منھنجو ڪمپيوٽر ھلندي ھلندي بلواسڪرين ڏئي ھڪدم ريسٽارٽ ٿي وڃي ٿو۔۔۔۔ھاڻ دوستون توھان ڪو حل ٻڌايو ان مسئلي جو۔۔۔۔۔۔ منھنجي ڪمپيوٽير ۾ ونڊوز ايڪس پي سروس پيڪ 3 ٿيل آھي۔۔۔۔
اسانجي سنڌ سلامت جي ڀاتين ۾ ڪيترائي ڊاڪٽر آهن پر لڳي ٿو ته اوهانجو ليک ڪنهن ڊاڪٽر جي نظر کان بچي ويو آهي، اسانجو عرس پريو جيڪو ڪمپيوٽر جون دريون ٺيڪ ڪندو آهي، اجهو انکي اطلاع ٿا ڪريون ته اوهانجي هن سوال جو جواب ڏئي سگهي۔ سدا سلامت رهو ۔۔۔۔
ادا فاروق جي ٻڌايل ٿريڊ ۾ تفصيل سان ان متعلق ذڪر ڪيل آهي اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو اگر ان کان بعد به مسئلو نه ٿئي ته دوست تعاون لاء حاضر آهن۔
ادا مٿي دوستن حل ٻُڌايا آهن۔ اوهان انهيءَ بليو اسڪرين جي ڳاله ٿا ڪريو ته ٺيڪ۔ پر جيڪڏهن ٻي ڪا بليو اسڪرين آهي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو اوهان جي سي ڊرائو فُل هُجي۔ سي ڊرائيو مان غير ضروري فائل ڪڍي ڇڏيو۔
نه ادا مسئلو ڪو ٻيو ٿو لڳي سي ڊرائو به خالي آھي.... بس جيئين ئي پي سي اسٽارٽ ٿئي ٿو ته ڪا به فائيل اوپين ڪرڻ سان پي سي ري اسٽارٽ ٿي وڃي ٿو....ريمس به تبديل ڪري ڏيٽي آھي پر مسئلو حل نه ٿيو........
توهان جي پي سي تي شايد وائرس جو شديد حملو آهي ان ڪري پهريان ونڊو ڪرڻ بعد ڪابه ڊرائيو يا فائيل نه کوليو نه وري بيڪ اپ مان ڪو سافٽوئير انسٽال ڪيو سي ڊي تان ايواسٽ اينٽي وائرس انسٽال ڪريو بعد ۾ پي سي اسڪين ڪرايو انشآء الله مسئلو حل ٿي ويندو.
ڇا توهان وٽ هي ايرر ٿو اچي؟ ته پو هارڊسڪ جي تار ڪڍي ٻيهر لڳايو ۽ ان سان گڌ ريم به صاف ڪري اها لڳايو.انشا الله مسئلو حل ٿي ويندو.
سائين ذاهد مگسي صاحب ... پراڻن ڪامپيوٽرن ۾ اهو مسئلو هوندو هئو ته ڪامپيوٽر ياداشت (ريم) جي غلط لڳائڻ سان يا وري ڪامپيوٽر جي اندر ڪچرو اچڻ سان به ان ۾ بجلي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ اچي ويندي هئي جنهن جي ڪري ريم يا ٻيا پرزا پنهنجو ڪم صحيح طرح سان سر انجام ڏئي نه سگهندا هئا ۽ اهڙي قسم جون بلو اسڪرينو ظاهر ٿي پونديون هيون. هن ڀيري به مونکي توهان جو مسئلو اهو هي ٿو لڳي پر پرزو ريم نه توهان جي ڪامپيوٽر جي پاور سپلائي آهي. سائين پاور سپلائي مان ڪرنٽ ايترو اچڻ گهرجي جيترو توهان جي ڪامپيوٽر جي ڪُل پرزن جي گهرج هجي. مثال جيڪڏهن توهان جي ڪامپيوٽر جي ڪل پرزن کي 450 واٽ کپن ۽ توهان وٽ جيڪڏهن 400 واٽ جي پاور سپلائي لڳل آهي ته پوءِ سائين ڪامپيوٽر جو ايرر ڏيڻ يا وري وري ٻيهر شروع (ري اسٽارٽ) ٿيڻ حق آهي. سو توهان ان جو پتو ائين لڳائي سگهو ٿا جو پنهنجي ڪامپيوٽر مان هر هڪ پرزي جي ڳڻپ ڪيو ۽ اهو اندازو ڪيو ته هارڊ ڊسڪ 50 واٽ ، فلاپي ڊرائيو 50 واٽ ، سي ڊي روم 50 واٽ ، ڪامپيوٽر مادر تختو (مڌر بورڊ) ۽ ان تي لڳل پرزا (عمل ڪار مطلب پراسيسر کان سوا ئي) 24 واٽ کڻن ٿا. سو عام طور هڪ پرزو 50 واٽ کڻي ٿو. اهڙي طرح 450 واٽ جي پاور سپلائي 5 پرزا ڪي به هلائڻ جي سگھ رکندي آهي جيڪر توهان اڃا وڌيڪ پرزا استعمال ڪيو ٿا ته پو اڃا وڏي پاور سپلائي وٺو. سائين ان کان سوا اڄ ڪالھ ڪامپيوٽر پراسيسر لا تقريبن هر پاور سپلائي ۾ الڳ سان [/IMG] [/IMG] هي ڪنيڪٽر استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو 12 والٽ جو ڪرنٽ پراسيسر کي ڏيندو آهي جيڪر اهو ڍرو هجي يا خراب هجي يا ڪامپيوٽر جي هلندي ڍرو ٿي وڃي ته ڪامپيوٽر جو پراسيسر ڪم ڪرڻ ڇڏي ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ اهڙي قسم جي بلو اسڪرين اچي ويندي آهي.... توهان هي بجلي وارو مسئلو غور سان جاچيو ته جيئن اهو مطمعين ڪري سگهو ته بجلي يا ڪنهن ڪنيڪٽر جي ڍري ٿيڻ ڪري اهو مسئلو ناهي.