هڪڙو هو سيد ۽ هڪڙي هئي سنڌ۔۔ اعجاز منگي۔۔ چونڊ. عليم سومرو ڪاوش 26 اپريل 1995 بروز اربع۔۔ بڊي جي ڪنهن ڪوسيء رات ۾ جڏهن آسمان جي ستارن ۽ ڌرتيء جي ٻارن کي ننڊ نه ايندي ۽ رات جو پهر شهر مٿان ڪنهن ڪونج وانگر پر ڦهلائيندو ۽ ٻار کير ڪٽوري جهڙي ڪهاڻي لئه ضد ڪندا،تڏهن ڪائي سنڌي ماء پنهنجي ننڍڙي پُٽ کي،20 هين صديء واريء محبت جي لازوال ڪهاڻي ٻُڌائيندي۔۽ اُن ڪهاڻي جو عنوان به اهو ٿي سگهي ٿو۔۔هڪڙو هو سيد ۽ هڪڙي هئي سنڌ۔۔۔۽ اهو چوندي اها لکي پڙهي سنڌي ماء ماٺ ٿي ويندي، ۽ سندس پُٽ پنهنجي ننڍي هٿ سان سندس ٻانهن لوڏيندي چوندو ته پوء امي پوء ڇا ٿيو؟؟؟ پوء هن ڪلجڳ جي ڪاپڙي جي عشق جو عجيب داستان سفيد ململ جي ٿانء وانگر کلڻ لڳندو۔۽ جيئن جيئن پيار جي هيء ڪهاڻي هلڻ لڳندي تيئن تيئن هير چانڊوڪيء ۾ چمڪندڙ وڻن جي پنن کي لوڏڻ لڳندي۔ ۽ اهو معصوم ٻار ته ننڊ جي هنج ۾ ماٺ ڪري سمهي پوندو،پر هن جي مُک تي اها ڪهاڻي مٺي جي اڻ لکي نشان وانگر رهجي ويندي،ڪهاڻي جنهن جو عنوان هوندو هڪڙو هو سيد ۽ هڪڙي هئي سنڌ۔۔ سيد جنهن پنهنجي پوري زندگي ان قوم لئه ارپي ڇڏي جنهن کي هن پنهنجي آخري انٽرويو ۾ هڪ معشوق جهڙي ڦرڻي گهرڻي قوم سڏيو هو۔۔ جڏهن مون کانئس پُڇيو توهان کي سنڌي قوم جي ڪهڙي ادا وڻندي آهي؟؟؟ ته هن جواب ۾ چيو هو ته اها ئي ته سنڌي قوم معشوق وانگر ڦرڻِي گهرڻي آهي۔۔ هن اها ڳالهه جيتري معصوم مُسڪراهٽ سان ڪئي هئي سا ڳالهه پني تي لکيل اڌ مئل لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهجي،ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن فقط هڪ مُسڪراهٽ اهو ڪجهه چئي ويندي آهي جو انجو بيان ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ڪرڻ به ممڪن نه هوندو آهي،سيد جي پريم ڪهاڻي به لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏُکي آهي،ان ڪهاڻي کي بيان ڪرڻ لئه هڪ ماء جهڙي معصوم دل جي ضرورت آهي،هڪ اهڙي معصوم دل جيڪا پيار جي احساس هٿان يرغمال ٿيل هجي،پوء اهو پيار ڪنهن سان به هجي اهو فرق نه ٿو پئي،ان ڪري ان پريم ڪهاڻي کي سڀ کان بهتر نموني هڪ محبت ڀري دل ئي بيان ڪري سگهي ٿي،،ڪهاڻي جنهن جو عنوان آهي هڪڙو هو سيد ۽ هڪڙي هئي سنڌ۔۔۔چون ٿا اها سرزمين جنهن کي صدين کان وٺي سنڌ جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو،تنهن سرزمين مٿان هزارين سال اڳي نيرو سمنڊ ڇوليون هڻندو هو،اها ڌرتي جنهن جي مٿان اڄ انساني حقن جي سخت ترين لتاڙ ٿي رهي آهي،تنهن ڌرتي جي مٿاڇري تي پاڻي جون لهرون هيون ۽ انهن لهرن ۾ آوارهه ۽ رولاڪ مڇيون چڪر هڻنديون هيون،سمنڊ هيٺيان اها سنڌ ڄڻ ته تاريخ جي ڪُک ۾ انهي احساس سميت سمايل هئي ته ڪڏهن فطرت سمنڊ کي پٺتي موٽڻ جو حڪم ڏيندي ۽ سنڌ آلي آلي ڌرتي سج کي منٿ ڪندي ته هو پنهنجي ڪوسن ڪرڻن جا تير وسائي،جيئن اروشي وانگر سمنڊ مان نڪري ايندڙ ڌرتي پنهنجا آلا وار سڪائي وٺي،۽ پوء ايئن ئي ٿيو سمنڊ پٺتي موٽيو سنڌ اڳيان آئي ۽ سنڌ جي تاريخ جو بحري باب پورو ٿيو ۽ بري باب شروع ٿيو۔۔۔ ان ڏينهن کان وٺي ڪيترن ئي انسانن جي ڀونرن جهِڙين دلين سنڌ کي وقت جي واهڙ ۾ لڏندڙ ڪنول وانگر پيار ڪيو ايستائين پيار ڪيو جيستائين سمئه جي سورج مکي تي شام جا پاڇا نه لڙيا ۽ اهي ڀونر اکين جهڙي ٻوٽجندڙ سورج مکين ۾ ٻوساٽجي ختم نه ٿي ويا۔۔ تيستائين انهن جي پيار جي ڪهاڻي هن دنيا جي خصيص عقل تي هڪ زبردست چوٽ ڪندي رهي خراب نيتن جي خريدار عقل مٿان ڀرپور حملا ڪندڙ محبت جي ڪهاڻين ۾ هڪڙي ڪهاڻي سيد جي به آهي۔۔ سيد جنهن کي سنڌ پنهنجي ننڍڙي ڳوٺڙي سن ۾ نظر آئي،۽ ان وقت سنڌو جي لهرن مٿان شفق جوڳي جي گيڙو پوشاڪ پائي همه اوست جي ازلي ڌُن تي رقص ڪري رهيو هو ۽ پوري سرشٽي مٿان سڀ هڪ آهي واري ڪيفيت ڇانيل هئي جڏهن آسمان جي اکين ۾ شام جي پهريئين ستاري وارو ڳوڙهو پڌرو ٿيو ۽ پکين واهيري ڏي ورڻ واري لات پکيڙي تڏهن انهن لهرن مان اڇو ڪڙتو پاتل وار کليل سنڌ پرگهٽ ٿي ۽ راڻي جهڙو ماڻهو موهجي ويو۔ ڪيترا سال پوء ان ماڻهو جڏهن جيڪب آباد جي شاعر عبدالڪريم گدائي جي اها وائي ٻڌي هئي ته۔۔۔ سادي سفيد ۾ ٿي انداز ساڻ آيو فتنا اُٿي کڙا ٿيا تڪرار جي نموني۔۔ ته هن جي دل جي گئلري ۾ اها تصوير سمورين تصويرن مٿان اوور ليپ ڪري وئي جيڪا تصوير هن پنهنجي ڳوٺ۾ درياء جي ڪناري هڪ شام جو ڏٺي هئي ۽ سيد جنهن سفيد ڪپڙو پاتل حسين نار کان پڇيو هو ته تون ڪير آهين؟؟؟ ۽ هن چانڊوڪي جهڙي مسڪراهٽ سان چيو هو ته آئون سنڌ آهيان۔۔سنڌ ۽ سيد جي اها پهرين ملاقات هئي۔۔ان ملاقات ۾ سنڌ سيد کي چيو هو ته مان تنهنجي لئه سمنڊ جهاڳي نڪتي آهيان ۽ سيد کيس جواب ڏنو هو ته مان به تنهنجي لئه آڪاش تان اڏامي آيو آهيان پوء جڳ وارن کي اهو ننڍڙو ٻار نظر آيو جنهن کاڌي جا ڪپڙا پائي پهريون ڀيرو پنهنجي وطن واسين سان مخاطب ٿيڻ چاهيو ته هن جو قد ڊائيس کان ننڍو ٿي پيو جنهن سبب ماڻهن کي ڪرسي آڻڻي پئي ۽ ان ڪرسي تي بيهي سيد پهريون ڀيرو سنڌ سان پنهنجي عشق جو اعلان ڪيو جنهن عشق جو بيان لطيف سر مارئي ۾ انتهائي واضع نموني ڪيو آهي،۔۔ ۽ پوء اها محبت سياسيت جي خاردار راهن تي اگهاڙن پيرن هلڻ لڳي ۽ عشق جو اهو داستان ڌرتي جي مٿان لهو سان لکيل لفظن ۾ رقم ٿيڻ لڳواهو داستان جنهن جي ابتدا سن جي هڪ شام مان ٿي هئي جنهن جي انتها سمنڊ ڪناري وسيل شهر جي اسپتال ۾ رات جي پويئين پهر ٿي پر انهن ٻن پهرن جي وچ ۾ هڪ عمر آهي 92 سالن تائين ڦهليل هڪ عمر،هڪ عمر جنهن جي جيء ۾ ندامت جي داغ کانسواء سڀ داغ لڳل آهن، هڪ عمر جيڪا عشق جي ساز تي لوڪ لڄا کان بلند ٿي نچندي رهي اهڙي ناچ کي جنهن به ڌٺو سو ان محبت جو اهڙو اسير ٿيو جيئن فيض فرمايو۔۔ وه تو وه هئ تجهي هو جائيگي مجه سي الفت تم اک نظر ميرا محبوب نظر تو ديکهو۔ سيد ۽ سنڌ جي پريم ڪهاڻي هر سچي پريمي ڪهاڻي وانگر امڪانن،انديشن،سودائن،وسوسن۽ وهمن جي وات ۾ پيل ڪهاڻي ونگر هلندي رهي پنجابي زبان جو اهو لوڪ گيت پيار جي ڪيڏي وڏي ۽ ڪيڏي سادي تشريح آهي۔۔ چنا کٿي گذاريئي رات وي ميرا دل دليلان دي وات وي يا جيئن ڀٽ ڌڻي فرمايو آهي۔ اندر آندريون جيئن سي وانجهيء لٺ ۾ مون من تيتريون، ته ڪيئن ملبو سڄڻين۔۔ اهڙي طرح هڪ ڀيرو ڏئي پاڻ کان جدا ڪري ويندڙ سنڌ سان ٻيهر ملاقات لئه سيد سياست جي ڪاڪ محل ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ ناتر جهڙا ڪردار هميشه کيس ڀٽڪائيندا رهيا ۽ سندس فراق ۾ فنا ٿي ويل دل کي وڌيڪ ستائيندا رهيا اهو ئي سبب هو جو سيد کي سندس سياسي رفيقن اڪثر روئندو ڏٺو هو ٿوري ڳالهه تي ڳوٺ جي ڇوري ڇني وانگر روئي پوندو هو هن کي روئارڻ جي لئه ڪنهن وڏي سانگ جي ضرورت نه هئي لطيف جي هڪ سٽ يا حافظ جو هڪ شعر ڪافي هو ڪنهن جا بي وفائي يا ڪنهن جي ڪردار جي ڪچائي هن جي رابيل جهڙين اکين ۾ شبنم آڻڻ لئه کوڙ هئي،ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهن صوفي فقير جا لفظ سيد کي ايئن نپوڙي وجهندا هئا جيئن ڌوٻي گهاٽ تي سگهاريون ٻانهون آلا لٽا نپوڙينديون آهن سيد جڏهن ٻڌندو هو۔۔ تنهنجي محبت وڌو آمامري نه ته ڪير ڪشالا ڪڍي۔۔ يا جڏهن کيس حمل جون هي سٽون سار مٿان تري اينديون هيون ته۔۔ ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ پيا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون نه ته ڪير ڪاڻ ڪير اسين ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ اسين پاڻ اتامرا ڪڍون نه ڪنهن جي ڪاڻ پرحمل هڪڙي ساجن ڪاڻ،پيا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون۔۔ اهو سهڻو ساجن اها سنڌ جنهن لئه سيد ڪانگريس کان وٺي مسلم ليگ تائين ۽ مسلم ليگ کان وٺي جيئي سنڌ تحريڪ تائين سياست جا سوين گهٽ ۽ گهيڙ ڏٺا،۽ الاهي سارن ڏکين تجربن کان آشنا ٿيو،ان سنڌ سان سندس رشتو لطيف جي ان بيت وانگر جڙيو رهيو جيڪو بيت جيئي سنڌ وارن پويئين پوسٽر ۾ لکيو هو،جنهن پوسٽر ۾ سيد کي منهن تي آڪسيجن ماسڪ لڳل هو،۽ هو جناح اسپتال جي آء سي يو ۾ زندگي جا پويان ۽ آخري پساهه کڻي رهيو هو،اهو بيت جنهن ۾ وفا جي راهه تي هلڻ جا سمورارستا بيان ڪيل هئا، جنهن ۾ پيرن کي چيل هو ته اگر توهان ساٿ نه ڏنو ته مان هٿن سان هلندس،جي هٿن به ساٿ ڇڏيو تن مان ٺونٺين تي هلندس،پوء چيلهه ڀر چرندس،جيڪڏهن چيلهه به منهنجي وفا جو بار برداشت نه ڪري سگهي ته پوء اکين سان ايندس جڏهن منهنجون اليون به اجهامي ويون ته روحاني رڙهندس،سيد جو پويون مهينو ڄڻ ته پيار جي راهه تي روحاني سفر هو،هن جي سمورن عضون آهستي آهستي هلڻ کان انڪار ڪيو،آخر ۾ روح جي هڪ لهر جيڪا سيد کي سنڌ سان محبت واري سفر تي ڇڪي رهي هئي،۽ جڏهن سفر جو آخري سهارو اهو روحاني سڳو به ٽٽي پيو ٽه پوء سنڌ پنهنجن سمورن جلون سان چوڏهين جي تجلا ڏيندڙ چنڊ وانگر سيد کي وڪوڙي وئي،۽ ڊاڪٽرن پنهنجا طبي آلا هن جي جهريل جسم کان الڳ ڪيا،اهڙي طرح چئن نسلن تائين ڦهليل جدائي جو اهو رستو پورو ٿيو،سنڌ پنهنجي عاشق کي پنهنجي ٻانهن ۾ ايتري ڌيان ۽ ايتري احتياط سان سنڀالي ورتو،جيئن ننڊ پيل ٻارن کي سندن مائون احتياط ۽ آرام سان ايئن کڻنديون آهن ته جيئن انهن جي ننڊ نه ڦٽي۔۔ سچ پچ ته سيد سنڌ جي عشق ۾ ڏاڍا اوڄاڳا ڏٺا هئا۔ هو ڪيترو نه جاڳيو هو سياست جي جهنم ۾ هن ڪيتري نه تڪليف ڏٺي هئي،جڏهن مون کانئس پڇيو ته هڪ صوفي جهڙي دل رکندي سياست ۾ توهان جو وقت ڪيئن گذريو؟؟؟ته سيد ٿڌو ساهه کڻي چيو ڏاڍو ڏکيو۔۽ ڏاڍو ڏکيو وارا لفظ انهيء احساس جو ايترو بيان نه هئا جيترو اظهار ان ٿڌي ساهه ڪيو هو،سيد جنهن سنڌ جي مومل جي لئه سياست جي ڪاڪ محل جو دروازو کڙڪايو،۽ تصوف جي دنيا جي هن منصور جهڙي مڙس کي سياسي چالاڪيون ميڪاولي بنائي نه سگهيون،اهڙي طرح سياسيت جو خامين وارو پاسو سيد جي اڏول ڪردار هٿان شڪست کائي ويو،۽ سيد بنا ڪنهن دعوا جي هڪ مثال ڇڏي ويو،ته سياست ايئن به ڪبي آهي جيئن لطيف جو هڪ بيت آهي۔۔ مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾ اُڀا ايئن چون،متان پانڌ پسائين۔۔ اها وڏي آزمائش آهي ته ماڻهو کي ميري پاڻي ۾ اڇلايو وڃي ۽ هو پنهنجو پانڌ آلو نه ڪري سچ پچ به ته سيد پنهنجو سفيد پانڌ نه ميرو ڪيو ۽ نه وري اهو پانڌ ميري پاڻي ۾ آلو ٿيو،جيڪڏهن هن جي ڀڳل گريبان تي ڪنهن اعتراض ڪيو ته ان کي فيض ئي جواب ڏئي ڇڏيو ته۔۔۔ تر دامني پي شيخ هماري نه جايو دامن نچوڙ لين تو فرشتي وضو کرين۔ جيئن ته اهو رشتو سياسي نه پر روحاني محبت جو هو،ان ڪري ان جو آغاز ۽ انجام ڪاميابين ۽ ناڪاميابين وارن لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي،ڇو ته عشق واري دل دنيا وارن حسابن تي ناهي هلندي،ان جاحساب ڪتاب پنهنجا آهن،سيد جنهن پنهنجي آخري ايذاء مٿان جمن دربدر جي اها مرهم رکي هئي ته۔۔ وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو ختم اونداهه ٿي ويندي چٽيء چانڊاڻ ۾ ملبو۔۔ تنهن سيد سنڌ سان پنهنجي ملاقات جي ڪا آخري تاريخ ڪونه لکي هئي سنڌ ۽ سيد جو واعدو هو ته پاڻ سنڌو ديش واري موڙ تي ملنداسين۔۔۽ جڏهن سسئي جهڙو سيد ان موڙ تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي جهري پيو،تڏهن پنهون جهڙي سنڌ پاڻ پنڌ پئي،۽ هن ساڻي ٿيل سيد کي پنهنجي ٻانهن ۾ سمائي ورتو،اهڙي طرح 20هين صديء جي آخري ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي شهر اوڪلوهاما ۾ ٿيل ڌماڪي کان پوء سنڌ ۾ هڪ عظيم پريم ڪهاڻي پنهنجي فطري انجام تائين پهتي ۽ فيض جا لفظ مثالي معنا جي سلسلي ۾ سوڀارا ٿيا۔۔۔ گر بازي عشق کي بازي هئي جو چاهو لگالو ڊر کيسا؟ جو جيت گئي تو کيا کهنا هاري تو بازي مات نهين۔ کب هاٿهه ۾ تيرا هاٿهه نهين کب ياد ۾ تيرا ساٿهه نهين سو شُکر کي اپني راتون مين اب هجر کي کوئي رات نهين۔۔۔
ساري شــهر وســايا پٿر ، جن ســــان چڪنا چور هُيو، پوءِ به هُن ٿي نعرا ماريا ، مُڙس ته ڪو منصور هُيو ! وستيءَ وستيءَ، نگريءَ نگريءَ، گيت سان جي گُونج ڪئي، چانڊوڪيءَ ۾ چَنگُ وڳو ٿي، رات پرينءَ جو پُور هُيو. ڪالھ وفا جي ويراني ۾ ڪهڙي هرڻي اُڄ مُئي !، سِج ازل جي اک لڳو ٿي ، اُن ۾ ايڏو نُور هُيو !. دريا دريا هُن جو مَن هو ، صـحرا صحرا نيڻ هُيا، پَل جو پانڌيئڙو آيو هو ، وڃڻو هُن کي دُور هُيو. ڏينهن تَتي جو آيو آهين ، اڳ ۾ آئين ڇو نه ” اياز “ ، ڇپري ڇَپري ڇانوَ هُئيم جنهن وقت نِمنُ ۾ ٻُور هُيو