السلام عليڪم ساٿيو۔اميد ته سڀ خوش هوندو۔ توهان جي خدمت ۾ هڪ اهڙي ويب سائيت کڻي آهيو آهيان۔جنهن کي فوٽوشاپ نه ٿو اچي۔۽ توهان کي فوٽو مان بيڪگرائونڊ ختم ڪرڻو آهي ته پريشان نه ٿيو اڄ مان توهان کي هڪ ويب سائيٽ ٻڌائيندس جنهن سان توهان آساني سان ڪنهن به فوٽو جو بيڪگرائونڊ ختم ڪري سگهو ٿا ويب سائيٽ ڏسڻ لا ڪلڪ ڪريو
دوستو۔۔مون وٽ به هڪ سافٽ ويئر آهي۔ اهو به تقريبن ساڳئي طريقي سان ئي نهايت آساني سان ڪنهن به تصوير جو بيڪ گراؤنڊ تبديل ڪري ڇڏي ٿو۔ سڀ کان پهرين ڏسو منهنجي هي تصوير۔۔۔ هاڻ هن تصوير جو بيڪ گراؤنڊ هڪ سافٽ ويئر وسيلي تبديل ڪجي ٿو۔۔۔ مٿين سليڪشن کانپو هاڻ هن تصوير جو بيڪ گراؤنڊ غائب ٿي چڪو آهي۔۔۔ هاڻ هن تصوير ۾ پنهنجي مرضي جا بيڪ گراؤنڊ هن طرح ڏبا آهن۔۔۔ جنهن دوست کي هي سافٽ ويئر کپي اهو هيٺين لنڪ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهي ٿو۔۔ سافٽ ويئر هميشه لا رجسٽرڊ ڪرڻ لا گڏوگڏ سيريل نمبر به ڏنل آهي۔ انسٽنٽ ماسڪ پرو 2۔31 serial: OOM-MANY-PADM-EHUM
پاڻ کان ڳالهه چڙهيل آ.. سڄو ڏينهن مختلف تصويرن تي تجربا ڪرڻ کان پوء هٿيار ڦٽي ٿا ڪريون.. يا ته اسان جي وس ڳاله ڪانهي يا ته وري سافٽويئر به ٻروچڪو آهي.. سيليڪشن ڪرڻ تي يا ته تصوير جو ڪجهه حصو ڪٿان نه ڪٿان ڪٽجي ٿو وڃي يا وري بيڪ گرائونڊ جو ڪجهه رهيو ٿو وڃي.. ۽ نه ئي وري بيڪ گرائونڊ تي ڪا نئين تصوير لڳائڻ ايترو آسان آهي.. مختلف سائيِز جون تصويرون آزمايون..سڀ بيڪار.. ڪجهه ڪو نه وريو.. باقي سائين ممتاز جنهن نموني سان تصوير ونڊ ڪئي آهي، ان تي يقين نه ٿو اچي ته هن سافٽويئر جي مدد سان تيار ٿيل آهي.. ..
ادا ٻروچ ڪجهه ته ڪوشش ڪر... ممتاز وارو سافٽويئر زبردست آهي، جنهن سان مون جهڙو ڪمپيوٽر جو اڻ ڄاڻ به بيڪگرائونڊ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو پهرين تصوير بيڪگرائونڊ جي تبديلي ... ٿوري ڪوشش سان
هن سافٽ ويئر جي هڪ خوبي اها به آهي تي بيڪ گراؤنڊ جي تصوير جيڪڏهن مختلف سائيز جي آهي ته هڪ بٽڻ سان بيڪ گراؤنڊ واري تصوير ننڍي يا وڏي ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ ادا ٻروچ۔۔توهان پنهنجي تصوير جنهن جو بيڪ گراؤنڊ تبديل ڪرڻو هجي اها هتي ونڊ ڪريو۔۔ مان ڪوشش ڪريان ٿو ته ان تي توهانکي سمجهائجي۔۔۔شروع ۾ ته هر ڪم مشڪل لڳندو آهي۔