• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ذِڪر سنڌ سلامت سنڌي ايڊيٽر جي ڪُجهه ڪيز جو!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
jbdeWEdhyr5rJo.jpg
سنڌ سلامت جي تازي اپڊيٽ کان پوءِ سنڌ سلامت ايڊيٽر ۾ ڪُجهه مسئلا نظر آيا۔ جن مان ڪُجهه ته انتظاميه پاڻ مُرادو حل ڪري ڇڏيا پر اڃان به ڪُجهه آهن جيڪي موجود آهن۔ جن جي حل ڪرڻ جي درخواست آهي۔
  • ڊليٽ جو بٽڻ ڪم نه ٿو ڪري۔ ان تي اکر ڊليٽ ٿيڻ بجاءِ ”۔“ نشاني ٿي اچي۔
  • ڊيش يا وري چوجي هائفن جو نشان نه ٿو ۔ بيڪ اسپيس کان پوءِ هڪ اکر ڇڏي هائفن جي نشاني آهي۔ جنهن تي سنڌي جو اکر ”ڏ“ ايندو آهي۔ ايم بي سنڌي ۾ ته ساڄي پاسي نمبر واري خاني (يا لئپٽاپ ۾ فنڪشن ڪي سان) ۾ هائفن جي نشاني سان هائفن اچي ٿي پر هتي ايئن ناهي۔
  • ساڳي طرح سنڌي اکر ”ئ“ لاءِ اسان / جو استعمال ڪندا آهيون۔ جيڪو کاٻي پاسي واري ڪيز ۾ موجود بٽڻ سان لڳي ٿو۔ جڏهن ته ايم بي سنڌي ۾ ساڄي پاسي (يا لئپٽاپ ۾ فنڪشن ڪي سان) اهو ساڳي نشاني طور به استعمال ٿئي ٿو۔ پر هتي ايئن ناهي۔

دوست ذيشان رشيد ۽ عامرضياء چارڻ کي عرض ته غور ڪن ۽ حل ڪن۔
 
توهان ڪهڙو برائوزر استعمال ڪريو ٿا۔۔۔؟
۽ گڏ اهو به ڏسيو ته ڇا ايڊيٽر تي سنڌي لکڻ وقت ايم بي سنڌي پروگرام به فعال هوندو آهي؟
 
مون وٽ به ڊليٽ وارو مسئلو آهي جيڪو اڳ ۾ ذڪر ڪيو هو باقي ٻه ڪيز صحيح ڪم ڪن ٿيون۔ مان به فائر فاڪس استعمال ڪندو آهيان ڪنهن وقت ڪروم به استعمال ڪندو آهيان۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
نشاندهي ڪرڻ لاءِ سنگت جون مهربانيون...
  • چيڪ ڪرڻ سان خبر پئي ته فائرفاڪس ۾ رڳو هڪ مسئلو آهي ته ايڊيٽر ۾ لفظ کي مٽائڻ لاءِ جڏهن ڪيبورڊ تان ڊليٽ بٽڻ پريس ڪيو پئي ويو ته جواب ۾ هڪ ٽٻڪو ٺهي رهيو هو... ان مسئلي کي هاڻي ختم ڪيو ويو آهي...
  • جڏهن ته انگريزي اکر / ۽ - کي پريس ڪرڻ سان سنڌي جا ترتيب وارا ئ ۽ ڏ وارا اکرن لکجن ٿا.. پوءِ کڻي اهي ڪيبورڊ واري پاسي ڏانهن لکجن يا نمريڪل واري سائيڊ کان پر اهي سنڌي جي اکر ئي لکجن ٿا.. ٻين لفظن ۾ انهن ۾ ڪو مسئلو نه لڌو...
  • ان کان علاوه چيڪ ڪرڻ سان خبر پئي ته ڪنهن به موضوع جي عنوان ۾ يا ڪنهن تحرير کي ترميم ڪندي سنڌي اکر "۽  ڱ" نه لکجي رهيا هيا... جن کي پڻ درست ڪيو ويو آهي..

اميد ته ساٿين جي الجهن ختم ٿي وئي هوندي..
 
مون وٽ ساڳيو مسئلو آهي۔ ڊليٽ جو مسئلو به برقرار آهي۔
ممڪن آهي ته توهان وٽ اهو مسئلو به 64 بٽ فائرفاڪس هجڻ ڪري هجي... ;)
ڇا ڪنهن ٻئي دوست وٽ به اڃان تائين مسئلو موجود آهي...؟ گذارش آهي ته مهرباني ڪري چيڪ ڪري ڏسيندا...
 
ممڪن آهي ته توهان وٽ اهو مسئلو به 64 بٽ فائرفاڪس هجڻ ڪري هجي... ;)
ڇا ڪنهن ٻئي دوست وٽ به اڃان تائين مسئلو موجود آهي...؟ گذارش آهي ته مهرباني ڪري چيڪ ڪري ڏسيندا...

جڏهن کان اوهان کي خبر پئي ته مون وٽ 64 بٽ آهي ته هاڻي ڪُجهه به ٿئي اُن سان ڳنڍيو ٿا. اسان جي چُپ . . . .
 
جڏهن کان اوهان کي خبر پئي ته مون وٽ 64 بٽ آهي ته هاڻي ڪُجهه به ٿئي اُن سان ڳنڍيو ٿا. اسان جي چُپ . . . .
اڃا 32 بٽ تي مڪمل نه پهتا آهيون وري توهان ڏيو ٿا ڊبل ڇلانگ ته پوء سياڻو ڪانو ٻه ٽنگو ته ڦاسندو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top