هڪ هاري پنهنجي ذميندار جي زمين تي ڪم ڪري رهيو هو ذهن ۾ خيال آيو ته ڪاش مان به مالدار هجان ها ته پنهنجي زمين خريد ڪيان ها ۽ ان ۾ فصل پوکي پنهنجي زندگي بهترين ناموني گذاريان ها سٺا سٺا گاڌا کاوان ها ۽ آرام سان گهر ۾ رهان ها. اچانڪ ڪنهن جي آواز آئي ته بادشاه سلامت زمين جي ڀر واري رستي سان اڳئين هفتي گذري رهيو آهي سڀني هارين جي لاءِ ضروري آهي ته ان جي استقبال ۽ سلام ڪرڻ جي لاءِ سڙڪ جي ٻنهي ڪناري ڪتار لڳائي بيهڻو پوندو. هاري پنهنجي دل ۾ سوچيو ته اهيو معقو آهي جيڪڏهن مان بادشاه کان ڪجهه سوني جا سڪا گهري ورتا ته بادشاه کي ڪو فرق ڪون پوندي ۽ هو خوشي سان مونکي ڏئي ڏيندو ۽ مان ٻڌو آهي ته بادشاه رحم دل آهي. انهي ڪري هاري پورو هفتو خواب ڏسندو رهيو. آخر ڪار اهو ڏينهن اچي ويو ۽ سڀ هاري الرٽ ٿي رستي جي ٻنهي طرف بيهي رهيا. هاري کي پري کان گاڏيون ايندو نظر آيون. ۽ هاري گڏين جي طرف ڊوڙڻ لڳو ۽ بادشاه سلامت کي روڪڻ لاءِ زور زور سان او بادشاه او بادشاه مونکي هڪ ڳالهه چوڻي آهي. بادشاه گاڏي کي روڪڻ جو حڪم ڏنو ۽ هاري کان پڇڻ لڳو تم ڇا چوڻ چاهي ٿو؟ هاري تمام پريشان ٿي چيو ته مونکي سوني جا سڪا گهرجن مان زمين جو ٽڪڙو خريد ڪرڻ چهيان ٿو. بادشاه کليو ۽ هاري کي چيو مان چهيان ٿو تون مونکي پنهنجي طرف کان ڪا چيز ڏئي. هاري وڌيڪ پريشان ٿيو ۽ دل ۾ چيو هن بادشاه ته حد ڪري ڇڏي. مان هن وٽ آيو هم ته مونکي ڪجهه ڏئي پر بادشاه ته الٽو مونکان گهري رهيو آهي ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ ڪپڙي مان چانورن مان داڻو ڪڊيو ۽ بادشاه کي ڏنو بادشاه ان جو شکر ادا ڪيو ۽ اڳتي هلي پيو. هاري مايوس ٿي گهر واپس موٽي آيو ۽ پنهنجي زال کي چانورن وارو ڪپڙو ڏنو ۽ چيان هي پچائي ڏئي. ٿوري دير کان بعد زال زور سان آواز ڪيو ته مونکي چاورن مان اصلي سوني جو چانور جو داڻو مليو آهي. هاري سوچيو ته ڪاش مان بادشاه کي سب چانور ڏئي ڇڏيان ها. هي مثال دنيا ۽ آخرت جي لاءِ هتي اسان جيڪو ڪجهه به الله جي راه ۾ خرچ ڪنداسين جڏهن ان جو آخرت ۾ اجر و ثواب ملندو اسان هي خواهيش ڪنداسين ته ڪاش مان سڀ ڪجهه الله تعالي جي راه ۾ ڏئي ڇڏيان ها.