• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڊ جي گهٽتائي، ”جنڪ فوڊ“ طرف مائل ڪري ٿي

راشد سومرو

سينيئر رڪن
سائنس ۽ صحت

ننڊ جي گهٽتائي، ”جنڪ فوڊ“ طرف مائل ڪري ٿي
ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڊ پوري نه ڪرڻ سان انسان کائڻ طرف مائل ٿي ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ ان جي وزن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. ان نئين تحقيق موجب انساني ذهن لا 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڪلاڪن جي ننڊ ضروري آهي نه ته دماغ پنهنجو ڪم ٺيڪ طريقي سان نه ڪري سگهندو.

يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي تحقيقدانن موجب جيڪڏهن انسان گهٽ ننڊ ڪري ٿو ته ان جي دماغ ۾ موجود فيصلي واري قوت جي جيوگهرڙن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انساني دماغ جا اهي جيوگهرڙا وڌيڪ فعال ٿي ويندا آهن جيڪي خواهشن تي ڪنٽرول ڪندا آهن.

23 نوجوانن تي ٻڌل ان تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته جن نوجوانن ۾ ننڊ جي گهٽتائي ڏٺي وئي اهي ”جنڪ فوڊ“ يعني غذائيت کانسوا خوراڪ کائڻ طرف مائل ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجي ان خواهش تي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهن. جڏهن ته جنڪ فوڊ کائڻ جو نتيجو وڌيڪ وزن جي صورت ۾ سامهون آيو.

ميٿيو واڪر ان تحقيق جي سربراهي ڪري رهيو هو ۽ نفسيات ۽ نيورو سائنس جو پروفيسر آهي سندس چوڻ آهي ته ان تحقيق سان اها ڄاڻڻ ۾ مدد ملي ته جيڪي ماڻهو گهٽ سمهن ٿا، انهن جو وزن ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڇو هوندو آهي؟ ٻئي طرف پروفيسر ميٿيو واڪر جو اهو به چوڻ هو ته ان تحقيق سان اهو به معلوم ٿيو ته جيڪي ماڻهو ننڊ پوري ڪن ٿا اهي بهتر ۽ صحتمند غذائن طرف مائل ٿيندا آهن، جنهن سان اهي صحتمند ۽ چست رهن ٿا.
 
مهرباني ادا۔ واقعي ڪراچي ۾ هن مرض جو گهڻو رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو ته ان ننڊ ڪرڻ واري عادت کي فيشن سمجهن ٿا، جيڪڏهن اوهان انهن کان پڇندئو ته ايڏي دير سان ڇو ٿا سمهو يا ننڊ گهٽ ڇا ٿا ڪريو ته اوهان کي انهن وٽان جواب ملندو”ڇو اسان ڪو ٻهراڙي جا آهيون ڇا جو جلدي سمهون يا گهڻي ننڊ ڪريون؟“ يا وري هي جواب ملندو ته ” اسان جي عادت نه آهي جلدي سمهڻ جي“۔۔۔۔ خير، هر ڪنهن سان الڳ مسئلو هوندو پر اڪثر ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته اڄڪلهه جا ماڻهو ننڊ گهرڻ يا دير سان سمهڻ کي فيشن سمجهن ٿا، جڏهن ته ائين بلڪل نه آهي۔
 
ادا توهان جي ڳالهه ۾ وزن آهي ان جو پريٽيڪل هتي ڪراچيء ۾ ڏٺو ويو آهي

بهترين موضوع

اهو پريڪٽيڪل ٻن دوستن تي به ٿي چڪو آهي جيڪي کاڌي لاء ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. اهي ننڊ بلڪل گهٽ ڪن جو رات جو ويهي سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ هلائن.
 
اهو پريڪٽيڪل ٻن دوستن تي به ٿي چڪو آهي جيڪي کاڌي لاء ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. اهي ننڊ بلڪل گهٽ ڪن جو رات جو ويهي سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ هلائن.
ها ادا توهان جي ڳالهه دل سان لڳي پر ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن جو انهن کي ڪا دعوت نه ملي آهي
 
Back
Top