مغل اسٽيل جي تعاون سان لاڙڪاڻو بُل (موئن جي دڙي مان لڌل ڏاند گاڏي جي نسبت سان سڏرائيندڙ) هوئن ته اڳ به پاڪستان جي قومي رانديگرن تي مشتمل ٽيمن سان کيڏندي رهي آهي پر هن دفعي پهريون دفعو براهِ راست ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ فيصل بينڪ ٽي 20 ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي غير متوقع ۽ حيران ڪن ڪارڪردگي ڪري ڪافي مشهور رهي آهي۔۔
پي سي بي طرفان لاڙڪاڻي ريجن ۾ جيڪي ضلع شامل ڪيل آهن انهن ۾ لاڙڪاڻو، دادو، خيرپور، سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد شامل آهن۔۔
لاڙڪاڻو ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل رانديگر آهن:
دادو ضلعي جو زاهد محمود (ڪپتان)
ضلعي دادو جو Zahid Mahmood (ڪپتان) اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان شعيب ملڪ کي آئوٽ ڪندي
ڪراچي جو Ahsan Ali
نئين ديري جو Zafar Ali† بطور وڪيٽ ڪيپر
لاڙڪاڻي جو Ayaz Jamali
شڪار پور جو Ghulam Yasin
سکر جو Rameez Ahmed
خيرپور ميرس جو Mohammad Urs
شڪارپور جو Mohammad Siddiq
ڪراچي جو Ali Mudassar
دادو جو Imtiaz Ali Laghari
شڪارپور جو Imran Chandio
شڪارپور جو Asif Babar
حيدرآباد جو Mohammad Waqas
۽ دادو جو Ali Murtaza Joyo
پي سي بي طرفان لاڙڪاڻي ريجن ۾ جيڪي ضلع شامل ڪيل آهن انهن ۾ لاڙڪاڻو، دادو، خيرپور، سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد شامل آهن۔۔
لاڙڪاڻو ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل رانديگر آهن:
دادو ضلعي جو زاهد محمود (ڪپتان)
ضلعي دادو جو Zahid Mahmood (ڪپتان) اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان شعيب ملڪ کي آئوٽ ڪندي
ڪراچي جو Ahsan Ali
نئين ديري جو Zafar Ali† بطور وڪيٽ ڪيپر
لاڙڪاڻي جو Ayaz Jamali
شڪار پور جو Ghulam Yasin
سکر جو Rameez Ahmed
خيرپور ميرس جو Mohammad Urs
شڪارپور جو Mohammad Siddiq
ڪراچي جو Ali Mudassar
دادو جو Imtiaz Ali Laghari
شڪارپور جو Imran Chandio
شڪارپور جو Asif Babar
حيدرآباد جو Mohammad Waqas
۽ دادو جو Ali Murtaza Joyo
- لاڙڪاڻي ٽيم جو پهريون مقابلو 6 فيبروري تي ڪوئٽا سان رکيل هو پر موسم جي خرابي ڪري مقابلو ٿي نه سگهيو۔۔
- سندن ٻيو مقابلو 7 فيبروري تي سابقه چيمپيئن ۽ پاڪستاني ٽيم جي 8 رانديگرن تي مشتمل ٽيم سيالڪوٽ سان هو جنهن ۾ کين وڏي مارجن 97 رنسن تان شڪست ملي
- سندن ٽيو مقابلو حيدرآباد جي ٽيم سان ٿيو جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم جو رانديگر شرجيل خان ۽ سابقه ٽيسٽ پليئر عظيم گهمڻ پڻ کيڏي رهيو پر لاڙڪاڻي ٽيم پنهنجي آل رائونڊ ڪارڪردگي ڏيکاريندي 156 رنسن جو ٽارگيٽ آخري اوور ۾ پورو ڪري ورتو۔۔
- سندن چوٿون ۽ آخري مقابلو ڪراچي ڊالفن ٽيم سان ٿيو جنهن ۾ 8 پاڪستاني ٽيم جا رانديگر موجود هئا پر دادو جي امتياز لغاري پنهنجي بالنگ جو جادو هلائيندي 4 اوورز ۾ 4 رانديگر آئوٽ ڪيا ۽ ڪراچي جو اسڪور رڳو 94 تائين محدود ڪري ڇڏيو۔۔ جنهن کان پوءِ احسن علي جي ففٽي جي مدد سان ٽارگٽ رڳو 13 اوورز ۾ صرف هڪ وڪيٽ وڃائي حاصل ڪيو۔۔
- سندن ان ڪارڪردگي کين پوائينٽس ٽيبل تي سيالڪوٽ کان پوءِ ٻئي نمبر تي پهچائي ڇڏيو۔۔۔ ۽ ڪوائٽر فائينل ۾ پهچڻ جي ويجهو به۔۔ پر گروپ جي آخري ميچ ۾ ڪراچي ڊالف سيالڪوٽ جهڙي مضبوط ٽيم کان ميچ کٽي پوزيشن مضبوط بڻائي ۽ بس هڪ پوائينٽ جي گهٽتائي ڪري لاڙڪاڻي جي ٽيم اڳتي نه وڌي سگهي۔۔۔ ان باوجود ڪرڪيٽ جا پنڊت سندن گر ڳائيندا رهيا۔۔
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: