصوير ۾ نظر اچن پيون انن مان هڪ بايوميٽريڪ اسڪنر تي رکڻ لاءِ چوندو جنهن کان پوءِ نادرا جو آن لائين سسٽم تصديق ڪندو ته توهان جي ڊيٽا صحيح آهي ۽ سم جاري ٿي چڪي آهي
سليمان صاحب ٻئي پاسا ڪم جاري آهي۔۔ فرنچائز تي بايوميٽرڪ ۽ دوڪانن جي 789 پر جيڪا سختي پي ٽي اي (آئي ايم اِي آئي) ذريعي ڪئي آهي اها بهتر آهي ته هڪ آئي ايم اِي آئي) تي صرف پنج سمون جاري ٿي سگهنديو ٻئي صورت ۾ وڌيڪ جاري ٿيندڙ سمون جاري ٿيڻ کان بعد ڪجهه ڪلاڪن ۾ بند ٿي ويندي پر ان لاءِ ٻه نمبر ڪم ڪندڙن طريقو ڳولي ورتو آهي ماريڪٽ ۾ جيڪي چئنا کان يه لاهور 1000 رپئي موبائيل مارڪيٽ ملن پيا انن ۾ آئي آيم اِي آئي موجود ڪون آهي انن ۾ فرق ڪون ٿو پئي
ڪم ته خير ڀلو آهي. ڀلا اها بيوميٽرڪ مشين عام دُڪانن تي به هوندي يا رُڳو فرينچائز تي؟ هڪ ٻيو فائدو اهو ٿيو جو جڏهن چيڪ ڪر ته هڪ درجن سِم اسان جي نالي هونديون هُيون. بند ڪرائي ڪرائي بيزار ٿي پياسين. هاڻي اهو فائدو ٿيندو جو پنج سِمون پاڻ ئي وٺي ڇڏبيون ۽ جان ئي ڇُٽي پئي ٻين جي سِم اسان جي نالي هُجڻ کان.
تازو هڪ دوست ٻڌايو ته توهان جي نالي موبي لنڪ جون ٻه سمون آهن حالانڪ مون وٽ ته هڪ آهي ان کان علاوه ٻين نيٽ ورڪن جو سمون به منهنجي نالي آهن جيڪي مون ورتيون ئي نه آهن فرنچائيز تي بند ڪرائڻ لاء درخواست به ڏني آهي ليڪن بند ڪونه ٿيون ٿين۔