ساري دنيا جا سنڌي دوستو جيئي سنڌ محبتي ساٿيو، ڪالهه ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ ڪينجهر پروڊڪشن پاران سندن آڊيو ڪيسٽ ”مٺيون ڳالهيون“ جي مهورت ٿي ان ۾ شرڪت جي دعوت اسان کي به هُئي، جيئن ته ان مهورت واري تقريب ۾ محفل موسيقي به ٿي، ان ڪيسٽ ۾ ڳايل ڪجهه گيت ٻن نئين سنڌي فنڪارائن بختاور ۽ صوبيه پڻ ڳايا هُئا، اسان به پنهنجي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت لاءِ ڪجهه گيت فلمبند ڪيا، انهن گيتن مان في الحال هڪڙو گيت” جيئي منهنجي سنڌ، جيئي منهنجي سنڌي ٻولي“ توهان سان شيئر پيو ڪريان، دوستو مونکي خبر آهي ته عبدالغفور سمون جي هينڊي ڪئم جي وڊيو جي معاملي ۾ ايتري رزلٽ پُختي ۽ پڪي ڪونه هوندي پر ان هوندي به سنڌ سلامت جي اڱڻ لاءِ ۽ دوستن لاءِ دل ۾ هنڊائڻ جهڙي ضرور هوندي۔ پيش آهي بختاور ۽ صوبيه جو ڳايل گيت جيئي منهنجي سنڌ سنڌ سلامت وڊيو جي خالص پنهنجي پيش ڪش۔ هن گيت کي فلمبند ڪرڻ جو تمام تر سهرو ادا عبدالغفور سمون جي سر تي آهي۔ آئون ٿورائتو آهيان ڪينجهر پروڊڪشن وارن جو جن هن گيت جي فلمبندي ڪرائڻ ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم سان تمام گهڻو تعاون ڪرڻ فرمايو۔
جواب: آڊيو ڪيسٽ مٺيون ڳالهيون جي مهورت ۽ گيت جيئي منهنجي سنڌ بلڪل ادا عاشق سائين نثار جن پاڻ به تمام بهترين شاعر آهن