• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻولي جي فائل جي هڪڙي فارميٽ مان ٻي ۾ تبديلي

محمد بخش لغاري

سينيئر رڪن
سنڌي جو PDF ۾ ڪو به ڊاڪيومينٽ ته صحيح نّظر اچي ٿو.... مگر ساۡڳئي ڊاڪيومينٽ کي جڏهن آفس 2013 جي MS WORD ۾ کوليون ٿا ته هي مسئلو اچي ٿو..... مهرباني ڪري ڪو حل ٻڌائيندا..
سنڌي جو PDF ۾ فائل
Sindhi+in+Pdf.JPG

سنڌي جو آفس 2013 جي MS WORD ۾ ڏيک
Sindhi+in+word.JPG
 
اها بدقسمتي چئجي جو اڃان تائين ڪو به اهڙو سافٽويئر جڙي نه سگهيو آهي جيڪو يونيڪوڊ بيسڊ لينگويجز جهڙوڪ عربي، اردو، فارسي يا سنڌي کي درست رڪوگنيشن تحت تبديليون آڻي سگهجي اهو ئي سبب آهي جو انگريزي ٽيڪيسٽ کي چاهي اهو اخبارون اسڪين ڪري يا پي ڊي ايف مان ورڊ ۾ ڪنورٽ ڪري درست طور حاصل ڪري سگهجي ٿو .. جڏهن ته سنڌي، عربي، اردو ۽ فارسي ٻولين کي اها سپورٽ ناهي...
اسان جا ڪجهه دوست جهڙوڪ سائين بدرالدين ابڙو ۽ سنڌي يونيورسٽي جو ڪمپيوٽنگ شعبو ان گهڻ خرچ ۽ يڪسوئي جي حامل پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي.. کين ڪجهه اڳڀرائي به حاصل ٿي آهي..
جيڪڏهن اهو ڪم ٿي پوي ته جيڪر کوڙ سارو سنڌي مواد جيڪو ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهي کي آساني سان ٽيڪسٽ ۾ تبديل ڪري اي بوڪس جي صورت ۾ محفوظ ڪري سگهبو.. ان کانسواءِ کوڙ سارا ٻيا فائدا جهڙوڪ مٿيون توهان جو اٿاريل مسئلو پڻ سلجهي سگهجي...
 
مان توهان جي ڳالھ سان متفق آهيان..... ڇا ائين ته ناهي جو جڏهن اسين سنڌي جي ورڊ واري فائل کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪيون ٿا ته اسين صحيح
Encoding ۽ فونٽ سليڪٽ نٿا ڪيون جنهن جي ڪري اهو مسئلو اچي ٿو...
مون پهنجي ڪمپيوٽر تي سنڌي جي ورڊ واري فائل کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪري وري ان کي ورڊ 2013 ۾ کولي ڏٺو آهي ته فائل ساڳيو رهي ٿو . توهان ان تي ڪجه روشني وجهندا.....
 
جيڪو سافٽويئر توهان پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيو اهو ڪنهن به ورڊ فائيل کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪندي پنهنجي هڪ ڪيشي پڻ ٺاهيندو آهي اهو ئي سبب آهي ته جڏهن ان کي واپس ورڊ فارميٽ ۾ آندو ويندو آهي ته هو پنهنجي ان ساڳي ڪيشي کي استعمال ڪندو آهي.. ان ڪري نتيجا بهتر هوندا آهن ..
اهو ڪم بلڪل ائين هوندو آهي جئين جيڪڏهن توهان مووي ايڊيٽنگ سافٽويئر ذريعي ڪا مووي تيار ڪري encoding ڪندا آهيو ۽ آخر ۾ جڏهن ايڊيٽنگ سافٽويئر بند ڪندا آهيو ته هو پنهنجي ڪيشي ۾ موجود مووي کي پروجيڪٽ طور محفوظ ڪرڻ لاءِ آڇيندو آهي...
 
Back
Top