ائنٿروپالاجي جي اهميت

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ماجد جاگيراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2014۔

  1. ماجد جاگيراڻي

    ماجد جاگيراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدرآباد
    2 فيبروري جي تاريخ تي سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ منهنجو ائنٿروپالاجي تي شايع ٿيل آرٽيڪل

    ائنٿروپالاجي جي اهميت

    ماجد جاگيراڻي

    جيئن ته دنيا جي سڌريل سماجن ۾ ڏينهون ڏينهن نون نون موضوعن تي کوجنائون، بحث مباحثا ۽ تحقيقون ٿينديون رهن ٿيون، انساني دماغ فطرت جي هر راز کي سمجهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، اهو سڀ انساني دماغ جو ئي ڪمال آهي، جو اڄڪلهه انسان ذات جيتري ترقي ڪئي آهي، ماضي ۾ ان جو ڪو مثال ئي نٿو ملي ۽ ماضي جي انسان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو ته اڳتي هلي انسان ايڏي وڏي ترقي به ڪري سگهي ٿو، جو جيڪو انسان خونخوار جهنگلي جانورن کان بچا لا جهنگلن، بيابانن ۽ غارن ۾ پنهنجو سر بچائيندو لڪندي ٿي وتيو ۽ روزمرهه جي زندگي گذارڻ، پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ ڀرڻ لا جهنگ جي جانورن جو شڪار ڪري وقت گذاريندي ٿي رهيو، اهو ئي انسان اڳتي هلي فطرت جي هر راز کي سمجهڻ جي قابل ٿي ويندو ۽ ڏينهن رات جي محنتن، کوجنائن ۽ جدوجهدن سان لکين ۽ ڪروڙين سالن جي ارتقائي مرحلن مان گذري ڪري ايڏو وڏو ذهين، ڏاهو ۽ طاقتور ٿي ويندو جو مريخ تي وڃي پنهنجي فتح جا جهنڊا کوڙيندو. اڄڪلهه جيڪا سائنس ترقي ڪئي آهي، اها به لکين ۽ ڪروڙين سالن جي ارتقائي مرحلن مان گذري ڪري موجوده شڪل ۾ آئي آهي.

    لکين ۽ ڪروڙين سال پهرين وارن انسانن جي ارتقا، رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، عقيدن، قاعدن ۽ قانونن جو اڀياس ڪرڻ جي لا اسان وٽ ڪو به ٺوس ثبوت موجود نه آهي. سائنس جي ذريعي اسان کي جيڪي به پنڊ پهڻ جي صورت ۾ اوائلي دور جي انسانن جا آثارِ قديمه دريافت ٿيا آهن، انهن جو وڏي باريڪبيني سان سائنسدانن ليبارٽرين ۾ مشاهدو ڪري ٺوس سائنسي بنيادن تي معلومات حاصل ڪئي آهي. انسان ذات جي پوري ارتقائي مرحلن جي اڀياس ڪرڻ، ان جي ريتن رسمن کي پرکڻ ۽ سمجهڻ، تهذيبن ۽ مختلف ثقافتن جي اڀياس ڪرڻ واري علم کي سائنسدانن ائنٿروپالاجي جو نالو آهي.

