نفرتن جي ميدان ۾ آ امن جي ڳوله، زندگيون ئي باھ ۾ جلنديون ڏٺم مولا، مظلوم جي رت جون آهن عرش ڏانهن دانهون، ايندو ڪو مسيحو هُيون واٽن ڏانهن نگاهون، انتها هئي ظلم جي رستن تي لاشن جون قطارون، سڄڻ چوان مان ڪنهن کي، ڪنهن نه ٻڌيون تنوارون، ڪالھ جي هئا لوٽيرا سي بڻيا تخت نَشين، گلشن بڻاين دوزخ شاهد هيءَ سرزمين، ايمان کان مٿانهان ٿيا ڪاغذ جا ٽُڪڙا، وڪڻي ضمير پنهنجا ”عدنان“ لڪائن رڱيل هٿڙا، هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پهريل اٿن لغام، واڳون ڪنهن جي هٿ ۾ ڪنهن جا آهن غلام.