• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ 71 سيڪڙو شاگردن کي لکڻ پڙهڻ نه ٿو اچي

سلطان

سينيئر رڪن
فخر ڪجي يا شرمندگي جو اظهار ڪجي ..هن خبر تي ڇا چئجي، ڪهڙو تبصرو ڪجي..

ed.jpg


تفصيل
 
اها واقعي حقيقت آهي ته تعليمي معيار ڏينهون ڏينهن پوئتي وڃي رهيو آهي ليڪن ان جي لاء فقط دانهون ڪرڻ سان ڪم نه هلندو ان جو ڪو حل به پيش ڪيو وڃي اسان جي شهر ۾ هڪ ٽيم مقرر ٿي ليڪن اسان جي اسڪول ۾ ته اڃا تائين نه پهتي ان ٽيم ۾ هڪ ٻه ايس ڊي او جي ماڻهو آهن جو ائين ٽيم کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙو اسڪول ڪٿي آهي اهي اڳ ئي فون تي اطلاع ڏيو ڇڏين ته اڄ توهان وٽ تياري آهي ته استاد صاحبان اڳ ۾ ئي هوشيار ٿيو وڃن اهو آهي اسان وٽ سڌاري جي ڪوشش ۽ ان کي اڳ ۾ ئي ناڪام ڪرڻ جي ڀرپور جدوجهد. ڪافي دوست ويچارا دانهون به ڪن ٿا ليڪن انهن جي اختيار ۾ ڪجهه ڪونهي هاڻي معاملو سڌري ڪيئن.
 
حقيقت آهي لکڻ ۾ اسان کان به تمام غلطيون ٿي وينديون آهن تڪڙ ۽ لکيل لفظن کي دوباراه نه پڙهڻ جي ڪري ڪجهه غلطيون رهجي وڃن ٿيون جيڪي حقيقت ۾ اسان کي صحيح نظر اينديون آهن پر ڃاڻو ۽ اسان کان وڌيڪ سمجهه واري کي اها غلطي نظر ايندي آهي. ان ڪري اسان جي آئي ٽي ٽيم جيڪا انٽرنيٽ تي سنڌي کي بهترين ناموني معتارف ڪرائي رهي آهي انن کي چُڪن واري سليٽ متعارف ڪرائڻ گهرجي جنهن جي ذريعي ڪجهه ڏکين لفظن کي سڌو ڪري پيش ڪري سگهجي
 
اها صورتحال اسان کي تباهي طرف وٺي ويندي .... حڪومت کي تعليم طرف جنگي بنيادن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، سنڌ فيسٽيول وانگر تعليمي فيسٽيول ۽ تعليم جي بهتري لاء جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو ويو ته پوء اسان سنڌي پوئتي رهجي وينداسين. پر افسوس جو اهڙي سروي رپورٽس تي اسان جي وزيرن ۽ سياسي اڳواڻن جو ڌيان ئي نه ٿو وڃي.
 
Back
Top