    ائنٿروپالاجي جي ارتقا:-

    ائنٿروپالاجي اسان کي گذريل زمانن جي انسان ذات جي رهڻين ڪهڻين، ثقافتن، تهذيبن انهن جي عقيدن جي باري ۾ تمام باريڪبيني سان ڄاڻ فراهم ڪري ٿي، سڀ کان پهرين آثارِ قديمه جي علم جي ابتدا يونانين کان ٿي، اهي هميشه کان انسان جي اصليت بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪندا رهندا هئا، ان مسئلي جي حل لا اهي ڪيترائي سوال اٿاريندا هئا ۽ انهن جا جواب حاصل ڪرڻ جي لا وڏيون کوجنائون ڪندا هئا. تاريخ ۾ يونانين سان گڏوگڏ آثارِ قديمه جي علم جي وسعت ۾ اٽلي وارن جو به تمام گهڻو اهم ڪردار رهيو آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ ۾ ڪوبه هرج ناهي ته آثارِ قديمه جي علم جي پيڙهه رکڻ ۾ اٽلي به يونان سان گڏوگڏ ڀاڱي ڀائيوار آهي. 1873ع دوران آثارِ قديمه جي آثارن جون تصويرون ڪڍي انهن کي شايع ڪرڻ جو رواج پيو. ان کان بعد ۾ انسان جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن وس آهر محنتون ۽ ڪوششون ڪري سائنسي بنيادن تي باقاعدي آثارِ قديمه جي علم کي مستقل علم جي شڪل ڏني، جڏهن ته دنيا جي اڪثر يونيورسٽين ۾ هن علم جا شعبا کوليا ويا آهن، جيڪي ڏينهن رات محنت ڪري فطرت جي رازن کي وڌيڪ پروڙڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. 19 صدي عيسوي کان 20 صدي عيسوي جي شروع تائين، سائنسدانن آرڪيالاجي ۽ ائنٿروپالاجي جي علم جي مدد سان دنيا جي قديم ترين تهذيبن جا آثار ڳولهي لڌا، انهن تهذيبن ۾ ميسوپوٽيميا، فلسطين جا قديم آثار، آشورين تهذيب، مصر جا قديم آثار، يونان ۽ اٽلي جا قديمي آثار، بابلي تهذيب، ايران جا کنڊر، ڀارت جا قديم آثار جهڙوڪ Bhimbetka جون غارون ۽ ٽاڪرو اجها، هڙاپا، آمري تهذيب ۽ پنج هزار سال قبل مسيح کان به گهڻي پراڻي عظيم ۽ عاليشان موهن جي دڙي جي تهذيب شامل آهي. ائنٿروپالاجي ۾ انسان ذات جي پوري زندگي جي باري ۾ مختلف پاسن کان بحث مباحثو ڪيو ويندو آهي. ڪنهن به پراڻي شي، نوادرات، انساني ڍانچي، ڳريل پنڊ پهڻ جو C-14 Method جي ذريعي ۽ ٻين ڪيترن ئي سائنسي بنيادن تي ان جي عمر جو ڪاٿو لڳايو ويندو آهي، ان سان گڏوگڏ اها به خبر پوندي آهي ته لکين ڪروڙين سال پهرين انسانن ۾ ڪهڙيون خاصيتون ۽ خاميون هيون، اهي ڪهڙي ماحول ۾ رهندا هئا، انهن جا مذهبي عقيدا ڪهڙا هئا، اهي ڪهڙي نسل سان وابستگي رکندڙ هئا، انهن جو قدبت ڪيترو هو، انهن جي سماجي زندگي ڪهڙي نوعيت جي هئي، اهي ڪهڙي طرح شڪار ڪندا هئا ۽ ڪهڙا ڪهڙا پٿري اوزار استعمال ڪندا هئا، اهو سڀ ڪجهه ائنٿروپالاجي جي علم ذريعي ئي اسان ڄاڻي سگهون ٿا.

    آثارِ قديمه جي ماهرن، عام طور تي سڀني انساني دورن کي 4 مک ڌارائن ۾ ورهايو آهي، (1) وحشي پڻي جو دور (2) جانورن جي پالڻ ۽ پنهنجي انگ ڍڪڻ جو دور (3) زراعت جو دور (4) تهذيبن جو دور. جڏهن ته انسان جي ارتقا جي حوالي سان ماهر سائنسدانن جيڪي تاريخون بيان ڪيون آهن، اهي مختلف ڪتابن ۾ مختلف نوعيت جون آهن، ڇو ته هر ائنٿروپالاجسٽ ۽ آرڪيالاجسٽ پنهنجي پنهنجي تحقيق ۽ تجربي جي آڌار تي حوالا پيش ڪيا آهن، ڇو ته هن وقت تائين جيڪا تحقيق ٿي چڪي آهي، ان جو لکت ۾ رڪارڊ وڌ ۾ وڌ پنج هزار سال قبل مسيح تائين ملي ٿو، ان کان پهرين جو رڪارڊ نٿو ملي، ان جي ڪري مختلف ڪتابن ۾ مختلف تاريخن جا حوالا ملن ٿا. آرڪيالاجي ۽ ائنٿروپالاجي جي ماهرن ۽ سائنسدانن انسان جي پوري وجودي ارتقا کي ڪيترن ئي دورن ۾ ورهايو آهي، پر انهن مان 3 مکيه دورن جي درجابندي کي تفصيل سان هيٺ بيان ڪجي ٿو.

