سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي قومي ٻوليون آهن : بل سينيٽ ۾ پيش

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    دوستن جي هلچل ۽ تحريڪ ئي آهي جنهن سبب مادري ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ وارو معاملو ٻيهر ايوانن ۾ اٿيو آهي. ان سلسلي ۾ سينيٽ ۾ هڪ بل پيش ٿيو آهي ته سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي قومي ٻوليون آهن. وڌيڪ تفصيل ڪاوش جي اڄوڪي هن خبر ۾ پڙهو.

    اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ جي ايوان ۾ سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي زبانن کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ۽ اهڙي ترميم جي منظوري جي 15 سالن اندر انهن زبانن کي سرڪاري زبان طور ملڪ اندر استعمال ڪرڻ جا بندوبست ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل 2014ع پيش، وفاقي حڪومت بل جي حمايت ڪري ڇڏي، بل وڌيڪ غور لاءِ ڪاميٽي حوالي ٿي ويو، ڪالهه سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ اجلاس دوران اي اين پي جي پارلياماني ليڊر حاجي عديل اردو سان گڏ سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي زبانن کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل 2014ع ايوان ۾ پيش ڪيو، سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفر الحق بل جي مخالفت نه ڪئي، سينيٽ چيئرمين ان بل تي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪرڻ جي رولنگ ڏئي ڇڏي، جنهن سان اهو بل ڪاميٽي حوالي ٿي ويو آهي، حاجي عديل پاران آئين جي آرٽيڪل 251 جو عنوان ”قومي زبان“ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل آرٽيڪل ۾ پيش ڪيل ترميم تحت عنوان کي ”قومي زبانون“ ۾ تبديل ڪرڻ جي ترميم شامل ڪئي آهي، جڏهن ته حاجي عديل آئين جي آرٽيڪل 251 جي شق هڪ کي تبديل ڪري نئين شق هڪ واڌاري سان شامل ڪئي آهي، جنهن ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جون قومي زبانون اردو، پنجابي، سنڌي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي آهن ۽ هن ايڪٽ جي لاڳو ٿيڻ جي 15 سالن اندر انهن کي سرڪاري طور استعمال ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا ويندا، حاجي عديل آرٽيڪل 251 جي شق 2 ۽ شق 3 ۾ به ترميم ڪندي لفظ قومي زبان کي لفظ قومي زبانن ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي آهي، ياد رهي ته 1973ع ۾ آئين منظور ڪرڻ وقت آرٽيڪل 251 جي شق هڪ ۾ اردو کي قومي زبان قرار ڏيندي ان کي سرڪاري زبان طور استعمال ڪرڻ لاءِ 15 سالن اندر بندوبست ڪرڻ لاءِ وقت مقرر ڪيو ويو هو، جيڪا مدت 1988ع ۾ مڪمل ٿي، 1988ع کان هن وقت تائين رهندڙ حڪومتون ان شق تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهن، حاجي عديل سنڌي سوڌو 5 ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ واري لکت ۾ پيش ڪيل ترميمي ۽ بل جا مول ۽ متا پيش ڪندي چيو ته پنجابي، سنڌي، سرائيڪي، بلوچي ۽ پشتو زبانون پاڪستان جي آبادي ڳالهائي ٿي، 18هين ترميم بعد اهو ضروري آهي ته وفاقي اڪاين (صوبن) جي ٻولين کي قومي زبانن جي حيثيت ڏني وڃي، هن چيو ته مٿي ڏنل ٻولين مان ڪجهه ٻولين کي ڀارت پاران به قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي.
    ____
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    سڀني ٻولين کي اُنھن جو جائز حق ملڻ کپي
    ماءُ ڏني مٺي لولي
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    بهترين آهي جيڪڏهن ٻولي جو بل پاس ٿئي ٿو ته قادر مگسي کي چونداسين هڪ ٻيو جلسو ڪري حقن بابت ريلي ڪڍي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو