اياز جاني محبت تون ڪٿي آهين؟

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
محبت تون ڪٿي آهين؟

اياز جاني


محبت تون ڪٿي آهين؟
ڀلا خوش رهه جتي آهين !

ڪراچيءَ ۾ ته دهشت آ،
اتي ترسڻ نه ٿي چاهين ..
ڀلا خوش رهه جتي آهين !

وڃي نڪران ٿو نئين ديري،
اتي پيرا پئي ڊاهين ..
ڀلا خوش رهه جتي آهين !

ڏسان ٿو لاڙڪاڻي ۾،
اتي ترسڻ نه ٿي چاهين ..
ڀلا خوش رهه جتي آهين !

خبر ڪجهه خيرپور جي آ،
چوي ٿي دل اتي ناهين ..
ڀلا خوش رهه جتي آهين !

ڏٺو مون اوچتو من ۾،
اتي سڀ ٿَڪ ٿي لاهين ..
ڀلا خوش رهه جتي آهين !

1000967_816031941746142_471581003_n.jpg
 
Back
Top