    1. هٿن وارو ماڻهو Homo Habilis:

    ائنٿروپالاجي جي ماهرن هومو هيبليس نالي مخلوق کي سائنسي بنيادن تي سڀ کان پهرين ۽ قديم انسان طور تصور ڪيو آهي، هن مخلوق دنيا ۾ پهريون ڀيرو پٿري اوزار گهڙڻ شروع ڪيا، انسان جي ارتقا جي حوالي سان هي تمام شروعات وارو وقت هو جو انسان نما هي مخلوق 20 لک سال قبل مسيح پهرين هن ڌرتي جي گولي تي وڌڻ ۽ ويجهڻ لڳي، هن مخلوق جا پنڊ پهڻ 64-1960ع ۾ اوڀر آفريڪا جي خطي تنزانيا مان ڳولهي لڌا ويا، سائنسدانن جي دعويٰ آهي ته هي دنيا جي پهرين مخلوق هئي، جنهن جانورن جي هڏن، وڻن جي ٽارين ۽ پٿرن مان اوزار گهڙڻ شروع ڪيا ۽ انهن جي مدد سان اها مخلوق شڪار ڪري پنهنجو گذران ڪندي هئي. هي پهرين مخلوق هئي، جنهن ٽولن جي صورت ۾ رهڻ شروع ڪيو، جتان خاندانن جو تصور وجود ۾ اچي ٿو ۽ انسان جا هڪٻئي سان همدردي وارا جذبا پيدا ٿيا، جڏهن ته هن مخلوق جي دماغي ڪئپيسٽي 600-750 CC هئي. هن مخلوق جو نسل آفريڪا جي سرزمين تي ٽڙيو ۽ پکڙيو، هن نسل جو مڪمل دارومدار جهنگ جي جانورن جي شڪار تي هو ۽ آهستي آهستي پو هي نسل يورپ ۾ پکڙڻ شروع ٿيو.

    2. اڀو انسان Homo Erectus:-

    سائنسدانن جي تحقيق مطابق ڏيڍ ملين يعني 15 لک سال اڳ ارتقائي مرحلن کانپو اڀو انسان ظاهر ٿيو، ماهرن جي را آهي ته ڌرتي تي هي پهريون انسان هو جيڪو شڪل شبيهه ۾ بلڪل اڄوڪي انسان وانگر هو، هي نسل آفريڪا مان لڏپلاڻ ڪري يورپ ۽ ايشيا ۾ اچي پهتو، هومو اريڪٽس جا جيڪي پنڊ پهڻ مليا آهن، انهن مان سائنسدانن اهو اندازو لڳايو آهي ته هن مخلوق جي ذهني ڪئپيسٽي 8500 CC هئي، جيڪا هومو هيبليس کان وڌيڪ هئي، ان دور ۾ هي مخلوق موجوده آفريڪا، چائنا ۽ انڊيا ۾ رهندي هئي، جڏهن ته دنيا ۾ باهه جو استعمال هن نسل کان شروع ٿيو، ڇو ته ڪروڙين سال پهرين به انسان باهه کي ڏسندو پئي آيو، پر اهو باهه کي سمجهڻ کان قاصر هو، ڇو ته اوچتو جڏهن سج جي تيز ۽ تکي روشني جهنگ جي سڪل گاهه تي پوندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ باهه لڳي ويندي هئي، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي باهه جا شعلا ٻيلن کي ساڙي رک ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا هئا، انسان ڪروڙين سالن کان اهڙي قسم جا تجربا ڏسندو پئي آيو. ڪيترن ئي ملين سالن کانپو نيٺ هومو اريڪٽس نالي مخلوق باهه کي سمجهي ورتو ۽ ان جي ٽيڪنيڪ حاصل ڪري ورتي، پو پٿرن کي پاڻ ۾ زور سان گسائي به انسان باهه جو استعمال ڪرڻ لڳو.

    3.باشعور ماڻهو Homo Sapien:-

    آرڪيالاجي ۽ ائنٿروپالاجي جي علم جي ماهر اسڪالرن Homo Sapien مخلوق کي سائنسي بنيادن تي باشعور انسان جو درجو ڏنو آهي، هن مخلوق جا پنڊ پهڻ اسرائيل مان لڌا ويا، سائنسي تحقيق کانپو ماهرن اها دعويٰ ڪئي ته اها مخلوق 4 لک سال اڳ موجود هئي، C-14 جي تجربي مان معلوم ٿيو آهي ته اصل ۾ اهائي مخلوق هئي، جيڪا ڪروڙين سالن جي ارتقائي مرحلن مان گذري ڪري مڪمل انسان جي سڌريل شڪل ۾ پهچي چڪي هئي، ان مخلوق جي باري ۾ دعويٰ سان سائنسدانن لکيو آهي ته اها مخلوق پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي هئي، ان مخلوق جي ذهني ڪئپيسٽي تقريبن 1200 CC هئي، دنيا جي هي پهرين مخلوق هئي جيڪا مڪمل طور تي انسان هئي، هن مخلوق ۾ شعوري سگهه تمام گهڻي هئي.

    پٿري زمانن جي درجابندي Classification of Paleolithic periods:-

    آرڪيالاجي ۽ ائنٿروپالاجي ۾ پٿر جي زمانن کي ٽن مختلف ۽ اهم حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جو احوال هن ريت آهي.

    1.پٿر جو اوائلي دور Paleolithic Period:-

    آثارِ قديمه جي علم جي ماهرن وڏي تحقيق ۽ کوجنا کانپو پٿر جي زمانن کي ٽن دورن ۾ ورهائي، تاريخ ۾ دلچسپي وٺندڙن لا وڏي آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي، پٿر جو اوائلي دور تقريبن 2 لک سال ق.م کان 60 هزار سال ق.م تائين ڦهليل آهي، هن زماني ۾ انسان ذات پٿر جي جديد هٿيارن جا بڻ بڻياد وڌا، هن دور ۾ پٿر جي هٿ ڪهاڙي ۽ ٻين جانورن جي هڏن مان ۽ وڻن جي ڪاٺ مان بي ڍولا هٿيار ٺاهي جانورن جي شڪار لا ڪتب آندا ويا. جن هٿيارن ۾ بعد ۾ آهستي آهستي ترقي ٿيندي رهي، ان کان علاوه ان زماني جي ماڻهن آرٽ جو بنياد پڻ وڌو، انهن شڪاري گروهن پنهنجي پسند جي شڪار جون تصويرون غارن ۾ جهنگلي جانورن جي رت سان ٺاهڻ شروع ڪيون، ان کان علاوه پٿري دور جي انسان مذهب جا به بڻ بڻياد وڌا، ڇاڪاڻ ته مافوق الفطرت جون ڪيتريون ئي شيون هيون، جيڪي انهن جي سمجهه کان مٿي هيون، جهڙوڪ اوچتو بارشن جا نه کٽندڙ سلسلا، کنوڻ جا چمڪاٽ، سج جو اوڀر مان اڀرڻ ۽ اولهه ڏانهن لهڻ، ان کان علاوه قابو ۾ نه ايندڙ دريائي وهڪرا ۽ خونخوار جهنگلي جانورن جي دهشت پٿر جي زماني جي ماڻهن کي عقيدن ۽ عجيب و غريب ڪشمڪش ۾ منجهائي ڇڏيو، جنهن کان پو انسان انهن مان ڪجهه شين جي محبت مان ته وري ڪن شين جي ڊپ ۽ خوف مان عبادت ۽ پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي، ته متان انهن جو قهر اسان کي تباهه ۽ برباد نه ڪري ڇڏي. اتان کان ئي مذهبن جا بنياد پيا ۽ انسان پنهنجي پسند ۽ مرضي مطابق پنهنجي خدائن جي درجابندي ڪئي ۽ پو آهستي آهستي لکين سالن جي ارتقائي مرحلن مان گذري ڪري اڄ دنيا ۾ مذهبن جون ڪيتريون ئي صورتون عقيده، ريتون رسمون، قاعدا ۽ قانون اسان جي سامهون آهن.

    2.پٿر جو وچون دور Mesolithic Period:-

    آثارِ قديمه جي ماهر سائنسدانن هن دور جي شروعات 13 هزار سال ق.م کان 9 هزار سال ق.م تائين ته ڪن وري 6 هزار سال ق.م ۾ پڄاڻي ڄاڻائي آهي، جڏهن ته هن دور ۾ برفاني دور جي پڻ پڄاڻي ٿي چڪي هئي ۽ انسان ذات تمام گهڻي ترقي ڪري چڪي هئي، ڇو ته اوائلي ماڻهن لا جن جانورن جو شڪار ڪرڻ مشڪل بڻيل هو، اهي هاڻي گڏيل صورت ۾ ذهني طاقت جي ذريعي آرام ۽ سولائي سان شڪار ڪري پنهنجي زندگي ۾ انقلاب آڻي چڪا هئا، هن دور ۾ انسان تمام جديد کان جديد ۽ تمام تکا هٿيار ٺاهڻ شروع ڪيا، ان کان علاوه پري تائين شڪار تي مار ڪندڙ نوڪدار جانورن جي هڏن مان هٿيار ٺاهي ورتا ۽ جيڪي شڪاري گروهه ۽ قبيلا غارن ۾ لڪي زندگي گذارڻ تي مجبور هئا، هاڻي اهي گڏجي ڪري گڏيل قوت ۽ طاقت ذريعي زمين جي ميداني علائقن ۾ به رهڻ لڳا.

    3. پٿر جو نئون دور Neolithic Period:-

    سائنسي اصولن مطابق هن دور جي شروعات 8 هزار سال ق.م کان وٺي 6 هزار سال ق.م تائين ٿي هئي، ان کان علاوه مختلف ڪتابن ۽ حوالن ۾ مختلف تاريخون درج ٿيل آهن. هي دور پٿر جي زماني جي پڄاڻي جو دور هو، هي پٿر جي زماني جو آخري دور ڪري ليکيو ويندو آهي، هن زماني ۾ انسان ذات ايتري ترقي ڪري چڪي هئي، جنهن جو ماضي ۾ ڪو مثال ئي نٿو ملي، هن دور ۾ انسان ذات زراعت جا اصول سکي ورتا ۽ پنهنجي خوراڪ حاصل ڪرڻ لا ڀاڄيون ۽ مختلف قسم جا فصل پوکڻ شروع ڪيا، هن دور ۾ انسان ڪچين سرن جي گهرن ۾ پرسڪون زندگي گذاري رهيا هئا، مذهبي عقيدا ۽ مذهب زور وٺي چڪا هئا، هر قبيلو ۽ معاشرو پنهنجي پنهنجي ريتن رسمن مطابق پنهنجي لا عبادتن جا طريقا ۽ اصول قائم ڪري ڇڏيا هئا، مذهبي عالم ۽ اسڪالر پنهنجي پنهنجي قبيلي جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا، هن دور ۾ مختلف تهذيبن جي ارتقا جا مرحلا شروع ٿي چڪا هئا، جن وري اڳتي هلي عظيم تهذيبن کي جنم ڏنو. هن دور ۾ پنهنجي ملڪيت جو تصور پيدا ٿيو، مثال طور زمين، گهر ۽ جانورن کي ملڪيت طور تسليم ڪيو ويو، مذهبي ماڻهن کي طاقت جو سرچشمو بڻايو ويو، زمين مان اناج پيدا ڪرڻ جو دستور شروع ٿيو ۽ هن دور ۾ انسان ٻين جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، جتان جنگين ۽ لڙاين جو بنياد پيو، جيڪي اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهن.

    ائنٿروپالاجي ۾ ثقافت جي اهميت:-

    ثقافت لفظ جي معنيٰ کي علم الانسان جي ماهرن پنهنجي پنهنجي نقطه نظر سان بيان ڪيو آهي، جن جو محور هڪ ئي آهي ته "انسان ذات جي زندگي گذارڻ جي طريقيڪار کي ثقافت چئبو آهي." جيئن ته انگريزي ۾ ثقافت لفظ کي Culture چئبو آهي، انساني ڪلچر ۾ ذهني ترقي، مذهبي رسمون، تهذيبي قدر، تاريخي روايتون، سماجي رواج، روحاني عقيدا، عبادتن جا طريقا، ڳائڻ وڄائڻ، عورتن جا زيور، روزمرهه ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ، ذهني جسماني تفريح لا راند روند، عرس، ميلا، عيدون ۽ مذهبي ڏينهن شامل ٿين ٿا. جڏهن ته جديد تحقيق ۾ مذهب، تاريخ، جاگرافي، ٻولي ۽ لباس کي ثقافت جي بنيادي عنصرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

    ائنٿروپالاجي ۾ تهذيب جي اهميت:-

    جيئن ته علم الانسان جا ماهر تهذيبن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، اهي تهذيبون ئي هونديون آهن جيڪي ڪنهن قوم کي ٻئي قوم کان جداگانه حيثيت ۽ مقام ڏئي بيهارينديون آهن، جيئن ته ثقافت جي معياري پاسن يا پيداوار، ٻولي، لکت، فن، فڪر، عمارت سازي، معاشري ۾ موجود ريتن رسمن جي سڌريل شڪل ۽ ماڻهن جي ان وقت جي سماج ۾ رائج عقيدن کي تهذيب چئبو آهي. جڏهن ته تاريخ ۾ تهذيبون هميشه درياهن جي ڪنارن تي اسريون ۽ پروان چڙهيون آهن، اوائلي ماڻهو درياهن جي ڪنارن تي پنهنجا اجها ۽ ڳوٺ اڏي ويهندا هئا، جيئن روزمرهه جي ضرورتن سان گڏ انهن جي جياپي لا پاڻي، زراعت ۽ کاڌي پيتي جو انتظام بهتر نموني سان ٿي سگهي. انسان ذات جي ارتقا کان وٺي هن وقت تائين ڪيترين ئي تهذيبن جنم ورتو ۽ وقت سان گڏ انهن تهذيبن ڪيترائي عروج ۽ زوال ڏٺا ۽ وقت جي بدلجندڙ صورتحال سبب انهن قومن جا وجود ئي ميسارجي ويا، گذريل ڏيڍ صدي دوران ائنٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي جي علم جي واڌاري ۽ ترقي جي ڪري ئي اسان سائنسي بنيادن تي حضرت انسان جي ارتقا کان واقف ٿي سگهيا آهيون ۽ انسان ذات جي اوائلي زندگي جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ظاهر ۽ عيان ٿي چڪو آهي، ۽ ايندڙ وقت ۾ گهڻو ڪجهه اسان جي اڳيان ائنٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن جي کوجنائن ۽ اڻٿڪ محنتن جي بدولت ظاهر ٿيڻو آهي.

    majid_jagirani89@yahoo.com
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اينٿروپالاجي جي باري ۾ اوهان بهترين تعارفي ليک لکيو آهي. واقعي مونکي به گهڻن ڳالهين جي اڄ ئي خبر پئي. ان فيلڊ بابت اھ ايتري ڄاڻ ڪانه هئي.

    اوهان کي عرض ته اينٿروپالاجي جي باري ۾ ننڍا مضمون ۽ حوالا ڏئي ان کي سولي نموني پيش ڪري سنڌي ۾ مواد ڪٺو ڪيو جيئن اينٿروپالاجي جي باري ۾ گوگل سرچ تي سنڌي ۾ مواد ملي سگهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    تمام سٺي ڄاڻ انسان ذات جي ارتقا ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ سان گڏوگڏ سنڌي ۾ لکيل اهڙي مضمونن تي لکڻ وقت جي اشد ضرورت آهي، ماجد اوهان جا لک ٿورا ۽ اميد ته آئينده به اهڙيون ڄاڻ ڀريون تحريرون پوسٽ ڪندا رهندا...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو