ويسر وارا ماڻهو اوهان پنهنجي چوڌار گهڻا ئي ڏٺا هوندا پر سعودي عرب جي هڪ شخص سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا۔۔ سعودي عرب جي اخبار الوطن موجب رياض شهر ۾ هڪ شخص 20 سال اڳ اسڪول جي امتحانن ۾ نقل ڪرڻ کان پوءِ ڪاغذ جو ٽڪڙو (آسان لفظن ۾ ڪارتوس ) پنهنجي ڪن ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ کيس ان جي يادگيري لهي وئي۔ اسڪول کان پاس ٿي ان يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، نوڪري حاصل ڪئي، شادي ڪئي، ٻارٻچا پئدا ٿيس پر ايتري وقت ۾ کيس ان ڪاغذ بابت ڪا يادگيري نه آئي۔ ڪجهه وقت اڳ ڪن ۾ سور پوڻ تي ان ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو، ايڪسري ڪرڻ تي خبر پئي ته سندس ڪن ۾ ڪاغذ جو ٽڪرو آهي، جيڪو ننڍي آپريشن بعد ڪڍيو ويو۔ سندس چوڻ آهي ته هُن اهو ٽڪرو سنڀالي رکيو آهي ۽ ٻارن کي ڏيکاريندو ته جيئن اڳتي اهي اهڙي غلطي نه ڪن۔۔۔
ڳالهه آ يا کل ۔۔۔۔۔۔۔سعودي عرب کان موٽي اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ پنهنجي حالت لڳ ڀڳ ساڳي آهي، ڇاڪاڻ سنڌ سلامت به ان ڪاغذ جي ٽڪري جيئان ڪن ۾ رهجي وئي آهي، پر خئير هاڻ وري يادگيرين ڪم شروع ڪيو آهي ۔۔۔۔ !!!! مستن جي مستي سلامت هجي۔
شاباس هجيس ٻار ٻچا ٿي ويس مڙس تڙ ٻڙ به ناهي ڪيو هل ڙي ادا عربي تنهنجا ڪمال اسان سمهجهيو اسان وٽ ضرف هُ ( سمجهو ٿا نه ) آهن پر اهي ته عربن ۾ به آهن بس پوءِ جاڏي پير تاڏي خير۔
هاهاهاها ۔۔۔ يار ڪمال آهي ان ڪاغذ ٺاهڻ وارن جو، ايڏو سٺو ڪاغذ ٺاهيو اٿن جيڪو اڃان به محفوظ آهي، باقي پاڻ وٽ ته ڪاغذن جا به ڪم لٿل آهن۔