هڪ نوجوان بزرگ جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو توهان فرمائيندا آهيو بد نظر کان پرهيز ڪيو پر مون کان ائين حفاظت نه ٿي ٿئي. نوجوان آهيان ۽ بازار مان به پرداه ڇوڪريون ڏسي نظر انن جي طرف ٿي ويندي آهي مان ڇا ڪيان؟ بزرگ جواب ڏنو” مان هي راز توکي سمجهايان ٿو پهرين تون منهنجو هڪ ڪم ڪر. هي کير جو پيالو فلاڙين بزرگ کي ڏئي اچ جيڪو بازار جي ٻئي طرف رهي ٿو. پر منهنجي هڪ شرط ياد رک پيالي مان هڪ قطرو به کير جو نه ڪري مان توسان هڪ مضبوط ماڻهون ڪٺو موڪليان ٿو جيڪڏهن تو کير جو هڪ قطرو به هاريو ته هي ماڻهو توکي ان جاءِ تي ٻه پادر هڻدو. بزرگ هڪ پيالو کير جو ڀري نوجوان کي ڏنو ۽ هڪ ماڻهو به گڏ موڪلي ڇڏيو. نوجوان آرام سان بغير کير هاري پيالو بزرگ کي پهچائي ڏنو ۽ خوشي خوشي سان واپس بزرگ وٽ حاضر ٿيو ۽ چيائين حضرت مان هو پيالو پهچائي آيو آهيان مونکي نظرن جي حفاظت جو طريقو ٻڌاءِ. بزرگ پڇو کير ڪٿي هاريو ته ڪون؟ نوجوان جواب ڏنو نه. بزرگ اڇا تو ٻڌاءِ ويندي ٽائيم تو ڪيتريون شڪلون ڏٺيو؟ هڪ به ڪون. منهنجو ساريون نظرون پيالي جي طرف هون ڪٿي کير نه هارجي پوئي ڇو جو جيڪڏهن کير هارجي ها ته همراه مونکي ان جاءِ تي پادر هڻي ها ۽ منهنجي وچ بازار ۾ بهستي ٿي پوي ها. ان لاءِ منهنجو ڌيان چهرن جي طرف نه بزرگ چيو هي الله وارن جو حال هوندو آهي ڇوجو هو هر وقت دل جي پيالي تي نظر رکندا آهن ڇوجو انن کي خبر هوندي آهي جيڪڏهن پيالو چهلڪي ويو نظرن موڙي ويون ته قيامت واري ڏينهن سڀ جي سامهون بهستي ٿي ويندي. جيڪڏهن الله جو خوف ۽ قامت جو انديشو هجي ته ڪڏهن به بدنظري نه ٿيندي ( ممتاز مفتي جي ڪتاب ) تلاش مان ٽرانسليٽ ڪري توهان لاءِ هڪ پيغام